انگريزن ممبئيءَ کي ٺاهي ڇڏيو
اهو آهي ته انگريز ماڻهو انتظاميه، ڪامرس ۽ بزنيس ۾ تمام هوشيار آهن. هنن آهستي آهستي ڪري پنهنجي ڪاروبار جون ڪوٺيون ۽ آفيسون ڀر واري بندررگاه سورت مان شفٽ ڪري بمبئيءَ آنديون. هنن پورهيتن ۽ ڪاريگرن کي، واپاري ماڻهن ۽ نوڪري پيشه ماڻهن کي بمبئيءَ لڏڻ ۽ اتي ڪم ڪار ڪرڻ جي همٿ افزائي ڪئي. هنن امن امان جي سٺي حالت پيدا ڪئي ۽ هر ڪو خوش گذارڻ لڳو. پهرئين کي سُکيو ستابو ڏسي ٻيا به آيا، ٻين کي ڏسي ٽيان آيا ۽ وئي آدمشماري ۽ ڪاروبار وڌندو. واپار وڙي جون سهوليتون ۽ سُک ڏسي ڀر واري صوبي گجرات جا پارسي، بوهري، يهودي ۽ هندو واپاري سورت ۽ ديو جهڙن شهرن کي ڇڏي بمبئي رهڻ لڳا ۽ بمبئيءَ جي آدمشماري، جيڪا 1661ع ۾ ڏهه هزار کن هئي سا 1675ع ۾ سٺ هزار ٿي وئي.
هتي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ لکندو هلان ته آفريقا ۽ ايشيا جي ملڪن تي جن يورپين جو راڄ رهيو، ان ۾ انگريز وري به ٻين کان بهتر ثابت ٿيا. سامونڊي نوڪريءَ ۾ مون کي آفريقا ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جهاز کي وٺي وڃڻو پيو ۽ هر هنڌ چڱو عرصو رهڻو پيو. موزمبق ۽ لئناڊا جهڙا ملڪ ته آزاد به پوءِ ٿيا ۽ اتي جي يورپي حاڪمن “پورچو گالين” کي به ڏٺوسين. اهڙيءَ طرح انڊونيشيا ۽ ويٽنام جهڙا مُلڪَ، جن تي ڊچن جو راڄ هو يا سينيگال جهڙا مُلڪَ جن تي فرينچن جو راڄ هو. يورپين رڳو ڦريو ۽ لٽيو پر انگريزن وري به هر ملڪ ۾ ٽپال، جوڊيشري، ريلوي، تعليم ۽ پوليس جهڙا ادارا ٺاهيا. اها ٻي ڳالهه آهي ته ملائيشيا جهڙن ملڪن انهن کي بهتر نموني قائم رکيو ۽ اسان جهڙن ملڪن آزاديءَ بعد صحيح طرح پرگهور نه لڌي. ٻي ڳالهه ته بمبئي، برمودا، بهاما، هانگ ڪانگ جهڙا ٻيٽ ٻين يورپين جي به قبضي ۾ رهيا، پر انگريزن انهن ويران ٻيٽن ۽ شهرن کي ڇا مان، ڇا ٺاهي ڇڏيو. بمبئي، جنهن کي اڄ اسان جنهن ممبئيءَ جي روپ ۾ ڏسون ٿا، اها به ويران هئي، جتي ڪجهه مهاڻا ماڇي رهيا ٿي، پر پوءِ انگريزن هن کي سورت، گوا، دهلي ۽ مدراس کان به بهتر، سهڻو، ماڊرن ۽ امير بڻائي ڇڏيو. گهڻو گهڻو پوءِ انگريزن کي جڏهن پينانگ ٻيٽ هٿ چڙهيو يا ان بعد سنگاپور ٻيٽ مليو (بلڪ هنن مقامي ملئي راجا کان خريد ڪيو) ته انهن ٻيٽن تي هو ڇا؟ چند مهاڻا ٻيا قزاق ۽ ڦورو رهيل هئا، سي به انهن ٻيٽن جي ڪنارن تي سڄا ٻيٽ جهنگ ۽ نانگ بلائن، ڀَٽُن ۽ سؤپيرين سان ڀريا پيا هئا... پوءِ انگريزن انهن کي صاف ڪرائي پاڻ به رهيا ۽ مختلف هنڌن تان مزورن، ڪمين، ڪاسبين، هنرمندن ۽ سيٺين کي رهڻ جي دعوت ڏني ۽ نه فقط ماڻهن کي رهايو، پر هنن جي پرگهور لڌي ۽ امن امان قائم رکيو. قاعدا قانون مقرر ڪيائون. جيڪي غريب ۽ امير لاءِ ساڳيا هئا. نتيجي ۾ سُڪون، پورهئي ۽ بهتر مستقبل خاطر اوسي پاسي جي ملڪن توڙي انڊيا ۽ چين کان ماڻهو لڏي اچي، پينانگ ۽ سنگاپور ۾ رهيا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اهي ٻئي ويران ٻيٽ سهڻا ۽ امير ٿي ويا. سنگاپور توڙي ملائيشيا جي حڪومت اڄ به انگريزن جي ان قول کي وٺيو ويٺي آهي ته امن امان قائم رکڻ ضروري آهي. عوام جي جان توڙي مال جو تحفظ فراهم ڪرڻ ضروري آهي. نتيجي ۾ اسان جهڙن ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو اتي لڏي وڃڻ ۽ اتي واپار وڙي ڪرڻ کي خوش نصيبي سمجهن ٿا.
سو بمبئيءَ ۾ به انگريزن اهو نمونو اختيار ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سورت شهر جا پارسي سيٺيون واديا ۽ ٽاٽا جهڙا، بمبئيءَ لڏي آيا ۽ اچي جهاز ٺاهڻ جا ڪارخانا کوليائون ۽ سندن جيڪو ڪجهه سورت ۾ بزنيس هو، اهو بمبئيءَ شفٽ ڪري آيا. اهڙيءَ طرح گجرات جا سونارا، لوهار ۽ ڪپڙو اُڻڻ وارا به بمبئيءَ کان اچي نڪتا. هر قسم جو ڪاروبار ۽ بزنيس بمبئيءَ ۾ وڌڻ لڳو. ايتري قدر جو مئڊا گاسڪر کان ايندڙ شيدين جو وڪرو به هتي ٿيڻ لڳو. 1817ع ۾ مرهٺن سان ويڙهه ۾ انگريزن جي فتح ٿيڻ بعد انگريزن بمبئيءَ جي ٻيٽن کي هڪٻئي سان ملائڻ لاءِ سمنڊ جي پاڻيءَ کي مٽيءَ سان ڀرڻ، روڊ رستا ٺاهڻ ۽ ٻيا انجنيئرنگ جا ڪمَ شروع ڪيا. 1845ع ڌاري ماهيم وارو رستو (Causeway) تيار ٿي ويو ۽ ست ئي ٻيٽ هڪٻئي سان ملي هڪ يڪو زمين جو Piece ٿي ويا.
اڄ واري جيڪا وڪٽوريا ٽرميننس (VT) ريلوي اسٽيشن آهي، جنهن کي هاڻ CST (چتراپتي شيواجي ٽرمينس) سڏجي ٿو، ان جي سامهون آزاد ميدان آهي. اوڻهين صديءَ جي شروع تائين بمبئيءَ جي فورٽ واري علائقي ۾ رهندڙ ميهار ۽ ڌنار پنهنجيون مينهون ۽ ڍڳيون هن ميدان تي اچي چاريندا هئا، پوءِ 1838ع ۾ برٽش حاڪمن وهٽن جي مالڪن تي گاهه چارائڻ جي Grazing Fee رکي، جيڪا ڪيترا غريب ڀري نٿي سگهيا. انهن جي مجبوريءَ کي ڏسي سر جمشيد جي جيجي ڀائي پنهنجا ويهه هزار رپيا خرچ ڪري سمنڊ جي ڪناري تي ٺاڪر دوار واري علائقي ۾ ڪجهه چراگاهه خريد ڪري، هنن کي مفت ۾ مال چارڻ لاءِ ڏنا. اڳتي هلي هي علائقو “چرني” سڏجڻ لڳو. ايتري قدر جو جڏهن ريل جي لائين ٺهي ته هن علائقي جي ريلوي اسٽيشن جو نالو “چرني روڊ” رکيو ويو.
بمبئيءَ جي وڌڻ ويجهڻ ۾ پارسين جو به وڏو هٿ آهي، ڪيترائي امير پارسي جيڪي سورت (گجرات) ۾ رهيا ٿي، انهن پنهنجا ڪاروبار سورت ۾ ختم ڪري بمبئيءَ ۾ اچي کوليا. پارسين جو “Tower of Silence” سيٺ مودي هجري واچا 1672ع ۾ ٺهرايو. پارسي پنهنجي مري ويلن جي لاش کي نه مسلمانن وانگر دفن ڪن ۽ نه وري هندن وانگر ساڙين. هُو ڪنهن پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تي کُوهه نما گول ٺاهي ڇڏين، جيڪو Tower of Silence سڏجي. مائٽ مٽ جي مري وڃڻ تي، هُو هن جو لاش اتي وڃي ڦٽو ڪن، جنهن کي ٻن ٽن ڏينهن اندر ڪانگ، سرڻيون ۽ ڳجهون کائي ختم ڪن. اڄڪلهه هوائي جهازن جي گهڻي اچ وڃ ڪري ممبئيءَ توڙي ٻين شهرن ۾ ڪانگ ۽ سرڻ جهڙي پکي کي ماري ان جو تعداد گهٽ ڪيو ويو آهي، ان ڪري پارسين کي سخت شڪايت آهي، جو لاش کاڄي وڃڻ ۾ گهڻا ڏينهن لڳيو وڃن. ڪراچيءَ ۾ به پارسين جو اهڙو ٽاور ڊفينس مارڪيٽ ڀرسان هڪ ننڍڙي پهاڙيءَ تي موجود آهي. ممبئي يونيورسٽيءَ، جتي ليڪچر ڏيڻ لاءِ مون کي اتي جي گيسٽ هائوس ۾ رهڻو پيو، ان WRIC گيسٽ هائوس جي پارسي مئنيجر رستم داداڀائيءَ ٻڌايم ته اڄڪلهه اسان مان به ڪيترا پنهنجن مُردن کي ساڙين ٿا.
“ڇو ڀلا؟” پڇيومانس.
“هڪ ته ممبئيءَ جي آدمشماري ايڏي وڌي وئي آهي، جو اهي پراڻا ٻيلا يا وڻڪار ايتري نه رهي آهي، جتي هي پکي ساهه پٽي سگهن.” هن ٻڌايو، “ڪجهه ايئرپورٽ ۽ ڪمرشل جهاز سيکارڻ جي پرائيويٽ اسڪول وارن به هنن پکين کي ماري تعداد گهٽائي ڇڏيو آهي، ڇو جو سرڻن ۽ ڳجهن جهڙا هي وڏا پکي هوائي جهازن جي جيٽ انجڻين ۾ وڃي يا ڪاڪ پٽ جي شيشي سان لڳي حادثا برپا ڪن ٿا.”
ان کان علاوه هڪ ٻي ڳالهه، جيڪا رستم ته نه ٻڌائي پر مون کي ٻين کان خبر پيئي ته ڪانگ يا سرڻيون وغيره جڏهن مُئل انسان جي گوشت جا ٽڪرا لامارا هڻي کڻن ٿا ته ڪڏهن ڪڏهن سندن چنبن مان انسان جون اکيون، آنڊا، جيرو ۽ دل وغيره ڇڏائجيو وڃن ۽ اهي ڀر وارن گهرن يا رستن تي وڃيو ڪرن. اڳ ۾ ته پارسين جو خاموشي جو ٽاور شهر کان پري سمجهيو ويندو هو، جيئن ڪراچيءَ وارو به، پر هاڻ مالابار ٽڪري تي به جتي ڪٿي گهر، پارڪ ۽ شاپنگ مال ٿي ويا آهن ۽ انهن جا مالڪ دانهون ٿا ڪن ته ڪانگ، ڪٻرون ۽ سرڻيون هنن جي گهرن ۾ انسانن جا عضوا ڦٽا ڪريو وڃن.
بمبئيءَ ۾ ڄاول مشهور انگريزي ليکڪ ۽ شاعر ڪپلنگ (سڄو نالو جوزف رڊيارڊ ڪپلنگ)، جنهن جو گهر مالابار ٽڪريءَ تي، پارسين جي هن Tower of Silence کان ڪو پري نه هو، ان بابت ڪپلنگ کي ننڍپڻ جي اها ياد چِٽِي رهي ته، جڏهن هُو پنهنجي ماءُ سان گڏ گهر جي باغيچي ۾ پسار ڪري رهيو هو ته هن جي ماءُ کي ان باغيچي ۾ ڪنهن ٻار جو هٿ نظر آيو. “مون اهو هٿ کڻي ڏسڻ ٿي چاهيو پر منهنجي ماءُ مون کي سختيءَ سان چيو ته ان بابت توکي ڪوبه سوال پڇڻو ناهي.”
رڊيارڊ ڪپلنگ 1865ع ۾ ڄائو ۽ 1936ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جيڪي اسان وٽ ننڍي کنڊ ۾ توڙي برطانيا ۾ وڏي شوق سان پڙهيا وڃن ٿا، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: ’دي جنگل بڪ‘ شعرن جو ڪتاب “منڊالي”، “ڪِم” نالي هڪ ناول، گنگادين ۽ 1888ع جو افسانن جو ڪتاب (The Man who would be king)
رڊيارڊ ڪپلنگ جو پيءُ لاڪ وڊ ڪپلنگ بت تراش (Sculptor) ۽ سٺو ڪنڀار (Pottery Designer) پڻ هو. پاڻ “سر جمشيد جي جيجي ڀائي آرٽس اسڪول، بمبئيءَ” جو پرنسپال ۽ آرڪيٽيڪچر اسڪلپچر جو پروفيسر پڻ هو .