تخلص وارا ڪجهه اسانجا شاعر
“مدهوش معنيٰ جيڪو هوش ۾ نه هجي.” ٻڌايومانس، “جيئن ڪو گهڻو شراب پيئڻ ڪري Senseless ٿي وڃي ته ان کي مدهوش سڏجي ٿو.”
ڪويتا ڊگهو ساهه کڻي چيو، “عجيب ذات آهي!”
مون کلندي ٻڌايومانس ته اها ذات ناهي، پر اهو هڪ شاعر جو تخلص آهي، جيئن تاجل جنهن جو غزل ’سنڌ منهنجي امان...‘ ڪاجل چنديراماڻيءَ ڳائي ٻڌايو، ان جو تخلص ’بيوس‘ آهي، جيتوڻيڪ هُو هڪ اهم ۽ وس وارو سرڪاري ڪامورو آهي ۽ حڪومت جو سڪيريٽري آهي، پر هُو پاڻ کي ’بيوس‘ ٿو سڏائي. تخلص، هڪ شاعر جي کڻي چئجي ته پنهنجي feeling آهي، ته هُو پاڻ کي ڪيئن ڏسڻ ٿو چاهي.”
بقول ارون ٻاٻاڻيءَ جي، نالي ۾ ڇا آهي؟ خاص ڪري تخلص ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو ۽ تخلص نه فقط اسان جي سنڌي شاعرن ۾ مشهور آهي، پر هن جو رواج فارسي ۽ عربي ادب ۾ سالن کان هلندو اچي ۽ سڄي هندستان ۾ پڻ عام آهي. ويندي ذوالفقار سيال جهڙو شاعر به پنهنجي شاعريءَ ۾ زلفي تخلص استعمال ڪري ٿو. ريٽا شهاڻيءَ جي گهر جڏهن پهريون دفعو آءٌ ٽيڪچند سان مليس ۽ ريٽا اسان جو هڪٻئي سان تعارف ڪرائيندي، جڏهن ٽيڪچند لاءِ چيو ته هي ’مست‘ آهي ته ڪجهه گهڙين لاءِ آءٌ به حيرت ۾ پئجي ويس ته ريٽا هي ڇا چئي رهي آهي. ٽيڪچند ’مست‘ سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ وڏو نالو آهي ۽ ريٽا سمجهيو ته هن صاحب جو فقط تخلص ٻڌائڻ سان آءٌ سمجهي ويندس، پر جيئن ته آءٌ ٽيڪچند مست جي شاعريءَ کان اڻ واقف هئس، ان ڪري ريٽا جي ’مست‘ چوڻ تي مون کي هن جو تخلص ڌيان ۾ نه آيو.
ڪالهه ڪراچيءَ ۾ رهندڙ دادوءَ جي وڪيل صحبت بلوچ جو موبائيل فون تي ميسيج آيو. ڪِلڪ ڪري سندس نياپو پڙهيم ته لکيل هو ته اڄ کان مون کي صحبت تنها سڏيو وڃي. پهرين ته ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه اچي ته رومن انگريزي ۾ لکيل TANHA ڪهڙو لفظ آهي. نيٺ فون ڪيومانس ته ٻڌايئين ته اهو لفظ تنها آهي معنيٰ اڪيلو.
“ڇو شاديءَ جو ارادو نه اٿئي ڇا؟” مون پڇيو.
“شاديءَ بعد به پاڻ کي تنها سڏائيندس.” هن چيو.
“پر آخر ڇو؟”
“ان ڪري جو مون شاعري شروع ڪئي آهي ۽ پنهنجو تخلص ’تنها‘ رکيو اٿم.” هن ٻڌايو.
“شابس هجئي وڪيل صاحب! توکي ٻيو ڪو تخلص ئي هٿ نه آيو.” چيومانس.
“بس سائين مون کي اهو وڻيو. آءٌ پاڻ کي ’تنها‘ سڏائڻ چاهيان ٿو.”
“ٺهيو سائين اسان بس ڪئي.” کلندي چيومانس.
سو ڳالهه اها آهي ته تخلص جي معاملي ۾ هرهڪ جي پنهنجي پسند آهي. اهو به ضروري ناهي ته هر شاعر لاءِ تخلص ضروري آهي. تاج بلوچ، تنوير عباسي، نعيم دريشاڻي، ريٽا شهاڻي، نند جويري، امداد حسيني، شمشير الحيدري، عنايت بلوچ ۽ هدايت بلوچ جهڙا ڪيترائي وڏا شاعر آهن، پر هنن جو ڪوبه تخلص ناهي، پر ڪي صحبت بلوچ وانگر پاڻ کي اڪيلو، مسافر، راهي ويندي سنڌي، فدا، پرديسي (بلاول)، پياسي (پيرل)، مسڪين (جهان خان کوسو)، هالائي (انور، سوز)، مورائي (راشد، بشير) سڏائين ٿا. هاٽ ميل ڊاٽ ڪام يا جي ميل ڊاٽ ڪام جي ID وانگر به نه آهي ته هڪ شاعر ڪو تخلص چونڊيو ته اهو ان لاءِ reserve ٿي ويو، ٻيو ڪو شاعر اهو ساڳيو تخلص نٿو رکي سگهي. جيئن مدهوش تخلص نه فقط موهن مڪواڻا جو آهي پر احمد خان جو به آهي جنهن لاءِ سڪرنڊ جي خادم حسين چانڊيو لکيو آهي ته احمد خان ’مدهوش‘ فقط عشق جي دنيا ۾ مدهوش گذاريندو آهي، باقي عام زندگيءَ ۾ هوش و حواس ۾ رهندو آهي ۽ سندس هڪ خوبصورت شعر آهي ته:
نيڻ پنهنجا ڄمائي ڄمائي ڏٺم،
ڍءُ نه ٿيو ڪنڌ ٻيهر ورائي ڏٺم.
پُرڪشش تو جيان ڪونه آيو نظر،
ماڻهو ماڻهوءَ سان اک ملائي ڏٺم.
اهڙيءَ طرح اسان جي وڪيل صاحب صحبت بلوچ پنهنجو تخلص ’تنها‘ ته رکيو آهي، پر ساڳيو تخلص “تنها” اسان جي ڳوٺ هالا جي سيد سيف الله شاهه بخاريءَ جو به تخلص آهي. سيف ’تنها‘ بخاري، ڊاڪٽر ممتاز بخاريءَ جي گهر ۾ 1977ع ۾ ڄائو ۽ ويهن ورهين جي ننڍڙي ڄمار ۾ ئي اسان کان جدا ٿي ويو. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’سرس آهي سونهن ۾‘ سندس وفات بعد 1997ع ۾ ڇپيو. نموني خاطر سندس ٻه شعر هن ريت آهن:
گهائجي ويل دل جي زخمن جا نشان رهجي ويا،
۽ ڳلن تي تنهنجي مٺين جا نشان رهجي ويا.
*
ڏٺا مون دنيا جا عجيب اسرار هت،
نه ڪوبه ڪنهنجو سڄڻ يار هت.
مزي جي ڳالهه اها ته ’بيوس‘ تخلص به فقط اسان جي يار تاجل جو نه هو، پر ٻين جو به هو. جيئن باڊهه جي شاعر شيرل خان ولد حاجي محمد سومر نوناريءَ جو تخلص ’بيوس‘ هو. هو پاڻ کي شيرل ’بيوس‘ باڊاهي سڏائيندو هو. ائين ئي اندرا ’شبنم‘ شهدادپوري پوناوالا آهي، جنهن جو تخلص ’شبنم‘ آهي، شهدادپور سندس وڏن جو ڳوٺ ۽ پوني ۾ پاڻ هاڻ رهي ٿي. سو شيرل به پنهنجي تخلص ’بيوس‘ سان گڏ پنهنجي ڳوٺ باڊهه جو نالو به لڳايو آهي. سندس شاعري نه فقط سنڌ ۾ پر بلوچستان ۾ به مقبوليت حاصل ڪئي ۽ سندس ڪلام هرهڪ جي چپن تي هوندو هو. نموني خاطر هڪ شعر هتي ڏجي ٿو:
لبن تي دم ڏسي دلبر پڇڻ اچجانءِ خدا نالي،
ڪنهن ڪم جي بهاني سان ملڻ اچجانءِ خدا نالي.
اچڻ تنهنجي کان اڳ ۾ وڃي دم دلربا نڪري،
ڪفن کولي مٺا مُهڙو ڏسڻ اچجانءِ خدا نالي.
ان کان به جهونو شاعر ديوان ڪشنچند ولد تيرٿداس کتري ٿي گذريو آهي، جنهن جو تخلص پڻ ’بيوس‘ آهي. ڪشنچند بيوس 1885ع ۾ لاڙڪاڻي شهر جي لاهوري محلي ۾ ڄائو. ڪشنچند بيوس جي شاعريءَ کان منهنجي عمر جو هر سنڌي واقف هوندو، جن ننڍي هوندي پرائمري اسڪول جي ڪتابن ۾ سندس مشهور نظم ’جهوپڙي‘ ضرور پڙهيو هوندو.
الله شال مَ جُهري غريبن جي جهوپڙي...
اڄ اهو شعر درسي ڪتابن ۾ نظر نٿو اچي.
ڪشنچند ’بيوس‘ ڪانگريس ۽ خلافت جي تحريڪن جو به سرگرم ڪارڪن ٿي رهيو. پاڻ مهاتما گانڌيءَ جو عقيدتمند ۽ هندو مسلم ايڪتا جو حامي پڻ هو. هوندراج دکايل ۽ پروفيسر رام پنجواڻيءَ جهڙا سندس شاگرد ٿي رهيا هئا. پاڻ 1947ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ پرلوڪ پڌاريو. سندس هڪ شعر آهي:
جهونا اچن سڌير مٺي هير جا هتي،
ايندي لهي وڃن دک دلگير جا هتي.
سو اهو ضروري ناهي ته ساڳئي تخلص وارو هڪڙو ئي ماڻهو هجي. ساڳئي تخلص وارا ٻه ٻه ۽ ٽي ٽي ته ڇا، ڪن تخلص وارا چار چار شاعر به آهن، جيئن ’خادم‘ تخلص وارا شاعر آهن:
امام بخش ’خادم‘ بدوي، جيڪو 1861ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ سنڌي ۽ فارسيءَ ۾ شعر چيائين ۽ 1918ع ۾ وفات ڪري ويو.
وڃي ٿي وڇوڙي ۾ سڀ زندگاني،
پوَئي مهر مرسل پسايو پيشاني،
گهڻا سال گذريا تنهنجي لاءِ سِڪندي،
ڪندي آهه زاري پئي زندگاني.
داد محمد ’خادم‘ بروهي، 1940ع ۾ ڄائو. کيس پنجن ٻولين تي مهارت آهي ۽ پنجن ئي ٻولين (سنڌي، پنجابي، اڙدو، سرائڪي ۽ براهوي) ۾ لکي ٿو. نثر ۽ نظم کان علاوه صحافت سان پڻ واسطو اٿس. پاڻ سنڌي اخبار ’کيرٿر‘ ۽ مستونگ مان نڪرندڙ براهوي اخبار ’ايلم‘ سان منسلڪ آهي.
محمود ’خادم‘ 1985ع ۾ ميرو خان (ضلعي لاڙڪاڻي) ۾ ڄائو. پاڻ 1960ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ لاڙڪاڻي ۾ دفن آهي. سندس هڪ شعر آهي:
ڪري ويٺو جو توسان همسري تڏهن زماني ۾،
ٿيو آ شرم کان ڏس داغ ڪارو ماهه تابان ۾.
حسين بخش ’خادم‘ سروري مشهور ڪافي گو شاعر۽ مهان راڳي ٿي گذريو آهي. پاڻ 1930ع ۾ سيوهڻ جي هڪ ڳوٺ آراضيءَ ۾ ڄائو، پر اسان کيس سڄي عمر هالا ۾ مخدومن وٽ ڏٺو. سندس ريڊيو پاڪستان تان مخدوم طالب الموليٰ ۽ مخدوم امين فهيم ۽ ٻين شاعرن جا ڳايل ڪلام اڄ به سدابهار آهن ۽ بيحد پسند ڪيا وڃن ٿا. پاڻ 1992ع ۾ وفات ڪيائين، سندس هڪ شعر آهي:
ويهه، وڃ مَ منهنجا پرين، منهنجي ساعت ڪين سري،
رهه ڪا رات ’خادم‘ وٽ، ڪامل قرب ڪري،
مٿان مِٽي وري، پوءِ تون وڃڻ جون وايون ڪجانءِ.
ارون ٻاٻاڻيءَ پنهنجي انگريزي مضمون “What is in a name” ۾ پاڻ لاءِ ٻڌائي ٿو ته، “مون جڏهن سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو ته مون به هڪ عدد تخلص ڳوليو. انهن ڏينهن ۾ آءٌ تمام گهڻو خوش ۽ کلمک هئس ان ڪري آءٌ پاڻ کي ’سرڳواسي‘ سڏائڻ لڳس. مون پنهنجي استاد کان ٻڌو هو ته جنت يا جهنم ڪي جاگرافيائي حدون نه آهن، پر انسان جي اندر جا احساسات آهن. سو جڏهن به ڪو خوش ۽ خاموش آهي ته هُو سرڳ (جنت) ۾ آهي. منهنجي ماتا جيتوڻيڪ ان کي چرچي ۾ ئي ورتو، پر ان هوندي به مون کي اهڙو تخلص اختيار ڪرڻ کان منع ڪئي، جو سرڳواسي يا مرحوم مري ويل ماڻهوءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. نتيجي ۾ آءٌ اڃان تائين بي تخلص آهيان...”
هندستان جي ورهاڱي وقت 15 سالن جو نارائڻ پرياني جڏهن سنڌ ڇڏي ڀارت ڏي لڏي رهيو هو، ته هن پنهنجي دوست ۽ شاعريءَ جي استاد هري دلگيرکان جڏهن پنهنجي لاءِ ڪنهن بهترين تخلص جي صلاح ورتي ته هن ٺهه پهه چيس ته “جيئن ته تون هاڻ انڊيا لڏي پيو وڃين ان ڪري پاڻ کي ڀارتي سڏاءِ.” اهڙيءَ طرح هُو نارائڻ پرياني مان ڦري نارائڻ ڀارتي ٿي ويو.
هونئن ڀارتي فقط نارائڻ ناهي، سنڌيءَ جو مشهور شاعر ۽ اديب گورڌن جو به تخلص ڀارتي آهي. گورڌن ڀارتيءَ جو هن وقت هڪ خوبصورت شعر ڌيان ۾ پيو اچي:
هُتڙي مينهن وسن هِتڙي نيڻ ٽِمن،
مون کي مارُن جا پل پل پُور پون.
هري دلگير لاءِ ارون ٻاٻاڻي پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته، “هري دلگير کي زندگيءَ ۾ دير سان احساس ٿيو ته هن جو تخلص دلگير، جنهن جو مطلب غم ۾ ٻُڏل يا کڻي چئجي مايوسي (despair) آهي، اهو ته هن جي سوچ ۽ اعتقادن جي پوئواري هرگز نٿو ڪري... پر هاڻ دير ٿي چڪي هئي. هڪ دفعو چونڊيل تخلص هميشه لاءِ رهي ٿو. هر سٺو اديب ۽ شاعر پنهنجي نالي ۽ ذات کان وڌيڪ پنهنجي تخلص سان سڃاتو وڃي ٿو.”
هتي اهو به لکندو هلان ته هري دلگير (اصل نالو هريرام پٽ گرڏنو مل درياني) لاڙڪاڻي ۾ 1916ع ۾ ڄائو ۽ ڪراچيءَ مان جن انجنيئرنگ B.E جي ڊگري حاصل ڪئي، هُو انهن شروعاتي انجنيئرن مان هو. 1958ع ۾ هندستان لڏي وڃڻ وقت هو ايگزيڪيوٽو انجنيئر هو. هندستان پهچي اڌيپور (ڪڇ) جي تولاڻي پاليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ جو فائونڊر پرنسپال ٿيو. پاڻ تمام گهڻي شاعري ڪئي اٿس. سندس ڇپيل شعري مجموعن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• ڪوڏ
• موج ڪئي مهراڻ
• پل پل جو پڙلاءُ، وغيره
سندس هڪ شعر هتي ڏيڻ ضروري سمجهان ٿو:
ڪندين جي ياد ته تنهنجي نهار ۾ هوندس،
چمن ۾، گيت ۾، هر ڪوهسار ۾ هوندس.
جڏهن تون سيج تي سمهندين ته خواب ۾ ايندس،
۽ جاڳ ۽ تنهنجي ڳوڙهن جي تار ۾ هوندس.
نالو کڻي هندو يا مسلمان لاءِ ڌار ڌار هجي پر ساڳيو تخلص هندو جو به ٿي سگهي ٿو ته مسلمان جو به. عورت جو به اهو ٿي سگهي ٿو ته مرد جو به. جيئن ’راهي‘ تخلص مسلمان شاعر جو به آهي، ته هندو شاعر جو به. موتي عورت به سڏائي ٿي ته مرد به.
ميهڙ جو شاعر محمد اسحاق ولد محمد صالح سومرو، جيڪو سٺ ورهين جي ڄمار ۾ 1994ع ۾ گذاري ويو. ’راهي‘ تخلص سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس ڪلام نئين زندگي، مهراڻ ۽ ٻين رسالن ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ ڇپيو. سندس غزل جو نمونو هن ريت آهي:
وڃون ٿا يار اڄ محفل مان يارن کي ته سمجهايو،
بهارون موڪلائن ٿيون، بهارن کي ته سمجهايو.
فلڪ وارا به رُخنو ٿي پيا آرام ۾ ’راهي‘،
ڦٽائين ننڊ ٿا منهنجي، ستارن کي ته سمجهايو.
اسحاق ’راهيءَ‘ جو ئي همعمر ڪرشن ’راهي‘ آهي، جيڪو 1931ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. اڄڪلهه ممبئي انڊيا ۾ رهي ٿو. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ’ڪماچ‘ ۽ ’وسڻ سندا ويس‘ تمام مشهور آهن:
هجي سار هڪڙي ته وسرڻ سان وسري،
سڄو سينو آهي، سنڀارون سنڀارون.
اڃا راهه ’راهي!‘ نه پٽڻي آ ساهي،
اڃا پنڌ جون ئي پچارون پچارون.
ڪرشن راهيءَ جو هڪ خوبصورت بيت آهي:
نيسر هيٺان نار، ميٽ مليل لڱن سان،
جهرجهر ڪندو جَل وهي، تواني تن تان،
اُجرو ٿي اڳ کان، ٿو نڪري سُون سرير جو.
موتي پرڪاش جو تخلص خبر ناهي موتي آهي، يا پرڪاش پر اهو مرد جو ئي نالو آهي. جنهن جو شعر آهي:
اڄ وري گذريل زمانا ياد پيا،
پيار جا رنگين فسانا ياد پيا،
لام تي لنوندو ڏسي بلبل کي اڄ،
پنهنجا اُجڙيل آشيانا ياد پيا.
۽ هيڏانهن اسان وٽ شبنم ڪراچي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ۽ ٽي. ويءَ. تي خبرون پڙهندڙ سليم ميمڻ جي شاعره زال آهي، جنهن جو تخلص ’موتي‘ آهي:
ٻانهن سيرانديءَ ڏئي جڏهن تون
ڏسندين سونو چنڊ
ياد ته ايندءِ ڪڏهن هياسين
تون مان کير ۽ کنڊ
-
آڌيءَ رات اُٿي جڏهن تون
اُجهائڻ خاطر اُڃ
خيال ته ايندءِ گهرڙو آهي
سجني تو بن سڃ.
ڪي ڪي تخلص شاعر جي نياز ۽ نئڙت Humbleness جو اظهار ٿا ڪن. پئسي وارو هوندي به شاعر پاڻ کي ’مسڪين‘ سڏائڻ ٿو چاهي. محلن جو مالڪ هوندي به پاڻ کي بي گهر ٿو سڏائي، پنهنجي ئي ڳوٺ ۾ ڄمي مري ٿو، پر پاڻ کي پرديسي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪري ٿو ۽ اهڙيءَ طرح ڪجهه ٻيا تخلص به آهن: صحرائي (تاج)، ناچيز (جعفر علي خاصخيلي)، غريب (جمع خان)، بسمل (حافظ عبدالله)، گدائي (عبدالڪريم)، مجروح (عزيز الله)، ملنگ (غلام حسين)، فاني (کيئل داس)، عاجز (فقير محمد)، مالهي (گوبند)، مسافر (محمد صديق)، پياسي (پيرل) وغيره.
درد کان ڇلڪي حسن جو جام،
دل روڪي ڪو هڻندو هام،
سونهن جو آهي خاص خزانو،
عشق به هر هنڌ ناهي عام.
هي مٿيون شعر شڪارپور جي شاعر کيئل داس ’فانيءَ‘ جو آهي، جيڪو 1910ع ۾ ڄائو. پاڻ شڪارپور ۾ ٽيچر ٿي رهيو. شيخ اياز، نورالدين سرڪي وڪيل ۽ سترام ڪلياڻيءَ جهڙا اهم اديب ۽ شاعر سندس شاگردن ۾ شمار ٿين ٿا.
ورهاڱي کان پوءِ ’فاني‘ صاحب شڪارپور ڇڏي ڀوپال هليو ويو، جتي جي انٽر ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو. سندس شاعريءَ جا ٻه ڪتاب ’خزاني جي خوشبوءِ پيلا پن‘ ۽ ’سمنڊ سمايو بوند ۾‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو پاران ڇپيل آهن. سندس وفات 1995ع ۾ ٿي.
اسان جو جهاز سوڊان، سينيگال، آئوري ڪوسٽ، گهانا جهڙن آفريڪي ملڪن ۾ ويندو رهيو، پر مون ڪڏهن به تاج صحرائيءَ کي آفريڪا جي رڻ پٽ يا بيابان ۾ نه ڏٺو. هميشه ڪلفٽن ۾ يا کوڙي گارڊن ۽ بولٽن مارڪيٽ مان جهونا ڪتاب خريد ڪندي ڏٺو. منهنجي خيال ۾ پاڻ شاعريءَ کان وڌيڪ ريسرچ ورڪ (کوجنا جو ڪم) ڪيو اٿس. رني ڪوٽ، اروڙ، گورک هل ۽ منڇر جهڙن ماڳن تي. تاج صحرائي، جنهن جو درس و تدريس سان به واسطو رهيو، هڪ جفاڪش، محنتي ۽ باشعور انسان ٿي گذريو آهي. پاڻ 1921ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو ۽ 2006ع ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين. پاڻ سٺن شاعرن ۽ اديبن ۾ شمار ٿئي ٿو. نموني طور سندس هڪ شعر آهي:
زندگيءَ جي دراز پلڪن تي، حادثن جو غبار ايندو آ،
همسفر تيز گام ٿي اڳيان، ميڪدي ۾ قرار ايندو آ.
اسان وٽ ڪيترن جا تخلص خوشي ۽ چين جو اظهار ڪن ٿا جيئن ته ڪلپنا (موهن)، ڪومل (لڇمڻ)، سرشار (الهه بخش عقيلي)، تبسم (عبدالغفار)، مسرور (غلام علي فقير)، فهيم (مخدوم امين)، نرمل (واسديو) وغيره وغيره...
لڇمڻ ڪومل ويجهڙائيءَ ۾ ٻه ٽي دفعا پاڪستان به اچي چڪو آهي. پاڻ سوجهرو ۾ سندس زندگيءَ جو احوال اچڻ بعد، سڄيءَ سنڌ ۾ مشهور آهي. سندس ان آتم ڪٿا جا ٻه جلد ’وهي کاتا جا پنا‘ ڪراچيءَ مان تان بلوچ ڇپرايا، جيڪي هٿو هٿ پڙهندڙن خريد ڪيا. منهنجي به ساڻس ڪراچيءَ جي ڊفينس ڪلب ۾ ڊنر تي ملاقات ٿي، جنهن جو بندوبست شڪارپور جي مئڊم شيرين فاروقي، پرنسپال ڪلفٽن گرين بيلٽ اسڪول ڪيو هو ۽ نورالهدا شاهه، پروفيسر سليم ميمڻ ۽ ٻين ڪجهه اديبن کي مدعو ڪيو هو.
لڇمڻ ’ڪومل‘ (سڄو نالو لڇمڻ چيلارام ڀاٽيا) 1936ع ۾ ڪنڊيارو ۾ ڄائو. ارجن حاسد ۽ ايم ڪمل جهڙا ناميارا غزل گو ۽ شاعر پڻ ڪنڊياري جا آهن. لڇمڻ اسڪولي تعليم ’ولس هاءِ اسڪول نوابشاهه‘ ۾ ورتي.
موهن ڪلپنا 1930ع ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ جنم ورتو. هن جو اصل نالو موهن بولچند لال هو. پاڻ تمام وڏو ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ شاعر هو. موهن ڪلپنا جو هڪ شعرن جو مجموعو ’جهاز جي ڊيڪ تي‘ تمام گهڻو مشهور آهي. 1992ع ۾ الهاس نگر (ڀارت) ۾ وفات ٿي.
عبدالغفار ’تبسم‘ موجوده دور جي سٺن شاعرن مان هڪ آهي. سندس شاعري نه فقط ڪتابن ۾ پڙهي وڃي ٿي، پر ٽي وي ۽ ريڊيو تان پڻ ڳائي وڃي ٿي.
عبدالغفار ’تبسم‘ (سڄو نالو عبدالغفار ولد قادر بخش ڀٽي) 1951ع ۾ ڳوٺ نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. تبسم جا ڪجهه نظم جا مجموعا هن ريت آهن:
• گلن جهڙا ڳل
• شفق وارا ڇانورا
• مٽيءَ جا سُر
• سوچون صحرا سراب
عبدالغفار 1974ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم. اي. انٽرنيشنل رليشن ۾ ڪرڻ بعد PIA ۾ نوڪري ڪئي. اڄڪلهه سندس آفيس ايئرپورٽ تي آهي ۽ پي آءِ اي جي ڪارگو سيڪشن يا بُڪنگ سيڪشن جو مئنيجر آهي. پاڻ تمام گهڻي ۽ سٺي شاعري ڪئي اٿس ۽ شيخ اياز، تاجل بيوس ۽ استاد بخاريءَ وانگر ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تان هند سنڌ ۾ ڳايو وڄايو وڃي ٿو. سندس ڪي ڪي غزل ته ڪيترن ئي مختلف ڳائڻن پنهنجين ڌُنن ۾ ڳايا آهن. جيئن سندس هڪ غزل جو مُکڙو آهي:
سڪ سوز ۾ دل ساڙي
محبت جا ڪي مچ مچائي
ڪا سار ته لهبي آ...
مٿيون گانو شهنيلا علي ڳايو آهي ته شمن ميراليءَ، محمد حنيف لاشاريءَ ته منظور سخيراڻيءَ به. هرهڪ ٽي وي جي مختلف چئنلن KTN، ڌرتي، سنڌ، مهراڻ وغيره لاءِ ڳايو آهي.
عبدالغفار تبسم جو هڪ مشهور غزل، جيڪو مظهر ۽ ذوالفقار ڳايو آهي، اهو ڌرتي ٽي وي جي ڊائريڪٽر حميد ڀٽو طرفان شمع ڪيريو ۽ آفتاب ملڪ تي انڊيا جي مختلف شهرن: دهلي، آگري، ممبئي ۽ حيدرآباد دکن ۾ فلمايو ويو آهي. هن راڳ جا ٻول آهن:
هڪ دفعو لکيو پڪو دل تي تنهنجو نانءُ،
تنهن مٿان مان ڪيئن لکان ٻي ڪنهن جو نانءُ.
عبدالغفار ’تبسم‘ جو هڪ ٻيو گيت، جيڪو منظور سخيراڻيءَ ڳايو آهي ۽ حميد ڀٽو صاحب ڌرتي ٽي ويءَ لاءِ فلمايو آهن، هن ريت آهي:
او ڌرتي! مان تنهنجي رکت ڏيندي ڏيندي،
رهندو تنهنجو قرضي مان ٿيندو وڃان ٿو.
تبسم صاحب جي شاعريءَ جا ڪتاب جيڪي ويجهڙائيءَ ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا آهن، انهن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• موسيقي، موسم ۽ تبسم
• جو پَل جهومي جهول ۾
• نيڻن جي آڳر ۾
• اُڀ هيٺان اڃارا گيت لُڇن
• تنها ڪنڌيءَ مسافر
تبسم جو هڪ گيت، جيڪو منظور سخيراڻيءَ ڳايو آهي ۽ اسان وٽ سنڌ ۾ ان راڳ جو ٻول موبائيل فون جي ٽون ۾ تمام مشهور آهي. خود ’تبسم‘ جي موبائيل فون جو نمبر 3781788-0333 جڏهن ڊائل ٿو ڪجي، ته گهنٽيءَ بدران ان راڳ جو مکڙو ٿو وڄي، جيڪو هن ريت آهي:
ها مان تنهنجي بنا ڪجهه به ته نه آهيان،
تون جي گڏ گڏ هجين پوءِ مان آهيان.
عبدالغفار ’تبسم‘ جا گيت نه فقط ٽي وي، ريڊيو ۽ موبائيل فونن جي سونهن آهن، پر سندس ڪيترائي شعرَ، ادبي محفلن جي شروعات ڪرڻ مهل يا وچ وچ ۾ انائونسر جي وات تي رهن ٿا. اهڙن ئي شعرن مان هڪ آهي:
جنون، جوش، جذبا جوالا ڪنداسين
ٻوٽيون، ماس ٻاري مشعالا ڪنداسين
رڳو پڪ پرين ڏي تون اچڻ پنهجي جي
اسان تي ڇڏي ڏي ته ڇا ڇا ڪنداسين.
مٿي ڏنل عبدالغفار ’تبسم‘ جا سمورا شعر مون پنهنجي مرضيءَ سان ڏنا آهن. هي مضمون لکڻ مهل کيس فون ڪري فرمائش ڪئيمانس ته ڪو هڪ شعر هُو پنهنجي پسند جو به ٻڌائي. سو آخر ۾ سندس لکايل تازو شعر هن ريت آهي:
وفا پسند هيو هو، وفا پرست نه هو،
رُڃن ۾ ڪيئن هلي ها سفر جو سخت نه هو،
اسان الائي ته ڪنهن ڪنهن جو اڻيوسين جيون،
اسان جي پنهنجي حياتيءَ تي ڪوئي پرٿ نه هو.