الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6162
  • 1165
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

سولاپور ۽ ماڌوري ڊڪشٽ جو عاشق

ڏٺو وڃي ته انڊيا جي رياست (صوبو) مهاراشٽرا، جنهن ۾ ممبئي ۽ پوني جهڙا شهر آهن، آدمشماري توڙي پکيڙ جي لحاظ کان تمام وڏو آهي. انڊيا کان ڪو ٽوئرسٽ ٻن ڏينهن لاءِ ڪراچيءَ اچي شوق ڏيکاري ته هن کي جيڪب آباد وڃڻو آهي ته اها ڳالهه ناممڪن آهي. هن جو سڄو ڏينهن جيڪب آباد اچڻ وڃڻ جي سفر ۾ ضايع ٿي ويندو باقي ڏسي ڇا سگهندو؟ نه ڪراچي چڱي طرح گهمي سگهندو نه جيڪب آباد. اڃان به هُو چاهي ته ڪراچيءَ کان ڀنڀور، مڪلي ۽ ٺٽو وغيره ڏسي سگهي ٿو. يا ته هُو انڊيا کان سڌو سکر اچي ۽ پوءِ ٻن ٽن ڏينهن جي رهائش ۾ هُو سکر، لاڙڪاڻو ۽ جيڪب آباد ڏسي سگهي ٿو. سو هر مسافر کي پاڻ اڳواٽ فيصلو ڪرڻو آهي ته هن کي انڊيا ۾ ڪيترا ڏينهن رهڻو آهي ۽ سندس پهريون ٺام ٺڪاڻو ڪهڙو شهر رهندو. ڇو جو مهاراشٽرا صوبو سنڌ کان به گهڻو وڏو آهي بلڪ سنڌ ۽ پنجاب کي ملائجي ته مهاراشٽرا برابر ٿين ٿا. سو اهڙيءَ حالت ۾ ڪو هفتي لاءِ ممبئي ۾ اچي ناگپور يا گونديا گهمڻ کان بهتر آهي ته ممبئي پوني، ٿاني، ناشڪ يا وڌ ۾ وڌ رتناگري، ستارا يا احمد نگر وڃڻ جو سوچي، جيڪي ضلعا ممبئيءَ جي ويجهو آهن.
جيئن سنڌ يا پنجاب وغيره مختلف ضلعن ۾ ورهايل آهي، تيئن مهاراشٽرا جو انتظامي ڪاروبار هلائڻ لاءِ ان کي 35 ضلعن ۾ ورهايو ويو آهي. انهن سمورن ضلعن جو 6 ڊويزنون ٺاهيون ويون آهن. جيئن ڪونڪان (Konkan) ڊويزن ۾ 6 ضلعا اچي وڃن ٿا.
1. ممبئي شهر ضلعو
2. ممبئي پسگردائي وارو ضلعو
3. رائگاد ضلعو
4. رتناگري ضلعو
5. سنڌو درگ ضلعو
6. ٿاني ضلعو
مهاراشٽرا جا مٿيان سمورا ضلعا عربي سمنڊ جي ڪناري تي ائين آهن، جيئن اسان جو ڪراچي ۽ ٺٽو وغيره. پاڻيءَ واري جهاز ۾ ڪراچيءَ کان ڪولمبو (سريلنڪا) ڪنارو وٺي وڃبو ته گجرات وارو ڪنارو ختم ٿيڻ بعد مٿيون هڪ هڪ ضلعو ٿي گذرندو آهي. مهاراشٽرا جا مٿيان ضلعا پورا ٿيڻ بعد گوا کان پوءِ يڪدم ڪرناٽڪا ۽ ان بعد ڪيرالا شروع ٿي ويندو آهي. ان بعد ڪجهه حصو سمنڊ جو گذرڻ بعد سريلنڪا جو ڪنارو شروع ٿي وڃي ٿو.
سمنڊ جي ڪناري سان لاڳو مٿين ڇهن ضلعن کان پوءِ انهن جي بلڪل پٺيان وارا ضلعا آهن ناشڪ، احمد آباد، پوني، ساتارا، سانگلي، ڪولهاپور، سولاپور، جلگائون ۽ اورنگ آباد آهن. انهن ضلعن جي شهرن ۾ به توهان آسانيءَ سان باءِ روڊ يا ريل گاڏيءَ ذريعي پهچي سگهو ٿا. انڊيا ۾ ريل جو سفر بيحد سستو، آرامده (يعني اسان ايشيائي ماڻهن جي حساب سان) ۽ تيز رفتار آهي. امن امان به بهتر آهي ۽ وقت جي پابنديءَ جو وڏو خيال رکيو وڃي ٿو. مهاراشٽرا جا ڪجهه ضلعا ايترو ته پري آهن، جو پوءِ يا ممبئي ۽ پوني شهر گهمجن يا اهي ضلعا. مثال طور ناگپور، وارڌا، امراوتي، اڪولا، هنگولي، لاتور، عثمان آباد، جلنا ضلعا آهن. ڀنڍارا، گونديا، چندراپور ۽ گاد چرولي وغيره ته بيحد ڏورانهان ضلعا آهن ۽ آنڌرا پرديش ۽ ڇَتيس ڳڙهه سان وڃيو ٿا ملن. هتي پاڻ سولاپور، ڪولهاپور ۽ ناگپور جهڙن شهن جو مختصر طور ذڪر ڪنداسين.
سولاپور:
منهنجي يا منهنجيءَ عمر وارا هن شهر کي ٻيڙيءَ جي حوالي سان ضرور سڃاڻندا هوندا. ننڍا هئاسين ته ڳوٺ ۾ ٻگهلا ڇاپ سگريٽ ۽ شولاپوري ٻيڙين جو نالو عام ٻڌبو هو. هاڻ ته شايد ئي ڪو ٻيڙي ڇڪيندو هجي. نه ته سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ ۽ ڪيترن ئي گهرن ۾ مرد توڙي عورتون پن جون ٻيڙيون ٺاهي، سيڪڙو جي حساب سان پان ٻيڙي جي مانڊڻين تي وڪڻنديون هيون. هي پَنَ، جن ۾ تماڪ وجهي ٻيڙيون ٺاهيون وينديون هيون سي انڊيا کان ايندا هئا.
سولاپور جو نالو انهن به ٻڌو هوندو، جيڪي مون وانگر ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن ۾ رهيا هوندا. سولاپور ڪپهه جي ڪارخانن ۽ Power Looms کان مشهور آهي. سولاپور ۾ انگريزن جي ڏينهن کان خوبصورت ڊزائين ۽ اوچي ڪپڙي جون چادرون ۽ بيڊ شيٽون ٺهنديون اچن، جيئن اسان وارو حيدرآباد چوڙين کان ۽ هالا ڪاشيءَ کان مشهور آهي. سولاپور جا ٽوال ۽ چادرون اڄ به ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ، ڪينيا ۽ برطانيا ۾ بيحد مشهور آهن.
سولاپور ضلعو به آهي ته شهر به، جيئن حيدرآباد، دادو يا نوابشاهه. سولاپور ممبئيءَ کان 430 ڪلوميٽر ۽ پوني کان فقط 240 ڪلوميٽر پري آهي. روهڙيءَ ۽ ڪوٽڙيءَ وانگر سولاپور ريلوي جنڪشن هجڻ ڪري نه فقط ممبئي ۽ پوني سان پر حيدرآباد دکن، دهلي ۽ بئنگلور جهڙن شهرن سان به ڳنڍيل آهي. سولاپور ۽ ان جي آسپاس جي ڍنڍن تي، خاص ڪري ٿورو اڳيان ناناج نالي هڪ ڳوٺ ۾، هتي ٽيهارو سالن کان آبي پکي تلور (Bustard) جو آستانو ٺاهيو ويو آهي ۽ سندس وڌڻ ويجهڻ جو حڪومت طرفان بچاءُ ڪيو وڃي ٿو. مقامي زبان ۾ هن پکيءَ کي ’ملڌوڪ‘ سڏين ٿا.
سولاپور لاءِ ڪي چون ٿا ته هي نالو سوله يعني سورنهن ۽ پور معنيٰ ڳوٺ، سورنهن ڳوٺن تان پيو آهي. جن ۾ عادل پور، احمدپور، چپل ديور، فتحپور، کدرپور، محمدپور، راناپور، شائڪپور وغيره اچي وڃن ٿا. مسلمانن جي دورِ حڪومت ۾ هن شهر جو نالو صندلپور هو. ڪن جو چوڻ آهي ته آڳاٽي زماني ۾ هن شهر جو نالو سوناليپور به رهيو. حيدرآباد شهر ۾ جڏهن سئنيمائون هيون، ته انهن جا نالا راحت ٽاڪيز، فردوس، شهاب، مئجسٽڪ وغيره هئا. آءٌ هميشه دنيا جي مختلف شهرن بيروت کان ممباسا، ڪولمبو کان سنگاپور جي سئنيما هالن جا نالا نوٽ ڪندو هئس. هاڻ ته حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ وانگر دنيا جي ڪيترن شهرن ۾ سئنيمائن جو تعداد گهٽبو وڃي. ماڻهو ٽي ويءَ تي ئي پنهنجيون من پسند فلمون ڏسن ٿا، پر انڊيا هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ اڄ به نه فقط سئنيمائن جو تعداد وڌي رهيو آهي، پر معيار به اعليٰ کان اعليٰ ٿي رهيو آهي. دنيا جا هاءِ ڪلاس ۽ فرحت بخش سئنيما هالَ توهان کي انڊيا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ نظر ايندا. سولاپور جي سئنيما ٿيٽرن جا نالا ڪجهه هن ريت آهن:
• ڀڳوت ٿيٽر
• پرڀات ٽاڪيز
• ڪلپنا ٽاڪيز
• مينا ٽاڪيز
• آشا ٽاڪيز
• شاليمار ٽاڪيز
• لڪشمي نارائڻ ٽاڪيز
• گينتيال ٽاڪيز
• شري نواس ٽاڪيز
• سجاتا چترا مندر... وغيره
انڊيا جي ٻين شهرن وانگر سولاپور ۾ به جتي ڪٿي تعليمي ادارا نظر اچن ٿا. جن مان ڪجهه اهم نالا هن ريت آهن:
• سولاپور يونيورسٽي
• ڀارت رتنا اندرا گانڌي انجنيئرنگ ڪاليج
• والچند انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي
• ڊاڪٽر وئشام پايان ميموريل ميڊيڪل ڪاليج
• پنڊت دين ديال اپاڌئي ڊينٽل ڪاليج
• برهم ديو دادا ماني ٽيڪنالاجي انسٽيٽيوٽ... وغيره
پوني ۾ ساڌو واسواڻيءَ جي فنڪشن تي آيل احمدآباد جي ڊاڪٽر ڄيٺو لالواڻيءَ مٿين شهر سولاپور جي ڪيترين ئي اهم شخصيتن جا نالا ٻڌايا، جن کي انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي ته ٿي سگهي ٿو سڃاڻندا هجن، پر سنڌ ۾ رهندڙ هندو توڙي مسلمان سنڌي شايد ئي انهن کي سڃاڻندا هجن. جيئن پروفيسر شري رام پوڄاري، آرٽسٽ شڀرا مهاراج، والچند هيراچند دوشي، اتل ڪُلڪرني، ڊاڪٽر جبار پٽيل (ائڪٽر ۽ گهاشيرام ڪوٽوال فلم جو ڊائريڪٽر) وغيره وغيره. هڪ ٻه اهڙا نالا آهن جن کي پاڪستان توڙي دنيا جي ٻين شهرن ۾ رهندڙ اسان جا پاڪستاني سڃاڻن، اهي آهن فلم ’رامجي لنڊن والي‘ جي هيروئن سميتا بنگارگي، جيڪا هتي سولاپور ۾ ڄائي ۽ دنيا جو مشهور مصور ۽ ماڌوري ڊڪشٽ فلم ائڪٽريس جو عاشق ايم. ايف حسين به هتي سولاپور ضلعي جي شهر پنڌارپور ۾ ڄائو. ايم. ايف حسين (سڄو نالو مقبول فدا حسين) هن وقت 95 ورهين جو ٿيندو. هو 1915ع ۾ ڄائو ۽ ممبئي جي ’سر جي. جي. اسڪول آف آرٽ‘ مان تعليم حاصل ڪري، شروع ۾ هن سئنيمائن جا پوسٽر ٺاهيا ان بعد آرٽ جي دنيا ۾ هُو ايڏو ته مشهور ٿيو، جو آمريڪا جي مٿاهين درجي جي Forbes مئگزين هن کي ’انڊيا جو پڪاسو‘ سڏيو. حُسين جو تعلق هندستان جي ’سليماني بوهرين‘ سان آهي. اسان وٽ پاڪستان ۾ رهندڙ بوهري گهڻي ڀاڱي ’دائودي‘ آهن. حُسين جون پينٽگون دنيا جي مهانگي ترين مصورن مان آهن. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ انگلينڊ ۾ ڪِرسٽي نيلام ٿيو، ان ۾ حُسين جي ٺهيل هڪ تصوير ڏهه لک پائونڊن ۾ وڪامي يعني پاڪستاني 15 ڪروڙ رپيا ٿيا. اها تصوير مون به ڏٺي آهي. حُسين بنا شڪ جي سٺو مصور آهي پر هُو ڀاڳ وارو به چئبو، جو هن کي ان منزل تي انڊيا جي حڪومت، انڊيا جي سفارتخانن، انڊيا جي ميڊيا ۽ ان بعد دنيا جي ميڊيا به پهچايو. مون حُسين ۽ ٻين وڏن آرٽسٽن جون تصويرون به ڏٺيون آهن، ته حيدرآباد ۾ رهندڙ شرجيل (فتاح هاليپوٽي) جون به... پر اسان جي عوام ۽ سرڪاري ادارن جي بي حسيءَ ڪري هن جو قدر نه ٿي سگهيو آهي. آرٽ جي دنيا جي ماهرن ۽ شوقينن کي آءٌ فتاح هاليپوٽي جي فقط هڪ تازي پينٽنگ ڏي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ عرض ڪندس، جيڪا سنڌيءَ جي ماهوار رسالي ’امرتا‘ جي 93هين پرچي جو ٽائيٽل ڪور آهي ۽ مون ان تصوير کي گوگل، پڪاسو ۽ فلڪر ۾ Upload ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا Search جي خاني ۾ فتاح هاليپوٽو يا امرتا (Amerta) لکي ڏسي سگهجي ٿي.
بهرحال حُسين ڪيتريون فلمون به ٺاهيون، جن مان هڪ بلڪ پهرين فلم Through the Eyes of a Painter آهي، جنهن کي برلن جرمني فلم فيسٽيول ۾ Golden Bear ايوارڊ مليو هو. ايوارڊ ته حُسين کي ڪيترائي ملي چڪا آهن. ويندي انڊيا جا اهم ايوارڊ پدما ڀوشن ۽ پدما وڀوشن وغيره. هُو ڪيترن ئي فلم جو ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر به ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هن پنهنجي دلپسند هيروئن ماڌوري ڊڪشٽ کي به رکيو آهي. سندس هڪ فلم ’ميناڪسي‘ تي انڊيا جي مسلمانن وڏو گوڙ ڪيو ۽ سئنيما وارن کي اها فلم لاهڻي پيئي. آل انڊيا علماء ڪائونسل وارن ان فلم تي سندس هڪ قوالي ’نور اعليٰ نور...‘ تي اعتراض ڪيو هو.
حُسين هندستان ۾ ست ڏهاڪا شهرت، ناموس ۽ دولت جي حاصلات بعد اڄ پنهنجي وطن کان دربدر ۽ پريشان آهي. حُسين ڪجهه هندو ديوين جون اُگهاڙيون ۽ شهوت انگيز نموني جون تصويرون پڻ ٺاهيون هيون، جيڪي جڏهن انڊيا جي هڪ رسالي ’ويچار ميمانسا’ ۾ ڇپيون ته ڪيترن هندو ڌرم جي ماڻهن اعتراض ڪيو ۽ هر روز غم ۽ غصي جي لهر ايڏي وڌي وئي، جو حُسين ملڪ ڇڏڻ ۾ ئي پنهنجي عاقبت سمجهي. اڄڪلهه هُو دبئيءَ ۽ لنڊن ۾ رهي ٿو. حُسين کي اڄ به ڪيترائي ماڻهو ويندي هندو ۽ سِک ڌرم جا به چاهين ٿا ۽ سندس آرٽ جو به قدر ڪن ٿا، پر ساڳئي وقت هُو اهو به نه چاهيندا ته ڪو درگا ۽ سرسواتي جهڙين ديوين جون فاحش نموني جون تصويرون ٺاهي، هنن جي دل ڏکوئي. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ ان حوالي سان بمبئي آرٽ سوسائٽيءَ جي سابق صدر جو بيان پڙهيم ته:
“Nothing is bad in being creative but the artists should be not go for such artwork, which may hurt the sentiments of a segment of the society...”