چندروءَ سان پوني جا چڪر
“يار چندرو تون اجايو مون لاءِ هيڏي تڪليف ٿو وٺين.” چيومانس.
“نه سائين توهان اسان جا وڏا آهيو، توهان دادا جا مهمان آهيو، جنهن جا اسان تي لکين ٿورا آهن. توهان جي ڪم اچڻ کي ته آءٌ پنهنجي خوش نصيبي ٿو سمجهان.” هُو وراڻيندو هو.
چندرو چاليهه کن ورهين جو جوان آهي، شايد جسماني هاٺي اهڙي اٿس يا سڄو ڏينهن موٽرسائيڪل تي هلڻ ڪري ڪافي صحتمند لڳي ٿو. پهرئين ڏينهن کان وٺي مون کي چوندو رهيو ته “سائين هڪ ويلو مانيءَ جو اسان جي گهر به هلي کائو.” آخري ڏينهن تي گهڻو زور ڀرڻ تي چيومانس: “چندرو مانيءَ بدران فقط چانهه پيارين ته هينئر ئي هلان.” ڏاڍو خوش ٿيو. سندس گهر پهچي خوشي ته مون کي به ٿي جو سندس قابل پڙهيل ڳڙهيل ۽ مشهور شخصيت پيءُ ليکراج موهيناڻي سان ملاقات ٿي، جيڪو دادا جشن جي تمام ويجهو رهيو آهي.
ليکراج جو پتا (۽ چندرو جو ڏاڏو) ايسر داس بيگراج موهيناڻي، راڻيپور سنڌ جو رهاڪو هو. هن ڪجهه سال ميرن وٽ نوڪري ڪئي. ان بعد اجمير ۾ “بي ليلارام ائنڊ سنز” ۾ اڪائونٽنٽ ٿيو. سندس لاهور ۽ مسوري ۾ پنهنجا دڪان پڻ هئا. چندرو جي والد ليکراج ٻڌايو ته هن جي ڄم جي تاريخ 6 مارچ 1937ع آهي. ورهاڱي وقت هو ڏهن سالن جو هو ته اجمير آيو، جتي سندس پيءُ نوڪري ڪئي ٿي، ان بعد هو مسوري آيا، تنهن کان پوءِ ناسڪ ۾ اچي رهيا. “1954ع ۾ مون مئٽرڪ ڪئي.” چندرو جي پيءُ ليکراج ٻڌايو، “1960ع ۾ پوني ۾ اچي B.A ڪيم ان بعد اتان ئي بي. ڪام ڪيم.”
ان وقت جون ڳالهيون ڪندي هن ٻڌايو ته، “1961ع ۾ پوني ۾ ايڏي ته وڏي ٻوڏ آئي جو پوني جو اڌ شهر ٻڏي ويو هو.”
ليکراج کي ٻه ڀائر هري رام ۽ ڪنهيا لعل آهن. ڪنهيا لعل به هتي پوني ۾ رهي ٿو. سندس اڪيلي ڀيڻ نانڪي (يعني چندرو جي پڦي) پنهنجي مڙس ڪرم چند سان گڏ راجستان ۾ رهي ٿي.
چندروءَ جي والده ايشوريءَ ٻڌايو ته هن جي پتا جو نالو ڀائي ديارام آهي ۽ هنن جو اصل ڳوٺ ميرپور ماٿيلو آهي. کين پنج ٻار ٿيا جن ۾ چندرو اڪيلو پٽ آهي باقي چار ڌيئرون آهن، جن مان وڏي اوشا جي شادي پير جي ڳوٺ وجي ڪمار هنس سان ٿي. ٻي مالا آهي جيڪا هنن سان گڏ رهي ٿي ۽ پوني جي سينٽ ميران اسڪول ۾ پڙهائي ٿي. ٽين ڀيڻ ڪويتا جي شادي ڪمار ساڌواڻي سان ٿي آهي ۽ چوٿين ڀيڻ ريٽا جي خيرپور ميرس جي ڄيٺواڻي فئمليءَ جي ڀڳوان ڪمار سان ٿي.
چندرو جي گهر چانهه تي هنن انگور ۽ اسٽابيري ميوو پڻ رکيو هو. هنن ٻڌايو ته هي فروٽ هن صوبي مهارا شٽرا جو ئي آهي، انگور ۽ اسٽابيري ٿڌن علائقن جو ميوو آهي، مهاراشٽرا ۾ ڪيتريون ئي هل اسٽيشنون ۽ سطح سمنڊ کان بلند علائقا آهن، جتي اونهاري ۾ به ٿڌڪار رهي ٿي. هنن ٻڌايو ته انگور تاس گاﺂن جا آهن ۽ اسٽابيري مهابليشور جي آهي.
انهيءَ ۾ ڪوشڪ ناهي ته پوني شهر ۾ مون لاءِ چندرو وڏي مدد ۽ Guide هو. هُو پوني ۾ ڄائو، نپنو ۽ سڄي عمر پوني ۾ گذارڻ ڪري پوني جي گهٽيءَ گهٽيءَ کان واقف آهي.”دادا جشن جو ڪير به مهمان اچي ٿو ته ان جي خدمت ڪرڻ آءٌ پنهنجي ڊيوٽي سمجهان ٿو.” چندروءَ ٻڌايو.
پوني جون مختلف جايون گهمڻ لاءِ مون هر وقت چندروءَ سان صلاح ٿي ڪئي ته اهي ڪٿي آهن، ڪيئن وڃجي ۽ انهن کي ڏسڻ لاءِ ڪهڙو وقت صحيح رهندو. چندرو پنهنجي موٽر سائيڪل تي ويهاري جلدي جلدي پهرين انهن گهٽين ۽ رستن جا چڪر ڏياري ايندو هو، جن تي ٺهيل مسجدون، مندر، پراڻيون عمارتون، سئنيمائون ۽ شاپنگ سينٽر مون ڏسڻ ٿي چاهيا ۽ پوءِ انهن مان چونڊ جاين تي آءٌ آٽو رڪشا ذريعي پهچي ويندو هئس ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق ٿورو يا گهڻو وقت ترسي فوٽا ڪڍندو هئس ۽ مقامي ماڻهن سان خبرچار ڪندو هوس. چندرو مون کي لِي مارڪيٽ، کوڙي گارڊن، بمبئي بازار، لياقت آباد ۽ حيدرآباد جي ريشمي گلي ۽ فقير جي پڙ جهڙين سوڙهين گهٽين ۾ به پنهنجي موٽرسائيڪل تي وٺي هليو ٿي، جيڪي گهٽيون ڪنهن جي ڪار يا ڀاڙي جي آٽو رڪشا ۾ به نه ڏسي سگهان. ڪا اهڙي عمارت يا ايمپريس مارڪيٽ جهڙي بازار وري گهمڻ چاهيندو هئس ته ان جو نالو نوٽ ڪري ٿي ورتم ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن رڪشا ۾ يا پنڌ پهچي ويس ٿي. هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته پوني ۾ تمام گهڻا فارينر اچن ٿا تاريخي جايون ڏسڻ لاءِ، نائيٽ لائيف Enjoy ڪرڻ لاءِ، اوشو جي Mediation سينٽر لاءِ، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ داخلائون وٺڻ لاءِ... ۽ ان ڪري هتي هوٽلون به هر قسم جون آهن ۽ تمام گهڻيون. ڪن هوٽلن جا نالا عجيب يا دلچسپ هجڻ ڪري هن وقت به ياد اٿم. موليڊنا روڊ تي هوٽل اروڙا ٽاورس، هوٽل سينٽرل پارڪ ۽ ڀرسان هوٽل ساگر پلازا، راجيو گانڌي پارڪ ۾ هوٽل ليمن ٽري، ڪوريگائون روڊ تي هوٽل سن ائنڊ سئنڊ، گرين پلازا ۽ تاج بلوڊائمنڊ، جنگلي مهاراج روڊ تي هوٽل سپنا ۽ سندرين هوٽل... وغيره وغيره. هتي فائو اسٽار هوٽل جي روز جي مسواڙ 8000 کان 16000 انڊين رپيا آهي، يعني پنهنجا ڏيڍوڻا پئسا ٿيندا، فور کان ٿِري اسٽار هوٽل جي مسواڙ 4000 کان 1200 تائين آهي، جيئن سائوٿ ڪورٽ، سريا ولا، سمارٽ ان، لوٽس، هوٽل، ميرو وغيره سستين هوٽلن مان آهن.
هتي پوني ۾ رستن تان لنگهندي بئنڪون به جام نظر اچن ٿيون، ڪي ته اهڙيون بئنڪون آهن جن جا نالا مون ڪڏهن نه ٻڌا ۽ نه دهلي يا بڙودا ۾ هن کان اڳ نظر آيون. لڳي ٿو پوني واپار جي نوعيت کان اهم شهر آهي. ڪجهه اهڙيون نوَن نالن واريون بئنڪون هن ريت آهن: اربن بئنڪ، ڪنارا بئنڪ، ڪاسمس بئنڪ، وش ويشور بئنڪ، ميسور بئنڪ، مودي بئنڪ، سنڌ پنجاب بئنڪ، تريمورتي بئنڪ، سرسوتي بئنڪ، سنگالي بئنڪ، مسلم ڪوآپريٽو بئنڪ، مهاراشٽرا بئنڪ، ماها بئنڪ، جنتابئنڪ وغيره. پوني ۾ بئنڪن ۽ هوٽلن کان به وڏو تعداد اسپتالن جو نظر اچي ٿو، جنهن ۾ گهڻيون تڻيون خيراتي ۽ غريب ماڻهن جي علاج لاءِ آهن ۽ ان کان وڏو انگ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو آهي. ڪيترائي تعليمي ادارا انگريزن جي دور کان هلندا اچن. جن جي سونهن سوڀيا سان گڏ پڙهائيءَ جو معيار به قائم رکيو ويو آهي. سينٽ ائنڊريوز، سينٽ ائنٿونيس، سينٽ ايڊورڊ، سينٽ فارم، سينٽ فرانسز، سينٽ هيلين، سينٽ جان، سينٽ مئري، سينٽ پال، سينٽ فلپس، سينٽ ونسينٽ جهڙا ڪيترائي مشنري اسڪول اڃا تائين پوني ۾ هلي رهيا آهن. هتي هندن جو وڏو تعداد آهي، ٻئي نمبر تي مسلمان ۽ پوءِ عيسائي آهن. جيترا هندو آهن ان حساب سان گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ننڍو مندر آهي، پر مسجدن جو ايڏو تعداد ناهي. چيو وڃي ٿو ته هندستان ۾ مذهب جي آزادي آهي، پر ائين ته ڪو جتي ڪٿي مسجد ٺهرائي ڏيکاري، جيئن مندر آهن يا ائين ڪٿي به رستي يا پارڪ ۾ ڪير به نماز پڙهندي نظر نه آيو، جيئن هندو رستي تي رکيل ڪنهن مورتيءَ کي ايندي ويندي ’پرنام‘ ڪن ٿا. سمجهو ته ڪلفٽن يا ناظم آباد جيڏي وڏي علائقي ۾ هڪ يا ٻه مسجدون مَس آهن، جن ۾ جمعي جي نماز تي ئي نمازين جو هجوم نظر اچي ٿو، چندروءَ جيڪي ٽي چار مسجدون ڏيکاريون، اهي مسجدون نه پر درگاهون ۽ ڪن بزرگن جون مزارون هيون، جيئن ’بابا جهان کي درگاهه‘، ’شادل بابا درگاهه‘، ’سيد احمد علي شاهه جي مزار‘... وغيره وغيره. منهنجي رهائش واري جاءِ ساڌو واسواڻي چوڪ وٽ به روڊ تي ’پنج پير‘ نالي درگاهه هئي، جتي نماز گهٽ پر فلمي ڌنن تي قواليون گهڻيون پئي وڳيون، اهي ڏينهن انهن ’پنجن پيرن‘ جي عرس جا ڏينهن هئا ۽ مسلمانن توڙي هندن انهن جي قبرن توڙي ڀتين ۽ دروازن کي ائين پيو چُميو جيئن ان قسم جو شرڪ اسان وٽ سچن ڪوڙن پيرن فقيرن جي مزارن تي ٿئي ٿو. ڪنهن به سچي پير يا مرشد ائين نه چاهيو هوندو ته ماڻهو نمازون ۽ روزا ڇڏي، سندن قبرن کي چُمن ۽ عورتون ۽ مرد ڀنگ چُڪو پِي مستيءَ ۾ نچن ۽ فلمي گانن، “تو ٿورا ميٺا هي ٿورا سا ڪڙوا هي” ۽ “روپ تيرا مستانا...” جهڙن گانن جي ڌُنن تي قواليون ڳائين. اتي گوا جي هڪ مسلمان فئملي ملي. ماءُ پنهنجي جوان ڌيءَ نسرين کي پنهنجي پٽ سان گڏ وٺي، هتي حاضري ڀرڻ آئي هئي.
“ٻڌو اٿم ته هتي جيڪو حاضريءَ لاءِ اچي ٿو، هي پير ان جون دل جون مرادون پوريون ڪن ٿا.” ماءُ چيو.
“ڪيئن ڀلا؟” مون پڇيو.
“ڏسو ته ڪيترا هندو به هتي هنن پِيرن جي قدمن ۾ ويٺا آهن. يعني قبرن جي پيرانديءَ کان ويهي قبرن تي نرڙ رکيو ويٺا آهن.” ماءُ چيو.
نسرين ۽ سندس وڏو ڀاءُ ارشاد ڪافي پڙهيل ڳڙهيل هئا، ارشاد اتي گوا ۾ نوڪري ٿو ڪري ۽ نسرين هينئر M.Sc ڪئي آهي. سندس ماءُ ٻڌايو ته هن کي نسرين جي شاديءَ جو وڏو فڪر آهي. ان ڪري هُو جنهن ڪاني ڪرامت واري پير فقير جو ٻڌي ٿي ته ان جي مزار تي حاضر ٿئي ٿي ۽ التجا ڪري ٿي ته نسرين جي جلد شادي ٿئي ۽ کيس سٺو گهوٽ ملي.
هتي اهو هڪ قسم جو ڪلچر نظر اچي ٿو، ته هندو توڙي مسلمان، گهوٽ جي ڳولا کان گهوڙن جي ڊوڙ تائين، لڪي بانڊ کان جوا ۾ بازي کٽڻ لاءِ اهڙن پيرن، پنڊتن، مندرن درگاهن ۽ فال ڪڍڻ وارن وٽ پهچي ٿو.
چندرو، مون کي ساس باغ نالي مندر ڏي پڻ وٺي هليو، جنهن ۾ شري سڌوي نايڪ جي مورتي رکيل آهي، جنهن لاءِ هن ٻڌايو ته هي ديوتا هر هڪ جي دل جون مرادون پوريون ڪري ٿو. مون ڏٺو ته هن مندر ۾ ماڻهن جو ميلو متل هو. چندروءَ ٻڌايو ته روزانو ڏهه هزار کن سوالي، هن شهر پوني ۽ سڄيءَ انڊيا کان اچن ٿا. خاص ڏينهن تي روزانو اڌ لک کان به گهڻا ماڻهو اچن ٿا. وڏا وڏا سياستدان ۽ وزير مشير هن ديوتا شري سڌوي نايڪ جي blessing حاصل ڪرڻ لاءِ هن پاڪ مندر ۾ اچن ٿا. مندر جي هڪ نوجوان ٻائي ٻڌايو ته ارڙهين صديءَ ۾ پاروتي پهاڙيءَ تي شري ديو ديوشوار جي مندر ٺهڻ بعد، شريمانت نانا صاحب پيشوا هن پهاڙيءَ جي آس پاس واري علائقي کي خوبصورت بنائڻ جي خيال کان، هن جبل جي قدمن ۾ ڍنڍ جي وچ ۾ هڪ ٻيٽاري تي هڪ خوبصورت باغيچو “سرس باغ” ٺاهيو. ان ۾ پوڄا لاءِ مندر ٺاهيو، جنهن ۾ “شري سڌوي نايڪ گجانان” جي مورتي اچي رکي، جنهن ڀڳوان جي هن شروع کان پوڄا ڪئي ٿي. سارس باغ شهر جي وچ ۾ سوارگيٽ واري علائقي ۾ آهي. پاروتي روڊ، بالاجي وشواناٿ پيشوا (BVP) روڊ ۽ گرو جي روڊ وغيره سڀ سارس باغ وٽان لنگهن ٿا.