مون کي عربي گهوڙي نه سمجهيو وڃي
بهرحال اها 1974ع جي ڳالهه هئي. خبر ناهي اڄ جڏهن نئين صديءَ جا به ڏهه سال ختم ٿيڻ تي آهن، اها عورت ڪٿي آهي، جيئري هوندي ته حيرت کائيندي هوندي ته اڄ سندن ملڪ جپان ۾ ته ڇا گُهونگهٽ اوڍيل ملائيشيا ۽ ٿائيلينڊ ۾ به ٽي وي تان ڪنڊون جا اشتهار اچن ٿا. خير مون ته پوپٽيءَ جو اهو نظم پڙهڻ کان اڳ ئي لوڪرام صاحب کي لکيو هو ته، لڳي ٿو توهان غلام نبي مغل ۽ ماڻڪ جا افسانا نه پڙهيا آهن. پوپٽيءَ جو اهو نظم ’ڪونج‘ رسالي ۾ به ڇپيو هو ۽ انڊيا جي ڪافي اديبن ۽ شاعرن واويلا مچائي هئي، ته هڪ ڪنواري ڇوڪري ٿي ڪري هن قسم جي شاعري ٿي ڪري، جيڪا ڳالهه لوڪرام به لکي آهي. هڪ سوال: ڇا ڪا عورت شادي شده ٿي پوءِ ڀلي ان قسم جي شاعري ڪري؟ بهرحال پوپٽي هيراننداڻيءَ جو هڪ ليکڪا جي حيثيت ۾ توڙي هڪ عورت جي حيثيت ۾ وڏو مان مرتبو آهي.
پروفيسر پوپٽيءَ سنڌي ادب جي هر شاخ ۾ پاڻ موکيو آهي. هُوءَ لاڳيتو اڌ صديءَ تائين لکندي رهي. انهيءَ سلسلي ۾ هن مضمون، مقالا، تنقيد، لسانيات، شخصيات، ناول، ڪهاڻي، سنڌي ٻوليءَ جو اڀياس، ويدن جو فلسفو ۽ گيتا جا گيان (سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيل) وغيره تي لکيو آهي. گذريل صديءَ جي آخر تائين هندستان جي سنڌي ادب ۾ جيڪي ٽي ليکڪائون ڇانيل رهيون، انهن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، ڪلا پرڪاش ۽ سندري اتم چنداڻي آهن. انهن ۾ وري سڀ کان گهڻو پوپٽيءَ لکيو ۽ مشهوري ماڻي. منهنجي ساڻس ملاقات فقط هڪ دفعو ۽ اها به اوچتي سنگاپور جي هاءِ اسٽريٽ ۾ هرڪشن ڀوڄواڻي ۽ هريرام دياني سان گڏ 1983ع ۾ ٿي، جڏهن آءٌ ملائيشيا اچي رهيو هئس ۽ هر هفتي جا موڪلن وارا ڏينهن سنگاپور هوندو هئس، جتي جي هاءِ اسٽريٽ ۾ ڪيترائي سنڌي هندو بزنيس مئن ۽ پاڪستاني خريدار دڪانن يا انڊين ريسٽورنٽن ۾ ملندا هئا. هرڪشن ڀوڄواڻي يونيورسٽيءَ جي ڊگرين بنا تعليم يافته ماڻهو هو، جنهن جي هر پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو ۽ اديب سان دوستي هئي. سندس احوال مون پنهنجي سنگاپور وارن سفرنامن: ’سنگاپور ويندي ويندي‘، ’سنگاپور ٿو سڏ ڪري‘، ۾ لکيو آهي. هريرام ديانيءَ جي ڌيءَ لتوءَ جي اڳتي هلي پوني ۾ رهندڙ لوڪرام ڏوڏيجا جي پٽ هريش سان شادي ٿي. کين يعني هريش ۽ لتوءَ کي ٽي ٻار: نيها، اميش ۽ شرت آهن، جيڪي هتي پوني ۾ رهن ٿا ۽ پنهنجي پيءُ کي ڪاغذ جي بزنيس ۾ مدد ڪن ٿا. مئڊم پوپٽي هانگ ڪانگ ۽ ڪوريا ويندي سنگاپور ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ پنهنجي ڀاءُ وٽ ترسي هئي، جنهن جي زال چيني آهي. بلڪ ان جي ڌيءَ يعني پوپٽيءَ جي ڀاڻيجيءَ جي (1983ع) ۾ هڪ سنگاپوري چينيءَ سان شادي ٿي رهي هئي، جنهن کي اٽينڊ ڪرڻ لاءِ هُوءَ سنگاپور آيل هئي. مون کي ياد آهي ته هُوءَ اسان جي سنڌي ليکڪن ۽ پروفيسرن: ادي ماهتاب، ڊاڪٽر غلام علي الانا، قمر شهباز ۽ حميد سنڌيءَ جن جو بار بار پڇي رهي هئي.
پوپٽي (سڄو نالو پوپٽي رامچند هيراننداڻي) جو ننڍپڻ هڪ غربت ۽ محنت جي ڪهاڻي آهي. پوپٽي ڏهن سالن جي هئي ته سندس پيءُ جيڪو فاريسٽ ڊپارٽمينٽ ۾ هو، گذاري ويو. ان وقت سندس ماءُ جي عمر 32 سال هئي ۽ هن کي نپائي وڏو ڪرڻ لاءِ ست ٻار هئا. هن وٽ جيڪي ڳهه ڳٺا هئا، سڀ وڪڻي حيدرآباد ۾ گهر وٺي ٻارن کي اتي اچي پڙهايو.
پوپٽي 17 سيپٽمبر 1924ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائي ۽ هن جو ننڍپڻ اتي ئي گذريو. پرائمري تعليم ڪراچيءَ مان مڪمل ڪرڻ بعد پوپٽيءَ مئٽرڪ حيدرآباد جي ڪندن مل گرلس اسڪول مان 1939ع ۾ ڪئي. انٽر جو امتحان انهن ڏينهن ۾ ساڌو واسواڻيءَ جي کوليل ميران ڪاليج مان ڏنو، جنهن نالي وارو هي پوني جو تعليمي ادارو سينٽ ميران گرلس اسڪول ساڌو واسواڻيءَ هتي پوني ۾ پڻ اچي کوليو. بي. اي. جو امتحان بنارس هندو يونيورسٽيءَ مان 1943ع ۾ پاس ڪيو. چئبو ته اسان ڄاواسين (نومبر 1944ع ۾) ته اسان جي هيءَ عظيم ليکڪا بي. اي. ڪري چڪي هئي ۽ هاڻ ايم. اي. جا ڪلاس اٽينڊ ڪري رهي هئي. ورهاڱي بعد هُوءَ گهر وارن سان گڏ ڀارت لڏي وئي، جتي ايم. اي. جو امتحان پاس ڪيائين.
پتا جي وفات ۽ غربت ڪري، پوپٽي مئٽرڪ ۾ هئي، ته ٽيوشن پڙهائڻ لڳي. مئٽرڪ کان پوءِ ڪُندن مل گرلس هاءِ اسڪول ۽ پگٽ گرلس هاءِ اسڪول ۾ ٽيچر ٿي نوڪري ڪيائين. هُوءَ ميوزڪ ٽيچر پڻ ٿي رهي آهي. ورهاڱي کان پوءِ ڀارت ۾ نئشنل ڪاليج ۾ پارٽ ٽائيم ڪم ڪيائين، جتان ايم. اي ڪيائين ۽ پروفيسر ٿي. هن کي موسيقيءَ سان به ننڍي لاڪون شوق رهيو آهي ۽ هن سنڌي توڙي هنديءَ ۾ ڪيترائي ڀڄن پڻ ڳايا. پوپٽيءَ جي سڄي زندگي جدوجهد ڪندي گذري. پيءَ جي وفات کان پوءِ ڀائرن، ڀينرن ۽ ماءُ کي سنڀالڻ وغيره جو سڄو بار هن جي مٿي تي رهيو.
پوپٽي هڪ اهم ليکڪا مڃي وڃي ٿي. هن سنڌي ادب ۾ چاليهن کان مٿي ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
ناول: 1. منجو، 2. حسرتن جي تربت، 3. جيءَ ۾ جهوري، تَن ۾ تات، سيلاب زندگي.
ڪهاڻين ۽ افسانن جا ڪتاب: 1. رنگين زماني جون غمگين ڪهاڻيون، 2. ڪلي گلاب جي، ساگر شراب جو، 3. مون توکي پيار ڪيو، 4. خزان جو دور پورو ٿيو، 5. اسين هِت توهان هُت، 6. زندگيءَ جي پوٽڙي.
مضمونن جا ڪتاب: 1. هڪ پشپ پنڌرهن پنکڙيون، 2. ڀارت جي استري، 3. مان ڇا آهيان، 4. ٻولي منهنجي ماءُ. 5. سنڌي ڪالهه ۽ اڄ، 6. چرڻ چٽڪڻ چت ۾، 7. ۽ زنده سا قوم رهندي.
ان کان علاوه پوپٽيءَ جا ڪيترائي ڪتاب تنقيد، شاعري، ڊراما، لسانيات ۽ ٻين موضوعن تي مشهور آهن. سندس آتم ڪٿا “منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا ورق” تي کيس انڊيا جي ساهت اڪيڊميءَ طرفان انعام به ملي چڪو آهي. هي ڪتاب سنڌي ساهت گهر حيدرآباد وارن به ڇپرايو آهي. سنڌ توڙي هند ۾ پوپٽي پهرين سنڌي عورت آهي، جنهن پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي.
پوپٽي پنهنجين ڪهاڻين ۾ سماج ۾ پرڻيل، اڻ پرڻيل وڌوائن ۽ وئشيائن جي ماحول کي نهايت ئي سهڻي ۽ اثر انداز نموني بيان ڪري ٿي. هُوءَ چوي ٿي ته، “عورت شادي ٽن سببن جي ڪري ڪندي آهي. هڪ ته کيس گڏ گذارڻ جو پڪو آسرو ملندو آهي ۽ ٻيو ته کيس گرهستي هلائڻ جو اڌيڪار ملندو آهي ۽ ٽيون ته هن کي پنهنجي ممتا ڪنهن هٿان هارڻ جو وجهه ملندو آهي...”
پوپٽيءَ جي فئمليءَ جو هندو عامل ڪميونٽيءَ سان تعلق هو. عامل هميشھ پنهنجي ٻارن کي پٽن توڙي نياڻين کي، اعليٰ تعليم ڏيڻ جي حق ۾ رهيا آهن. ساڳئي وقت عاملن ۾ ڪنواريتن کان ڳرو ڏيج (dowry) حاصل ڪرڻ جو رواج رهيو آهي. پوپٽي هميشھ ڏيج کي لعنت سمجهيو ۽ ان جي خلاف رهي. هُوءَ ان عنوان تي پنهنجي ماءُ سان ڊگها بحث ڪرڻ لڳي. هڪ دفعي سندس ماءُ کيس چيو ته تون ڏيج جو ڪوبه فڪر نه ڪر، “آءٌ پنهنجو اباڻو گهر وڪڻي گهوٽيتن جي گهربل رقم کين ڏينديس.”
“سوال ئي نٿو پيدا ٿئي منهنجي امڙ،” پوپٽيءَ پڪي ارادي سان ماءُ کي چيو، “آءٌ اهو هرگز نه چاهينديس ته مون کي عربي گهوڙي سمجهيو وڃي، جنهن جي مٿان رکيل سونا سنج ڏسي سوار موهت ٿئي.”
هڪ دفعي ته پوپٽيءَ کي سندس ماءُ شاديءَ لاءِ سختيءَ سان چيو ۽ هن آڻ مڃي شاديءَ لاءِ هائوڪار ڪئي، پر پوءِ جڏهن پوپٽيءَ کي خبر پيئي ته هن جي ماءُ گهوٽ جي گُهر تي هن کي پئسا ڏنا آهن، ته هُوءَ سڌو ڇوڪري وٽ پهتي ۽ هن کي صاف صاف چيو ته جيئن ته هُوءَ کانئس وڌيڪ پڙهيل آهي ۽ سندس پگهار به کانئس گهڻو آهي، ان ڪري هن کي کپي ته هُو پوپٽي کي dowry ۾ پئسو ڏسي ۽ جيڪڏهن هُو نه ڏيندو ته هُوءَ هن سان شادي نه ڪندي. ان شام جو گهوٽيتن کي ڪنواريتن کان ورتل سڀ شيون واپس ڪرڻيون پيون. پوپٽيءَ کي پنهنجي ماءُ کي سمجهائڻو پيو، ته هُوءَ اهو هرگز نٿي چاهي ته هڪ بيڪار رواج يا رسم جي ڪري، هن کي ائين بي عزتو ڪيو وڃي. هُوءَ چاهي ٿي ته هن کي هڪ انسان سمجهي عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي.
پوپٽيءَ اڪيلو رهڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن لاءِ جيتوڻيڪ هن کي ڪيترو ئي احساس ڏياريندا رهيا ته هن سوسائٽيءَ ۾ عورت جو ڪوبه خيال نٿو رکيو وڃي. هن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ به ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي، ته ادبي گڏجاڻين ۾ به سندس واتان ٻڌو ويو ته:
“In our society a woman is made to suffer not on account of any vice in her character but because of her virtues.”
پوپٽيءَ، زندگيءَ جا آخري سال ڪئنسر جهڙي موذي مرض جي تڪليف ۾ گذارڻ بعد 16 ڊسمبر 2005ع تي ديهانت ڪري وئي.
پوپٽي هيراننداڻيءَ تمام خوبصورت شاعري ڪئي آهي، سندس جتي “دُن هيٺان دٻلي” نظم تمام گهڻو گوڙ ۽ اُڌم مچايو. اتي “مان بي گهر سنڌڻ” جهڙا نظم هر گهر ۽ هر محفل ۾ ڳايا وڄايا وڃن ٿا. اهو شعر بيحد پسند ڪيو وڃي ٿو جيڪو هن ريت آهي:
مان بي گهر سنڌڻ
اڪبر اعظم جي درٻار
۽ حسن جي سرڪار
پوءِ به
انارڪليءَ کي جيئري ئي دفن ٿيڻو پيو
ڀارت جي دلهن ـ دهلي
۽ منهنجي گهر جوڙڻ واري اعليٰ “موهن جي دڙي”
واري سڀيتا
پوءِ به
مان ـ سنڌڻ
بي گهر بڻجي در در ٺوڪريون کائي رهي آهيان.