اَشي مَشيءَ جو پُش...
بهرحال آءٌ پوني ۾ موليڏنا روڊ تي پهچي اوڀر ڏي هلندو هئس. رستي جي هڪ پاسي مئگنم مال آهي ۽ ٻئي پاسي دورابجي مال آهي. ڪلوور سينٽر کان پوءِ سگنل وٽ پوني جو اهم رستو مهاتما گانڌي روڊ ڪراس ٿو ڪري، جنهن روڊ تي ساڄي پاسي اروڙا ٽاورس نالي وڏو شاپنگ سينٽر آهي، جتي ڪيترائي اليڪٽرانڪس جا دڪان آهن. گرائونڊ فلور تي فوٽوگرافر جو دڪان آهي، جتي ڪم ڪندڙ ٻن مرهٺي ڇوڪرين مان هڪ منهنجي ٻنهي ڪئميرائن جون تصويرون هڪ سي ڊيءَ تي ٽرانسفر ڪري ڏنيون ٿي، جنهن جا هن 70 رپيا ورتا ٿي.
ٻن ٽن ڏينهن بعد اروڙا ٽاورس ڏي وڃڻ بدران اتي ئي ساڌو واسواڻي چوڪ تي روشن لال فوٽو شاپ تي هليو ويس. خبر پيئي ته هو سنڌي آهي. پڇيومانس ته گهڻو وٺندين؟
“سائين توهان سنڌ کان آيا آهيو، توهان کان گهڻو ٿورو ئي وٺندس.” ٽيهه پنجٽيهه سالن جي همراهه جواب ۾ وراڻيو.
“تڏهن به اگهه طئي ڪرڻ ضروري آهي.” چيومانس.
“ڇڙا سؤ رپيا.” هن چيو.
“ڏاڍي ٻڌايئي.” مون کل کي روڪيندي چيو.
“ڇو سائين گهڻا آهن؟”
“ڳالهه ٻڌ! اروڙا ٽاورس وارو مهانگو دڪان به 70 ٿو وٺي. چڱو جو پڇيم. مون ته 50 رپيا پئي expect ڪيا.”
“چڱو سائين مون کي به کڻي ايترو ڏجو...” هن چيو ۽ ڪئميرائون مون کان وٺي ڪمپيوٽر ۾ ڳنڍيائين. بهرحال اها ڳالهه ان ڪري لکي اٿم ته گهر کان ٻاهر نڪرڻ وارن کي اها ڄاڻ رهي ته، Business is Business... ڀلي کڻي توهان ساڳئي ڳوٺ جا هجو، توهان جي ساڳي زبان هجي، توهان جو ساڳيو مذهب هجي... بهرحال هي فوٽوگرافر مون کي ويجهو ٿي پيو ۽ هن جا ڪيترائي گراهڪ هتي جا سنڌي هئا ۽ روز جيسين هُو مون لاءِ سي ڊي تيار ڪري آءٌ ڪنهن نه ڪنهن آيل سنڌي گراهڪ سان خبرچار ڪندو رهيس ٿي.
آخري ڏينهن تي هن فوٽوگرافر وٽ منهنجي عمر جي هڪ گراهڪ سان عليڪ سليڪ ٿي. هُو پنهنجي لاءِ پاسپورٽ سائيز فوٽو ٺهرائڻ لاءِ آيو هو ۽ جيسين لئبارٽري ۾ موجود ٽيڪنيشن هن لاءِ فوٽو تيار ڪري، هُو مون سان خبرچار ڪندو رهيو. سندس نالو هن وقت ذهن ۾ نه پيو اچي، جيتوڻيڪ هن پنهنجي سڃاڻپ جو ڪارڊ پڻ مون کي ڏنو هو.
هن ٻڌايو ته هتي پوني ۾ هن جو وائين شاپ آهي. “سنڌ ۾ اسين حيدرآباد ۾ ڦليليءَ وٽ رهندا هئاسين. اسان کي ته خواب خيال ۾ به نه هو ته اسان کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تان ڌڪاريو ويندو. سڀ ڪجهه اتي ڇڏي هٿين خالي اچي هتان نڪتاسين. ٽوپي وئي سر ته بچيو...”
هُو پوءِ ٻڌائيندو رهيو ته هن جي وڏن هتي ڪيڏا ڪيڏا ڪشالا ڪڍيا ۽ محنتون ڪيون. اڄ هُو پنهنجن پيرن تي آهن. هُو ڪنهن کان وٺن ڪونه ٿا، پر هتي جي ماڻهن جي مدد ڪندا رهن ٿا. ڌنڌي جي لحاظ کان هُو واپاري هو، پر دين ڌرم جي ڪافي معلومات هيس. هُو ٻڌائيندو رهيو ته هن لاءِ رامائڻ، ڀڳوت گيتا ويندي اپنشد مقدس ڪتاب آهن، پر ويدن جي هندن جي ڌرمي ڪتابن ۾ سڀ کان گهڻي اهميت آهي، جن جو تعداد چار آهيِ رگ ويد، يجر ويد، سام ويد ۽ اٿر ويد.
اُٿڻ مهل هن مون کان موڪلائيندي چيو، “هندستان جو رهاڪو چاهي هُو قرآن پڙهي يا بائيبل، گرنٿ صاحب پڙهي ٿو يا مهاڀارتا، گيتا يا رگ ويد، هُو ٿيو ته هندو.”
سندس اها ڳالهه شايد فوٽوگرافر کي نه وڻي ۽ هن سمجهيو ته مون شايد دل ۾ ڪيو هجي. “سائين دل ۾ نه ڪجو هُو شايد ڪجهه نشي ۾ ٿو لڳي.” فوٽوگرافر مون کي apologetic لهجي ۾ چيو.
“دراصل هن پنهنجي حساب سان صحيح ڳالهه ڪئي،” چيومانس. “هُو بيحد ڄاڻو شخص ٿو لڳي.”
“ڪيئن ڀلا؟” فوٽوگرافر حيرت مان پڇيو.
“آمريڪا ۾ رهندڙ پاڻ کي آمريڪي ٿو سڏائي چاهي هن جو ڪهڙو به مذهب هجي. اهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ رهندڙ پاڪستاني ٿو سڏائي ۽ جپان جو جپاني. سو صدين کان هندستان جا رهاڪو هندو سڏبا آيا ٿي. هندستان ۾ رهندڙ هر ماڻهو جاگرافيائي طور هندو ئي ٿيو.”
Peace چئنل تان اسلام تي ليڪچر ڏيندڙ ذاڪر نائيڪ به اها ئي ڳالهه ڪندو آهي، ته هُو جاگرافيائي طور هندو آهي پر مذهبي طور مسلمان آهي. هن کان جڏهن پڇيو ويو ته، “پوءِ جنهن کي ڌرمي طور اسان هندو چئون ٿا اهو ڪير ٿيو؟” ته هن وراڻيو: “جيڪو ويدن کي مڃي ٿو ۽ هن لاءِ صحيح لفظ ويدانتي بي چئي سگهون ٿا.”
ڏٺو وڃي ته ڌرمي طرح هندو لفظ ته هاڻ 18هين صديءَ جي آخر کان انگريزن شروع ڪيو. هندو دراصل فارسي زبان جو لفظ آهي، جيڪو سنڌوءَ مان نڪتو آهي. سنسڪرت ٻوليءَ ۾ درياهه کي ’سنڌو‘ چئجي ٿو. ان ڪري اسان جي انڊس نديءَ جو نالو سنڌي پيو ۽ جنهن علائقي مان اها لنگهي اها سنڌ ٿي. پراڻي فارسي زبان ۾ ’س‘ اکر جو اُچار ناهي ان بدران ’هه‘ استعمال ٿئي ٿو، جيئن اسان به ساس کي ساهه سڏيون ٿا، ڦاسيءَ کي ڦاهي سڏيون ٿا وغيره. سو ايران وارا به سنڌ ۽ سنڌو بدران هند لفظ استعمال ڪن ٿا. ان بابت تفصيل سان پنهنجي ايران جي سفرنامي ’ايران ڏي اُڏام‘ سنڌيءَ جي ماهر ڊاڪٽر پروفيسر قاسم ٻگهيو صاحب جي حوالي سان لکي چڪو آهيان. ان بابت ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ به ’سنڌ جي هندن جي تاريخ‘ ۾ لکيو آهي ته، پارسين جي ڌرمي پستڪ ’زنداوستا‘ آهي. ان ۾ ’سپت سنڌو‘ جو اُچار لکيل آهي. ’هپت هندو‘ يعني ’س‘ بدران ’هه‘ لکيل آهي. مطلب ته قديم ايراني لوڪن ’سنڌو‘ جو اُچار ڦيرائي ڪيو ’هندو.‘
چون ٿا ته لکت ۾ پهريون دفعو ’هندو‘ لفظ فارسي ادب ۾ ’هندِ فلڪ‘ طور استعمال ٿيو، جيڪو پوءِ عربي زبان ۾ ’الهند‘ مشهور ٿيو، يعني انهن ماڻهن جي زمين جيڪي سنڌو نديءَ (Indus) جي ڪنارن تي رهن ٿا. دراصل انڊس ۽ انڊيا جا لفظ يونانين جي ايجاد آهن. تيرهين صديءَ ڌاري انڊيا بدران ’هندستان‘ لفظ مشهور ٿيو، يعني هندن جي زمين ۽ هر اهو ماڻهو چاهي هن جو ڪهڙي به مذهب سان واسطو هو، پر انڊيا ۾ رهيو ٿي ته اهو پرشيا سلطنت توڙي عرب دنيا ۾ ’هندو‘ يا ’الهندي‘ سڏيو ويو ٿي، يعني هندو لفظ مذهبي طور نه پر جاگرافيائي طور سڏيو ويو ٿي. ڪيترائي سنڌ جا مسلمان عالم عرب دنيا ۾ ’الهندي‘ ۽ ايران پاسي ’هندو‘ سڏيا ويا ٿي. جو هندو يا الهندي جاگرافيائي ٽرم هو. اهو ته 18هين صديءَ جي آخري سالن ۾ يورپي سوداگرن ۽ انگريز حاڪمن ۾ هندو لفظ کي مذهب جي روپ ۾ استعمال ڪيو.
اها ڳالهه پنهنجي ڪاليج (پيٽارو) جي دوستن سان هڪ دفعو ڪيم ته قديمي فارسيءَ ۾ ’س‘ جو اُچار نه هئڻ ڪري سنڌ ’هند‘ ٿي وئي ۽ سنڌو ماڻهو هندو سڏجڻ لڳو. هڪ ٻن جي نه مڃڻ تي مون کين بنگالي زبان جو مثال ڏنو، جنهن ۾ ’و‘ جو اُچار ناهي ۽ ’و‘ بدران ’ب‘ اکر استعمال ٿئي ٿو، جيئن اسان جي پيٽارو جي جهازران ساٿي ڪئپٽن بشير وسطڙو کي بنگالي دوست گهڻو ڪري بشير بسطڙو سڏين. بنگلاديش جي ايئر لائين جو سنسڪرت مان ورتل نالو “ايئرومان” هجڻ کپي پر هو ان کي Air-Biman ئي اُچارين ٿا.
اسان جي هڪ دوست عبدالجبار عباسيءَ کلندي چيو ته، “اهي ته ٿيا ڌارين ٻولين جا لفظ. اسان جا ڪيترا سنڌي آهن جيڪي سنڌيءَ جا ڪجهه اکر نٿا اُچاري سگهن. لاڙڪاڻي پاسي ’ڇ‘ اکر کي عام طرح ’ش‘ اکر سان اُچارين، جنهن جو اهو مثال عام آهي ته:
“اشي مشيءَ جو پش شپ هڻي شڏائي ويو...”
يعني، اڇي مڇيءَ جو پڇ ڇپ هڻي ڇڏائي ويو.