الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6162
  • 1165
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

جئپور ڇو پسند ڪيو وڃي ٿو؟

هونئن گلف يا سعودي عرب جا امير عرب هيڏانهن مشرق ڏي نه ايندا هئا. هُو موڪلون ملهائڻ، شاپنگ ڪرڻ ۽ عياشيءَ لاءِ مصر جو رخ رکندا هئا يا ترڪيءَ جو. جتي ڪيترن سعودين جا “سمر هائوس” به ٺهيل آهن، گهڻي کان گهڻي همت ڪندا هئا ته انگلينڊ ويندا هئا پر هاڻ نائن اليون کان پوءِ ڏسان پيو ته هُو ملائيشيا اچڻ لڳا آهن ۽ ان کان به وڌيڪ هتي ممبئيءَ ۾ نظر اچي رهيا آهن. هڪ ڳالهه آهي ته ملائيشيا ۾ عرب گهڻو ڪري فئملين سان اچن ٿا ۽ هتي ڇڙا ئي ڇڙا نظر اچن ٿا. ستين جون کان سيپٽمبر جي آخر تائين عربي سمنڊ کان لڳندڙ چـﺂماسي وارين هوائن (Monsoons) جي موسم آهي ۽ ممبئيءَ ۾ سخت مينهوڳي ۽ اونهاري ڪري يورپ پاسي جا ٽوئرسٽ اچڻ بند ٿيو وڃن. هونئن به يورپ پاسي وارا پنهنجي ملڪ جي سخت ٿڌ کان فرحت وٺڻ خاطر ايشيا جي ملڪن ڏي سياري ۾ اچن ٿا. سو هي مينهوڳيءَ وارا ٽي چار مهينا ممبئي ٽوئرسٽن کان خالي رهي ٿي ۽ هنن ڏينهن ۾ جيڪي ٽوئرسٽ اچن ٿا، انهن جي شاپنگ سستي ٿئي ٿي. بهرحال يورپي ٽوئرسٽن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ هاڻ عربن جي هر شوق پوري ڪرڻ جا هتي بندوبست ڪيا ويا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪنهن به عرب کان ممبئي اچڻ جو سبب کڻي پڇ ته هُو اهو ئي ٻڌائيندو ته آءٌ ممبئيءَ جو مينهن ڏسڻ لاءِ آيو آهيان. جيئن اسان جي پاڪستانين کان بئنڪاڪ يا پتايا ۾ پڇندو هئس ته گهمڻ لاءِ ٿائيلينڊ کي ڇو ترجيح ڏني اٿانوَ ته هُو اهو ئي جواب ڏيندا هئا ته سامونڊي بيچن (ڪنارن) جو لطف وٺڻ خاطر، ڄڻ ڪراچيءَ ۾ ڪلفٽن، هاڪس بي، سئنڊس پٽ آهن ڪونه.
بهرحال ملائيشيا وانگر، توهان جو سانوڻيءَ جي موسم ۾ ممبئيءَ اچڻ ٿئي ته پاڻ سان ڌوپ ڇٽي (Umbrella) ضرور آڻجو، جيئن مينهن ۽ اس کان بچاءُ ٿي سگهي، ممبئي جي چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن تي ٻن آمريڪن عورتن سان اها ڳالهه ڪيم ته هنن مان هڪ ٺهه پهه چيو:
“ممبئي ۾ اچڻ وقت پاڻ سان ٻه شيون آڻڻ ضروري آهن.”
“ڪهڙيون؟” پڇيومانس.
“هڪ مڇرن ۽ منگهڻن جي لاءِ اسپري ۽ ٻيو ٽئاليٽ پيپر جو رول جنهن مان هر هر پني ڀور ڦاڙي پگهر اگهجي.
ممبئيءَ ۾ تقريباً سڄو سال گرمي ۽ گهم جي ڪري پگهر ٽِمندو رهي ٿو ۽ جيڪڏهن توهان حساب ڪتاب ۾ ڪچا آهيو ته پاڻ سان هڪ عدد ڪئلڪيوليٽر به کڻي هلندا ڪريو، جيئن خريداريءَ وقت پنهنجي ملڪ جا پئسا انڊين ڪرنسي ۾ تبديل ڪري، شيءِ جي سستي يا مهانگي هجڻ جو اندازو لڳائي سگهو.”
“ممبئيءَ ۾ ڇاڇا ڏسڻ گهرجي؟” مون پڇيو.
“توهان کي جيڪڏهن وقت ۽ پئسو آهي ته آءٌ توهان کي اها صلاح ڏيندس ته ممبئيءَ مان نڪري جئپور شهر هليا وڃو. مون کي ڪيترن ئي ماڻهن چيو ته جئپور ۾ آهي ئي ڇا، پر انڊيا جا جيڪي شهر دهلي، گوا، آگرا، ممبئي وغيره گهميس، انهن سڀني ۾ مون کي جئپور پسند آيو. “اميدڀون” اتي جي بهترين هوٽل آهي، اسين ٻه ڄڻيون هيون سين ۽ اسان کي روز جي مسواڙ 25 ڊالر ڏيڻي پئي ٿي. هوٽل جي سروس بهترين هئي. کاڌو بهترين هو، صاف سٿرو سئمنگ پول هو ۽ هوٽل پڻ صاف سٿري هئي، هوٽل جي انتظاميا اسان جو ائين ٿي خيال رکيو ڄڻ اسين راڻيون هجون. توهان جو جي ان هوٽل ۾ وڃڻ ٿئي ته منظور ڊرائيور نالي پڇا ڪجو، هُو تمام سٺو گائيڊ آهي، بيحد چرچائي ۽ مناسب ڀاڙو وٺڻ وارو آهي. اسان کي هُو شاپنگ لاءِ به صحيح هنڌن تي وٺي هليو، مون ڪجهه جيولري خريد ڪئي، جيڪا مون کي ايتري گهٽ اگهه تي شايد ٻيو ڪٿي نه ملي سگهي. پنج منڊين ۽ هڪ اوچي پٿر واري هار جا مون کي فقط 150 ڊالر ڏيڻا پيا. ان کان علاوه 28 ڊالرن ۾ 8 جوڙا سئنڊل خريد ڪيم، جيڪي هن شهر جي خاص سُوکڙي آهن.”
جئپور جي مڙيئي ڪا ڳالهه آهي جو مون ڏٺو آهي ته راجستان جي گاديءَ وارو اهو شهر، ڪيترن ئي فارينرن کي وڻي ٿو، جيتوڻيڪ سونهن، Entertainment ۽ تاريخي نوعيت کان انڊيا ۾ دهلي، ڪلڪتو، امرتسر، گوئا، ممبئي، بڙودا ۽ ٻيا ڪيترائي شهر آهن، پر جئپور کي پنهنجي هڪ ڪشش آهي. هن شهر جون گلابي رنگ جون عمارتون يا خوبصورت هوا محل نالي محلات جون تصويرون دنيا جا ماڻهو وڏي شوق سان ڏسن ٿا. هونئن ته راجستان ۽ گجرات جا شهر اسان سنڌ جي رهاڪن لاءِ ان ڪري به دلچسپيءَ جو سبب آهن جو اهي اسان جي پاڙي جا شهر آهن، سندن ڪلچر توڙي زبانون گجراتي، ڪڇي، راجستاني وغيره سنڌ جي بارڊر وارن شهرن ۾ به ڳالهايون وڃن ٿيون. ڏٺو وڃي ته خيرپور يا گهوٽڪيءَ کان جيترو لاهور آهي، ان کان به ويجهو جئپور شهر آهي. اجمير، پشڪار، بارمار ۽ جوڌپور ته اڃان به ويجهو آهن ۽ انڊيا جا جيسلمير جهڙا شهر ته سنڌ جي بارڊر جي ائين ويجهو آهن، جيئن لاهور ۽ امرتسر... جن ڏينهن ۾ اڃان هوائي جهاز ۽ لاريون موٽرون نه هيون ۽ ماڻهو پنڌ يا اُٺن تي سفر ڪندا هئا، تن ڏينهن ۾ سنڌ جي ماڻهن جي گجرات ۽ راجستان جي شهرن ڏي گهڻي اچ وڃ هئي. شاه لطيف به هن پاسي گهڻو گهميو آهي. هن پنهنجي بيت ۾ بيڪانير، ڪڇ ڀوڄ ۽ ٻين گجرات ۽ راجستان جي شهرن جو گهڻو ذڪر ڪيو آهي.
بهرحال پاڻ جئپور جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جئپور لاءِ چون ٿا ته، “مهاراجا سوائي جئه سنگهه” هي شهر 1727ع ۾ اڏايو ۽ هن کي پنهنجي گاديءَ جو شهر مقرر ڪيو، ان کان اڳ ڀروارو شهر امبر هو جيڪو جئپور کان فقط ڇهه ميل پري آهي.
مهاراجا جئه سنگهه 1699ع کان 1744ع تائين حڪومت ڪئي. آدمشماريءَ جي وڌڻ ۽ امبر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڪري، هن راجا جئه سنگهه پنهنجي نالي سان جئپور شهر اڏايو. شهر کي نوَن حصن ۾ ورهايو، جن مان ٻن ۾ محلات ۽ سرڪاري جايون ٺهرايون، باقي ست حصا عوام حوالي ڪيا، حفاظت جي خيال کان شهر جي چوڌاري اتاهيون ۽ ٿلهيون ڀتيون ڏياريون، جن ۾ ست دروازا ٺهرايا جن مان ٽي دروازا جن جا مُنهن سندس وڏن جي سلطنت ڏي کليا ٿي، انهن جا نالا سورج، چاند ۽ ٽئين جو زوراور سنگهه اڄ تائين مشهور آهن. هن شهر جون گهٽيون اڄ جي واشنگٽن D.C شهر وانگر اوڀر اولهه ڏي آهن يا اتر ڏکڻ ڏي. سج لهڻ تي شهر جا دروازا بند ڪيا ويا ٿي ۽ صبح جو سج اڀرڻ تي کوليا ويا ٿي. جئپور لاءِ چيو ويندو آهي ته انڊيا جو پهريون Planned يعني رٿابنديءَ سان ٺهيل شهر آهي.
هي راجا، مهاراجا جئه سنگهه، مئٿس ۽ سائنس جو به ماهر هو ۽ هن، اُن وقت جي ماهر بنگالي برهمڻ اسڪالر وڌيا ڌر ڀٽا چاريا سان صلاح مشورو ڪري، جئپور جي عمارتن کي صحيح طرح ٺهرايو، جيتوڻيڪ ان وقت يعني 1727ع ۾، اڃان موٽر ڪارون ايجاد نه ٿيون هيون، پر هن هر هڪ رستو ويڪرو ڪري ٺهرايو. 1853ع ۾ جڏهن انڊيا تي برٽش انڊيا ڪمپنيءَ جو راڄ هو ته انگلنڊ جو شهزادو ويلس (Prince of Wales) جئپور گهمڻ لاءِ آيو هو. هن جي آجيان ڪرڻ لاءِ سڄي شهر جي عمارتن کي گلابي ڪيو ويو هو، اڄ به جئپور جون ڪيتريون ئي عمارتون، سرڪاري بلڊنگس ۽ محل گلابي رنگ قائم رکندا اچن، انهن ڏينهن ۾ شهر جي ويڪرن رستن تي حڪومت طرفان شمعدان ٻاريا ويا ٿي. عوام جي علاج لاءِ ڪيتريون ئي اسپتالون هيون، روزگار لاءِ ڪيترائي لوهه ۽ ماربل جا ڪارخانا هئا يعني هيءَ اڄ کان ڏيڍ سؤ سال اڳ جي ڳالهه پيا ڪريون، 1868ع ۾ آرٽ جو اسڪول کوليو ويو. ان کان سواءِ ٽي ڪاليج اڳهين هئا، جن ۾ هڪ سنسڪرت جو ڪاليج، جيڪو 1865ع ۾ کوليو ويو هو ۽ هڪ ڇوڪرين جو، جيڪو 1867ع ۾ کُليو. پئسي جي سيڙپ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي امير رهيا ٿي، خاص ڪري جيٽ ۽ مارواڙي واپاري.
تعجب جي ڳالهه اها آهي جو جئپور اڄ به امن امان توڙي تعليم جي لحاظ کان اعليٰ درجي جو شهر آهي. ڇا توهان سوچي سگهو ٿا ته اسان جي سکر جيڏي شهر جئپور ۾ اڄ پنجويهه انجنيئرنگ جا ڪاليج آهن، 27 بزنيس مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ، 15 فارميسي ڪاليج، 4 هوٽل مئنيجمينٽ انسٽيٽيوٽ، 3 ميڊيڪل ڪاليج ۽ 6 ڊينٽل ڪاليج آهن. ان کان سواءِ 8 يونيورسٽيون آهن، جن مان هڪ انڊيا جي بيحد مشهور راجستان يونيورسٽي آهي ۽ هتي جي NIMS يونيورسٽي، جئپور انڊيا جي وڏين يونيورسٽين مان هڪ آهي.
توهان شايد اهو سوچيندا هوندا ته سکر يا حيدرآباد جهڙي شهر جي ايڏي آدمشماري ته نٿي ٿئي، جو هيترا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ڀريل رهن؟ دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته هن شهر جي امن امان (Law & Order) جي حالت تمام بهتر هجڻ ڪري انڊيا جي ڪيترن شهرن جا والدين پنهنجا ٻار، تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جئپور ٿا موڪلين. هر ڪاليج جون هاسٽلون شاگردن سان ڀريون پيون آهن، ان کان سواءِ ٻاهرين ملڪن جا شاگردَ، جيڪي انڊيا جي ٻين شهرن ۾ به آهن، پر هتي جئپور ۾ تمام گهڻا آهن.
توهان جو، جيڪڏهن جئپور وڃڻ ٿئي ته جئپور جي مٿئين راجا جي ابن ڏاڏن جي تخت وارو پراڻو شهر ’امبر‘ ضرور ڏسجو ۽ ان ئي راجا (مهاراجا جئه سنگهه، جيڪو ماهر فلڪيات به هو) Observatory جنتر منتر، هوا محل، البرٽ ميوزيم، برلا مندر، رام باغ محل (جيڪو هينئر لگزري هوٽل آهي) ۽ سيسوديا گارڊن ضرور ڏسجو.