پوني جو شنيوار وادا .....
شنيوار وادا مرهٺا سلطنت جي وزيراعظمن جي رهائش لاءِ 1732ع ۾ ٺهرايو ويو هو، شنيوار مرهٺي زبان ۾ ڇنڇر کي سڏين ۽ وادا معنيٰ گهر، آستان وغيره. هي محل پوني شهر جي وچ ۾ ڇهه ايڪڙن تي، مرهٺا سلطنت جي باني حاڪم ڇترا پتي شيواجي، ان بعد سندس پٽ سمڀاجي ۽ پوءِ جڏهن ڇترا پتي شاهو تخت ۽ تاج جو مالڪ ٿيو ته هن جي پيشوا، يعني وزيرِاعظم باجي رائو هن محل شنيوار وادا جو بنياد رکيو. هن محل لاءِ ٽيڪ جهڙو عمدو ڪاٺ، پٿر ۽ چُن انڊيا جي مختلف علائقن مان گهرايا ويا بعد ۾ ايندڙ پيشوائن هن محل ۾ ڪافي واڌارو آندو ۽ چوڌاري قلعو پڻ ٺهرايو. اٽڪل هڪ سئو سالن بعد 1828ع ۾ هن محل کي باهه لڳي، جنهن جي سببن جي اڄ ڏينهن تائين خبر پئجي نه سگهي آهي، انهي هن محل کي ڪافي نقصان رسايو پر انڊيا حڪومت هن شنيوار وادا کي سياحن جي ڏسڻ لاءِ برقرار رکندي اچي، ڇو جو هي قلعي اندر محل آرڪيالاجي جي خيال کان وڏي اهميت رکي ٿو.
شنيوار وادا کي پنج وڏا دروازا (Gates) آهن، انهن مان هڪ جنهن جو منهن اتر ڏي دهليءَ طرف آهي “دلي دروازو” سڏجي ٿو. هن دروازي جا طاق بيحد وڏا ۽ مضبوط آهن، جيئن ان مان پالڪين سميت هاٿي به گذري سگهن ۽ دشمن جي لشڪر جي هاٿين جي حملي کان بچڻ لاءِ هن دروازي ۾ هڪ هڪ فٽ جا لوهي ڪِلا لڳل آهن، جيئن اهي ڪِلا هاٿين جي مٿن ۾ گهڙي وڃن. هتي جي گائيڊ ٻڌايو ته مرهٺو حاڪم ڇتراپتي شاهو چوندو هو ته دهلي ڏي کُلندڙ هي دروازو ائين هجي، جيئن بهادر سپاهين جون ڇاتيون ۽ نه گَپَ گاري جو، جنهن لاءِ هن مرهٺي جملو ٻڌايو: “ڇاتيچي، ماتيچي، ناهِي.”
ٻئي دروازي جو نالو “مستاني درواجو” آهي. مرهٺي ۾ دروازي کي درواجو ٿا سڏين، مستانيءَ لاءِ مٿي لکي چڪو آهيان ته پيشوا باجي رائو، جنهن شنيوار وادا جو بنياد رکيو ان جي محبوبا (Concubine) هئي. هي دروازو اتر ڏي کُلي ٿو ۽ هي دروازو فقط مستانيءَ جي اچڻ وڃڻ لاءِ هو! چئبو ته پراڻي زماني جي حاڪمن جا به اهي ئي ڪم هئا، يعني زالون گهر جي زنان خاني ۾ ڌوڙ پيون پائين، پاڻ ڳائڻين، ناچڻين ۽ نخريلي نارين سان ڳجهن محلن ۽ ڪوٺن تي پيا راتيون گذارين ۽ عيش ڪن. بهرحال اسان کي ڪو اعتراض ناهي جو هنن مرهٺن جي حاڪمن پنهنجي ڌرتي ۽ عوام جو به خيال رکيو ٿي، غريبن جي سکن ۽ روزگار لاءِ هنن ڇا ڇا نه ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو عوام، هنن کي پرپٺ گاريون ڏيڻ بدران سندن عزت ۽ احترام ڪري ٿو.
هڪ دروازي جو نالو “کڙڪي درواجو” به آهي، هڪ دروازو جيڪو ڏکڻ اوڀر طرف کُلي ٿو “گنيش درواجو” سڏجي ٿو، جنهن تي اهو نالو گنيش رنگ محل تان پيو، جيڪو محل هن دروازي جي ڀرسان آهي، جنهن قبصه گنپتي مندر ۾ ويندڙ عورتون اچي رهنديون هيون.
پنجين دروازي جو نالو جمڀل دروازو آهي جيڪو “نارائن درواجو” به سڏجي ٿو. هي دروازو ڏکڻ ڏي کُلي ٿو ۽ هي دروازو محل ۾ ايندڙ ٻانهين ۽ ڳائڻين لاءِ هو.
هن قلعي اندر ڪيترائي محل آهن. گائيڊ هڪڙي محل لاءِ ٻڌائي رهيو هو ته اهو ناچاچا ديوان خانا آهي يعني ڊانس هال، هڪ جو نالو “جُونا آرسا محل” يعني جهونو آرسي محل پڻ آهي، مرهٺي جا ڪيترا لفظ سنڌي سان ملن ٿا جيئن گجراتي ۽ ڪڇيءَ جا سنڌيءَ سان ملن ٿا. ظاهر آهي ڪڇ ۽ گجرات ڏکڻ سنڌ سان ائين مليو پيو آهي ،جيئن پنجاب جو سرائڪي بيلٽ اتر سنڌ سان. اهو ئي سبب آهي جو منهنجو والد مرحوم گل محمد شيخ پوني ۾ پڙهڻ ڪري، مرهٺي سٺي ڳالهائي سگهيو ٿي. مون کي پڪ آهي ته کين مرهٺي سمجهڻ ۾ ايتري محنت نه ڪرڻي پئي هوندي، جيتري مون کي بنگال ۾ مئرين انجنيئرنگ پڙهڻ دوران بنگالي سکڻ ۾ ٿي، جو بنگالي جا ايترا لفظ سنڌيءَ سان نٿا ملن، جيترا مرهٺي ۽ گجراتيءَ جا سنڌيءَ سان ملن ٿا.