الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6162
  • 1165
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

ديدي رتنا ۽ ايسوري جوتواڻي کان دادي ليلان تائين

انڊيا جي شهر پوني ۾ هڪ ٽوئرسٽ جي ڏسڻ ۽ گهمڻ ڦرڻ لاءِ نه فقط شاپنگ سينٽر، هوٽلون، ڪلب، بار هائوس، سئنيمائون، درياهه جا ڪنارا، پُليون، مندر، مسجدون، جهونا ۽ نوان تعليمي درسگاهه آهن، پر ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون، ميوزيم، چڙيا گهر ۽ محل ماڙيون به آهن. ايتريقدر جو پوني ۾ ڪنهن گائيڊ يا رهنما کان پڇڻ جي ضرورت نه آهي، ته هتي ڏسڻ وٽان ڪهڙي شيءِ آهي؟ توهان پنڌ يا رڪشا (جيڪا هتي آٽو سڏجي ٿي) ۾ چڙهي ڪنهن پاسي به نڪري وڃو، توهان کي اتي ڪانه ڪا دلچسپيءَ جي شيءِ ضرور نظر ايندي ۽ هفتو ڏيڍ ته ڄڻ خواب وانگر گذريو وڃي. راجا ڊنڪار ڪيلڪر ميوزيم، آغا خان پئلس، ڪسوتربا گانڌي ميموريل، شنيوار وادا، سار باغ، اٺين صديءَ جا پٽاليشور غارن وارا مندر، ڀڳوان رجنيش وارو اوشو آشرم، ڪتراج نانگ جو پارڪ، آبي پکين کي ڏسڻ لاءِ مُولا مُٺا نديءَ جي ڪناري تي بُند (Bund) گارڊن، تر شرنگي مندر، مِني ڊزني لئنڊ وارو اُپُ گهر، اندرا گانڌي اڌيان، ڊون بوسڪو پُل وٽ ٽرائبل ميوزيم... ۽ ٻيون انيڪ شيون ڏسڻ وٽان آهن. اسان پاڪستانين لاءِ ته هتي جي ماڻهن جا ويس وڳا، ڳالهائڻ جو اسٽائيل، مختلف قسمن جون سواريون، مختلف دڪان ۽ انهن تي وڪامڻ واريون شيون... هر شيءِ عجيب ٿي لڳي ۽ اسان جي ملڪ جي ڪيترين ڳالهين کان نرالي ٿي لڳي. ڪڏهن ڪڏهن ته آءٌ چانهه پيئڻ لاءِ فٽ پاٿ واري ڪنهن ريسٽورنٽ ۾ بينچ تي ويهي رستي تان لنگهندڙ ماڻهن ۽ سوارين جو نظارو ڪندو رهندو هئس يا ان ريسٽورنٽ يا هوٽل ۾ آيل گراهڪن کي ڏسندو رهندو هئس ته ڪيئن ٿا اڊلي ڊوسا کائين، ڪيئن ٿا هڪ ٻئي سان ڪچهري ڪن. ڪجهه دير بعد وري ڪنهن آٽو يا ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي شهر جي ڪنهن نئين ڪنڊ پاسي ڏي نڪري ويندو هئس. ان تان ياد آيو ته هڪ ڏينهن پوني جي هڪ جهوني علائقي جي هڪ اهڙي گهٽيءَ مان اچي لنگهيس، جيڪا ڪراچيءَ جي جوڙيا بازار لڳي ٿي ۽ جتي فقط ٿانوَن جا دڪان هئا. جست، پتل ۽ اسٽيل جا پتيلا، ڪڻڇيون، ديڳڙا، ڪريون، دِلا، چونئريون وغيره ۽ اهو ڏسي حيرت ٿي ته انهن دڪانن مان ڪيترن جا مالڪ بوهري هئا. هڪ بوهريءَ جو غير ملڪي ناڻو مٽي ڏيڻ جو به دڪان هو، جنهن کان ڪجهه ڊالر مَٽايم. اها ڳالهه نوٽ ڪيم ته هن بوهريءَ يا پوني جي ٻين ناڻو مٽي ڏيڻ وارن مرهٺي، گجراتي ۽ سِک دڪاندارن ان مٽاسٽا تي گهڻو فائدو نٿي رکيو، يعني selling ۽ buying ۾ چند پئسن جو فرق هو. يعني انڊيا ڇڏڻ وقت انڊيا جي ڪرنسي ڏئي وري ڊالر خريد ڪرڻ ۾ مون کي ڪو خاص نقصان نه ٿيندو. دراصل اها به هڪ ڳالهه جيڪا ٽوئرسٽن جي حق ۾ بهتر آهي ۽ هُو دل کولي غير ملڪي ناڻو مٽائي ٿو ۽ خرچ ڪري ٿو، جنهن مان انڊيا کي فائدو رسي ٿو، ساڳئي وقت هن جا بچيل پئسا ضايع نٿا ٿين ۽ مٽجيو وڃن.
پوني ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ بعد تقريباً روز ساڌو واسواڻي مشن جي آفيس ۾ به هليو آيس ٿي، جنهن سان گڏ ساڌو واسواڻيءَ جو کوليل اسڪول سينٽ ميران گرلس هاءِ اسڪول آهي. ڪنهن ڏينهن موڊ ٿيندو هئو ته ڪنهن ڪلاس ۾ گهڙي ٻارن سان انگريزيءَ ۾ خبر چار ڪندو هئس، جن ۾ مرهٺي سنڌي ۽ گجراتي ڳالهائڻ واريون ڇوڪريون هيون. هنن سڀني هندي يعني اسان واري اڙدو سمجهي ٿي پر ميڊيم آف انسٽرڪشن انگريزيءَ ۾ آهي. هن اسڪول جي پرنسپال مئڊم ڪرن جوتواڻي سنڌياڻي آهي. سندس آفيس ۾ به اچي ويهندو هئس، پر گهڻو مزو ساڌو واسواڻي مشن جي آفيس ۾ ايندو هو، جتي ڪيترائي ماڻهو ويهن ٿا ۽ هر هڪ مون سان پهرئين ڏينهن کان فري ٿي ويو هئو. مهيش آئيداساڻيءَ سان گيسٽ هائوس ۾ به خبرچار ٿيندي هئي ته هتي آفيس ۾ به. آفيس جي ائڊمن آفيسرياڻي رجني آهوجا آهي. گهڻو ڪري چانهه ان وٽ پِي، پوءِ ڪنڊ واري ڪئبن ۾ ڪرشنا ڪماري ٿڌاڻيءَ يا نريش سنگهاڻيءَ وٽ هليو ايندو هئس. هنن سان سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندي سنگاپور ۽ ملائيشيا جا سنڌي ياد اچي ويندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ليکراج موهيناڻي جي پٽ چندرو سان گڏ راجيش Maintenance انجنيئر جي ڪمري ۾ اچي ويهندا هئاسين، جتي ڪڏهن ڪڏهن سندس پتا شيتل پوهومل ويٺل هوندو هو ته هُو پنهنجي ڳوٺ مانجهند جون يا سندس زال (راجيش جي ماءُ) لڪشمي ديويءَ جي ڳوٺ ٽنڊي آدم جون ڳالهيون شروع ڪري ڏيندو هو، جيڪي منهنجي لاءِ واقعي دلچسپ هونديون هيون.
هن آفيس ۾ سڀ کان سينيئر يا کڻي چئجي وڏي عمر ۽ وڏي عهدي واري ديدي رتنا واسواڻي آهي. پاڻ انهن باقي حيات ماڻهن مان آهي جن ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي (سڄو نالو ٿانورداس ليلارام واسواڻي) کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڏٺو، هن وٽ تعليم حاصل ڪئي ۽ هن جي مشن: غريبن جي مدد ڪريو، تعليم عام ڪريو خاص ڪري عورتن ۾، بيمارن جي سهڪار ڪريو وغيره کي اڄ تائين قائم رکنديون اچن. ساڌو واسواڻي 25 نومبر 1879ع تي جنم ورتو ۽ 1966ع ۾ وفات ڪئي. مهيش يا ان جي زال مينو، راجيش، رجني يا ڪرشنا ڪماري ساڌو واسواڻيءَ جي وفات بعد ڄاوا ۽ هنن نه ڏٺو يا ايڏي ننڍي عمر جا هئا جو هنن کي ساڌو واسواڻيءَ جون ڳالهيون ياد نه آهن، پر ديدي رتنا ۽ هن آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ايشوري جوتواڻي ۽ ڪوشيلا نه فقط ساڌو واسواڻيءَ وٽ حيدرآباد ۾ ساڌو واسواڻيءَ وٽ پڙهيون پر هنن پنهنجي سڄي زندگي ساڌوءَ جي مهم يعني خدمتِ خلق ۾ ڏئي ڇڏي آهي. ايشوري هن وقت 80 سالن جي آهي يعني ساڌو واسواڻيءَ جي وفات تي هُوءَ 36 سالن جي هئي. هندستان جي ورهاڱي وقت هُوءَ سترهن ارڙهن سالن جي هئي ۽ سنڌ مان ساڌو واسواڻيءَ جي ٺهرايل ڇوڪرين جي اسڪول ۽ ڪاليج مان پڙهي، پوءِ هيڏانهن پوني ۾ اچي ساڌو واسواڻيءَ جي تعليمي ڪمن ڪارين ۾ مدد ڪئي، ديدي رتنا، ايشوري جوتواڻي، ڪوشيلا ۽ ويندي ممئيءَ ۾ رهندڙ سندن ڀيڻ ڊاڪٽر مونا جنهن سان گڏ آءٌ ممبئيءَ کان پونا پهتو هئس. اڪثر پنهنجي ننڍپڻ جون ڳالهيون خاص ڪري حيدرآباد سنڌ جي ڪندن مل گرلس اسڪول ۽ ميران گرلس هاءِ اسڪول جي ڏينهن جون ڳالهيون ڪنديون رهيون ٿي، اهي وڏي غور سان ٻڌندو رهيس ٿي. ايشوريءَ چيو ته، “آءٌ نٿي سمجهان ته سنڌ ۾ ڪا اسان جي عمر جي هوندي، جيڪا توهان کي انهن اسڪولن ۽ ساڌو واسواڻيءَ جون ڳالهيون ٻڌائي سگهي؟”
“هڪ آهي. جنهن سان آءٌ هينئر ملي پيو اچان.” مون اها ڳالهه ڪري کين حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. هُو سوچ ۾ پئجي ويون.
“مسٽر الطاف ڪير آهي؟” ديدي رتنا واسواڻيءَ پڇيو.
“توهان سوچيو،” مون کين چيو، “هُوءَ توهان کان به سينيئر هئي. ديدي رتنا کان به ڏهه پنڌرنهن سال وڏي... هن وقت هُوءَ گهٽ ۾ گهٽ 94 سالن جي هوندي. هُوءَ حيدرآباد ۾ رهي ٿي ۽ هُوءَ سڄي عمر ساڌو واسواڻي جي مِشن ’ڇوڪرين کي تعليم ڏيو‘ تي ڪم ڪندي رهي.”
هنن مان ڪوبه ٻڌائي نه سگهيو ۽ مون جيئن ان عورت جو نالو ’دادي ليلا‘ ورتو ته کانئن خوشيءَ مان رڙ نڪري وئي، ته هُو هڪ مهان عورت کي وساري ويٺيون هيون.
دادي ليلان کي اسان ننڍي هوندي کان ڏٺو، جڏهن هُوءَ اسڪولن جي انسپيڪٽريس هئي. هُوءَ اسان جي ڀيڻ جي گهر ايندي هئي، جنهن جو مڙس ۽ دادي ليلان جو مڙس ڊاڪٽر تلسي داس هرچنداڻي ٻئي دوست ۽ ڪليگ هئا. انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ اڃان ڇوڪرين جو اسڪول نه هو. دادي ليلان نه فقط اسان جي ڳوٺن جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ پر ڀر وارن ڳوٺن خانوٺ، ڀاڻوٺ ۽ ڀٽ شاهه جي گهر گهر وڃي والدين کي پنهنجين ڇوڪرين کي پڙهائڻ لاءِ قائل ٿي ڪيو. ساڌو واسواڻيءَ جي هيءَ نه فقط شاگردياڻي ٿي رهي، پر هن جي مريدياڻي به ٿي اڄ تائين هن جي قولن کي قائم رکندي اچي ۽ اهي قول ڪهڙا آهن... ساڌو واسواڻيءَ جي تمنا ڇا هئي... ته گهر گهر ۾ تعليم عام ڪئي وڃي خاص ڪري ڇوڪرين جي تعليم ضروري آهي. غريبن ۽ لاچار ماڻهن جي مدد ڪئي وڃي. بيمارن جي تيمارداري ڪئي وڃي... وغيره. اڄ سنڌ جون هزارين پڙهيل ڳڙهيل عورتون دادي ليلان جون ٿورائتيون آهن، جنهن هنن کي تعليم لاءِ آماده ڪيو.
دادي ليلان، حيدرآباد جي هيرآباد واري علائقي ۾ هڪ امير عامل هندوءَ جي گهر ۾ 20 ڊسمبر 1916ع تي جنم ورتو. انهن ڏينهن ۾ هيرآباد سنڌ جو پئرس ۽ لنڊن هو. اها ڪهڙي شيءِ هئي، جيڪا بلخ بخارا، سمرقند تهران يا بصري بغداد ۾ هئي، پر هيرآباد جي گهرن ۾ نه هئي. هيرآباد ۾ رهندڙ هندن مان اڌ کن سرڪاري وڏين نوڪرين، وڪالتن ۽ تعليمي اداران ۾ هئا ته اهڙو اڌ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ سريلنڪا کان سنگاپور، برما کان بالي، ملايا کان مئڊا گاسڪر ويندي اسپين، جبرالٽر، ڪينيا، يوگنڊا، سينيگال ۽ مالٽا ۾ رهي واپار ڪيو ٿي. دادي ليلان جي فئملي، حيدرآباد جي درويش صفت انسان ساڌو واسواڻيءَ جي پوئلڳ هئي.
“انهن ڏينهن ۾ ڪيترائي هندو ڪٽنب پنهنجن ٻارن کي ڪلاسيڪل ميوزڪ ۽ ڳائڻ سيکارڻ لاءِ ميوزڪ ٽيچر رکندا هئا، جيئن هنن جا ٻار ڪيرتن ۽ ڀڄن ڳائي سگهن،” دادي ليلان پنهنجا ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪري ٻڌايو هو، “انهن ڏينهن ۾ هيرآباد ۽ حيدرآباد جي ڪيترن علائقن جا روڊ ڏينهن ۾ ٻه دفعا ڌوئي صاف ڪيا ويا ٿي.”
تيرٿ داس هوتچند (دادي ليلان جي پتا) ليلان کي انهن ڏينهن ۾ حيدرآباد جي بهترين اسڪول ’ڪندن مل گرلس هاءِ اسڪول‘ ۾ داخل ڪيو، جتان هن مئٽرڪ ڪئي. شهر جو بهترين ميوزڪ ٽيچر مسٽر جوشي، دادي ليلان کي گهر ۾ اچي ميوزڪ سيکاري. “انهن ڏينهن ۾ ڪيترا اهڙا به ماڻهو هئا جن اهو پسند نٿي ڪيو ته ڪو ڇوڪريون ميوزڪ سکن،” دادي ليلان ورهاڱي کان اڳ واري حيدرآباد جا سهڻا ڏينهن ياد ڪندي ٻڌايو، “پاڙي جا پوڙها هر وقت گهٽين کي صاف رکائڻ جي فڪر ۾ هوندا هئا. بجلي نه هئي پر گهٽيءَ جي ڪنڊ ڪنڊ تي سج لهڻ سان شمعدان ٻاريا ويا ٿي. هيرآباد ۾ هڪ عورتن جو پارڪ هو، جيڪو هڪ سخي ۽ عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ عورت مئڊم چئتور ٻائي جوتسنگهه ٺهرايو هو. هُوءَ آڪسفورڊ جي پڙهيل هئي ۽ عورتن جي مشهور آرگنائيزيشن ’ناري سڀا‘ جي بنياد رکڻ واري هئي.”
مئڊم چئتور ٻائي هڪ دور ۾ حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي وائيس پرنسپال به ٿي رهي هئي. گريجوئيشن بعد دادي ليلان انهيءَ ڪاليج ۾ ميوزڪ ٽيچر جي نوڪريءَ لاءِ درخواست ڏني. “اهو 1940ع جو سال هو. انٽرويو وٺڻ وارن ۾ جي. ايم سيد به ويٺو هو،” داديءَ ٻڌايو. “انهن ڏينهن ۾ عورتن جي تعليم لاءِ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ ڪراچي کان علاوه سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به عورتن جو ڪو تعليمي درسگاهه نه هو. مئٽرڪ کان علاوه ٻيا سڀ امتحان ڪراچي ۾ ورتا ويا ٿي.”
ٽريننگ ڪاليج فار وومين ۾ ست سال پڙهائڻ بعد ملڪ ۾ اُٿل پٿل جو دور شروع ٿي ويو. هي سال 1947ع هو جنهن ۾ ننڍي کنڊ جو ورهاڱو ٿيو ۽ پاڪستان نالي نقشي تي نئون ملڪ ظاهر ٿيو. هيرآباد ۾ رهندڙ ڪيترن ئي عاملن لڏڻ شروع ڪيو. دادي ليلان ئي هڪ نوجوان هندو ڇوڪري هئي جيڪا ترسي پيئي. هن پنهنجي گرو ساڌو ٽي. ايل. واسواڻي سان مشورو ڪيو. “نه وڃ بهتر آهي سنڌ ۾ ئي ترسي پئه ۽ پنهنجي جنم ڀومي (نئين جنم ورتل پاڪستان) ۽ والدين جي خدمت ڪر، منهنجي گروءَ مون کي صلاح ڏني،” هن ٻڌايو، “ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي مون پنهنجي اڳيان غلام علي ڇاڳله کي پاڪستان جو قومي ترانو ڪمپوز ڪندي ڏٺو، جنهن ۾ آءٌ به شامل هيس.”
1951ع ۾ دادي ليلان B.T (بيچلر آف ٽريننگ) ڪرڻ لاءِ ڪراچي آئي. “ريڊيو تي ڳائڻ وڄائڻ وارن جو وڏو خال هو، ڇو جو ڪيترائي سنگر ورهاڱي بعد انڊيا هليا ويا هئا. پنهنجي پيءُ کي ٻڌائڻ بنا لڪ چوريءَ مون ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ليلان واڌواڻي نالي فرضي نالي سان ڳائڻ شرع ڪيو. مون کي هفتي ۾ چار پروگرام ڪرڻا پيا ٿي،” هن ٻڌايو، “ڏسندي ئي ڏسندي منهنجي راڳ جو جادو سڄي سنڌ ۾ پکڙجي ويو ۽ منهنجي نالي پرستان طرفان سوين تعريفي خط اچڻ لڳا. سگهو ئي منهنجي پيءُ کي به منهنجي ڳائڻ جي خبر پئجي وئي ۽ مون کي ريڊيو تان ڳائڻ تي دڙڪا ڏنائين ۽ اڳتي ڳائڻ کان منع ڪيائين. ريڊيو وارا منهنجي پيءُ وٽ پهتا. هن کي منٿ ميڙ ڪيائون پر بابي هڪ به نه مڃين ۽ کين صاف صاف چيو ته، “آءٌ نٿو چاهيان ته منهنجي ڌيءَ سڄي عمر غير شادي شده رهي، جو اسان جي سوسائٽيءَ ۾ ريڊيو تان ڇوڪرين جي ڳائڻ کي سٺو نٿو سمجهيو وڃي.”
دادي ليلان پاڻ به نٿي چاهيو ته سندس شادي ٿئي، پر بهرحال 38 ورهين جي ڄمار ۾ سن 1954ع ۾ هن ڊاڪٽر تلسي داس هرچنداڻيءَ سان شادي ڪئي. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ بعد دادي ليلان پهرين حيدرآباد جي ميران ٻائي گرلس اسڪول ۾ ماسترياڻي ٿي، ان بعد گرلس هاءِ اسڪول ميرپورخاص جي هيڊماسترياڻي ٿي. “انهن ڏينهن ۾ اسڪولن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ فقط هندو والدين پنهنجين ڌيئرن کي موڪليو ٿي. مسلمان والدين کي سمجهائڻ لاءِ مون کي ميرپورخاص ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي نه فقط شهرن ۾ پر ڏورانهن ننڍن ڳوٺن ۾ وڃڻو پيو ٿي، جيئن هُو پنهنجين ڌيئرن کي تعليم ڏين.” هن ٻڌايو.
بعد ۾ دادي ليلان سنڌ جي گرلس اسڪولن جي انسپيڪٽرياڻي ٿي ۽ 1976ع ۾ جڏهن هُوءَ سٺ ورهين جي ٿي ته DDE يعني ڊپٽي ڊائريڪٽر ايڊيوڪيشن جي عهدي تان رٽائرڊ ٿي. دادي ليلان کي نه فقط اسان جي گهر ۾ پر هر هڪ ’دادي‘ يعني وڏي ڀيڻ جي لقب سان سڏي ٿو. هڪ ڏينهن مون پنهنجي والد کي چيو ته توهان به مئڊم ليلان کي ’دادي‘ ٿا چئو.
“ننڍي ڀيڻ ان ڪري نٿا چئوس، جو هُوءَ اسان کان به وڏي آهي.” منهنجي والد گل محمد شيخ کِلي چيو ۽ واقعي دادي ليلان ته منهنجي والد کان به چار سال وڏي آهي. آءٌ ضرور چوندس ته دادي ليلان اها شخصيت آهي، جنهن کي اسان هميشه مُرڪندي ۽ چرچا ڪندي ڏٺو. پوني اچڻ کان اڳ حيدرآباد مان لنگهندي صبح ساڻ سندس گهر هليو ويس. وڏي عمر ڪري هُوءَ ڪافي ڪمزور ۽ هلڻ چلڻ کان رهجي وئي آهي، پر سندس زبان تي اهي نصيحت ڀريون ڳالهيون ۽ چرچا قائم آهن. اُٿڻ مهل چيومانس ته ديدي توهان سان گڏ ٻه چار تصويرون ٿي وڃن.
“پوءِ ٿورو ترسڻو پوندءِ.” هن چيو.
“ڇو ڀلا؟” مون حيرت مان پڇيو.
“ان لاءِ ته پاڻ کي فوٽوءَ لاءِ تيار ڪريان.” هن چيو.
“وهنجيو سهنجيو فرسٽ ڪلاس ڪپڙا ته پايو ويٺيون آهيو.” چيومانس.
“ها، پر ٿوري لالي سُرخي ته هڻان.” ديديءَ وراڻيو ۽ پنهنجي مددگار عورت کي گهرائي نه فقط نئين سنئينءَ وارن ۾ ڦڻي ڪرائي، پر پائوڊر لپ اسٽڪ هڻي جڏهن منڊيون گهرائي هڪ هڪ پائڻ لڳي ته چيومانس ته ديدي دير پئي ٿئي منڊيون ۽ چوڙيون ته فوٽو ۾ اينديون ئي ڪونه.
“چڱو چڱو هاڻ ٿورو صبر ڪر. عورت کي هميشھ ٺهي ٺڪي فوٽو ڪڍائڻ کپي.” ديديءَ وراڻيو. سندس اها ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻي. انگريز عورتون به جيترو پوڙهيون ٿينديون، اوترو پاڻ کي ٺاهي هلنديون. ساڳي ڳالهه ڪجهه ڏينهن اڳ دبئي ۾ رونما ٿي، جڏهن اتي سندري اُتم چنداڻيءَ جي گهر ساڻس ۽ سندس ڌيءَ آشا چاند سان ڪچهري ڪندي آشا جي ڌيءَ مومل کي فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيم، ته آشا ته ائين ئي ويٺي رهي، پر سندريءَ چيو ته ترس ته چڱيءَ طرح ڦڻي ڏئي پوءِ اچان. سنڌ جي هنن ادبي ۽ تعليمي هستين جا اهي يادگار فوٽو هن وقت منهنجي سامهون آهن ۽ ٿي سگهي ٿو اخبار وارن يا ڪتاب جي پبلشر وٽ انهن فوٽو شايع ڪرڻ جي گنجائش هجي، نه ته ٻي صورت ۾ منهنجا پڙهندڙ گوگل، فلڪر يا پڪاسو جي اميج Search ۾ منهنجي نالي Altaf Shaikh سان گڏ دادي ليلان يا سندري اُتم چنداڻي جو لکي ڪمپيوٽر ڏسي سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح منهنجي نالي سان گڏ پوني، ممبئي يا انڊيا لکي هن سفر جا سمورا فوٽو ڏسي سگهجن ٿا. 1985ع واري اليڪشن ۾ دادي ليلان سنڌ اسيمبليءَ لاءِ به چونڊي هئي. اڄڪلهه هُوءَ گرلس گائيڊ اداري جي ڊپٽي ڪمشنر آهي. هُوءَ هڪ ڪميونٽي سينٽر ۽ انڊسٽريل هوم پڻ هلائي ٿي. انڊيا اچڻ کان اڳ دادي ليلان کي ٻڌايم ته انڊيا پيو وڃان.
“دادي! تون هلندينءَ؟” پڇيومانس، “تنهنجو گرو ساڌو واسواڻي ته هي جهان ڇڏي ويو. پوني ۾ دادا جشن، ديدي رتنا واسواڻي، ايشوري جوتواڻي، دادي ساوتري، ليکراج موهناڻي، ڪوشيلا پريتم شبلاڻي، نرملا ٽوپڻ داس ۽ ٻيا ڪيترا تنهنجا سڃاڻو آهن.”
دادي ليلان ٿڌو ساهه کڻي چيو، “هن عمر ۾ آءٌ گهر نٿي ڇڏيان.”
“ڇو ڀلا؟ اهي اٺ چوڙيون ۽ چار منڊيون لاڪر ۾ کڻي رکي هلجانءِ.” مون چرچو ڪيومانس.
“نه. اها ڳالهه ناهي. موت ڪنهن وقت به منهنجو در کڙڪائڻ وارو آهي.” دادي ليلان ڏکاري لهجي ۾ چيو، “۽ آءٌ نٿي چاهيان ته پرديس ۾ مران پرديس ۾ دفن ٿيان. آءٌ هتي ئي مرڻ چاهيان ٿي.”