الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6162
  • 1165
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

پوني ۾ اديبن ۽ شاعرن سان ملاقات

پوني پهچڻ تي رات ساڌو واسواڻي چؤڪ تي سينٽ ميران گرلس اسڪول جي سامهون واري گيسٽ هائوس ۾ گذاري، صبح جو ڏهين بجي ڌاري پاڪستان ۽ انڊيا جي قانون موجب مقامي پوليس اسٽيشن تي رپورٽنگ لاءِ پهتس، هر پاڪستانيءَ کي انڊيا جي ڪنهن به شهر ۾ پهچڻ سان، پوليس آفيس ۾ پنهنجو نالو درج ڪرائڻو پوي ٿو ته “آءٌ هتي بس، ٽرين يا هوائي جهاز ذريعي پهتو آهيان ۽ منهنجي فلاڻي هنڌ (هوٽل، گهر يا گيسٽ هائوس وغيره) ۾ رهائش آهي.” اها رپورٽ شهر ۾ پهچڻ بعد 24 ڪلاڪن اندر ڪرائڻي پوي ٿي. پوليس آفيسر ان جي تصديق خاطر، توهان کي ان فارم تي ٺپو هڻي ڏئي ٿو، جيڪو ڪراچيءَ کان ممبئي ايئرپورٽ تي پهچڻ سان انڊيا جو اميگريشن کاتو توهان جي حوالي ڪري ٿو.
رپورٽنگ جو ڪم لاهي گيسٽ هائوس ۾ پهتس ته مهيش آئيداساڻي ٻڌايو ته، “انڊيا جي مشهور سنڌي ليکڪا ريٽا شهاڻي جي گهر سڀاڻي جي فنڪشن جي انتظام جي ميٽنگ آهي، پاڪستان جي نمائندي جي حيثيت ۾ توهان به هلو.”
“چئبو ته اڃان تائين سنڌ کان ٻيو ڪوبه نه پهتو آهي؟” مون پڪ ڪئي.
“نه، ٿي سگهي ٿو شام تائين ڪو اچي وڃي.” مهيش ٻڌايو. مهيش ۽ سندس زال مينو هتي ئي رهن ٿا ۽ بنا ڪنهن پگهار جي هن گيسٽ هائوس جو انتظام هلائين ٿا. اسان جي سُک ۽ رهائش کي بهتر کان بهتر رکڻ لاءِ هُو هر وقت اسان کان اسانجي راءِ پڇندا رهيا ٿي. مهيش مون کي ريٽا شهاڻيءَ جي گهر پهچائڻ لاءِ، ڪنهن دوست کي فون ڪيو، جيڪو پنجن منٽن ۾ پنهنجي ڪار ۾ اچي پهتو، مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته منهنجي آزادي ختم ٿي وئي، مون سان گڏ حيدرآباد جا ٻيا به ساٿي (موهن مدهوش، اسحاق سميجو، پروفيسر قاضي خادم ۽ امرجليل جن) اچن ها ته هي ڪم هُو پيا ڪن ها ۽ آءٌ هڪ بئنڪ بينچر ٻار وانگر آزاديءَ سان گهمندو ڦرندو رهان ها.
ريٽا شهاڻيءَ جي گهر پهتس ته هُن وڏي حب ۽ احترام سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو. اتي موجود ٻن همراهن جو ريٽا تعارف ڪرايو ته هُو هندستان جا وڏا شاعر ۽ اديب آهن، جيڪي ممبئيءَ جي ڀرسان سنڌين جي رهائش واري شهر الهاس نگر کان هتي آيا هئا. هڪ وڏي عمر جو نارائڻ ڀارتي هو، جيڪو مشهور پبلشر به آهي، نارائڻ ڀارتيءَ جا ڪجهه ڪتاب هند سنڌ ۾ تمام گهڻو پڙهيا وڃن ٿا جهڙوڪ “هو جمالو”، “سنڌ جي لوڪ ڪلا”، “سنڌ جو ڪلچر”، “سرءُ جا پن” وغيره.
نارائڻ ڀارتيءَ سان گڏ، کانئس ڪجهه ننڍو ٽيڪچند مست هو. ٽيڪچند مست به سنڌي ادب جو مشهور شاعر ۽ اديب آهي، سندس شاعري جي ڪجهه مجموعن جا نالا هن ريت آهن:
• ڪنهن سان اوريان حال
• اچ پيار ڪريون
• نگاهون
• مسڪراءِ
۽ سندس ڪهاڻين جا ڪتاب آهن:
• حسين پڙاڏا
• رنگين پڙاڏا
• هي بمبئي آ پيارا
• ڄڻي ڦاٿاسين ٻار
سنڌي ادب ۾ ناولن جو تعداد تمام گهٽ آهي، ٽيڪچند مست جو پڻ هڪ عدد ناول آهي جنهن جو نالو آهي: “شاديءَ جا لڏون” پاڻ ٻڌيائين ته هُو سنڌ جو ڳوٺ چوهڙ جماليءَ ۾ 15 مارچ 1938 ع تي ڄائو ۽ نارائڻ ڀارتيءَ کان چار سال کن ننڍو آهي.
نارائڻ ڀارتي، جنهن کي پنهنجو پبلشنگ ادارو آهي جنهن ۾ سنڌي ڪتاب ۽ رسالا پڻ ڇپجن ٿا، تنهن ٻڌايو ته الهاس نگر ۾ سڀ کان گهڻا سنڌي اديب ۽ شاعر رهن ٿا، جن مان جيڪي هي فنڪشن ۽ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ پوني ۾ پهتا آهن، اهي هن ريت آهن:
• ايم ڪمل (مولچند ڪمل) جنهن کي ادبي انعام به ملي چڪو آهي.
• پروفيسر هيرو شيوڪاڻي، سنڌي ادب جو نقاد (Critic) آهي.
• جگديش لڇاڻي- اديب
• نند ڇڳاڻي- اديب
• لتا ٽهلياڻي- شاعره
• ڊاڪٽر ديال آشا- شاعر (پاڻ Ph.D آهي)
• نند هندوجا - شاعر ۽ اديب
• اندرا پونا والا- شاعره ۽ ڪهاڻيڪار
• تارا ميرچنداڻي- شاعره
۽ آءٌ جنهن وقت گيسٽ هائوس مان نڪري ريٽا شهاڻيءَ جي گهر ڏي اچي رهيو هئس ته ان وقت گيسٽ هائوس جي در وٽ، الهاس نگر جي هڪ ٻي ادبي شخصيت هري پنکج سان منهنجي پهريون ڀيرو ملاقات ٿي. ٽيڪچند مست ٻڌايو ته هندستان جو مشهور سنڌي ليکڪ ۽ نقاد هيرو شيوڪاڻي پڻ هن جو ڳوٺائي آهي، يعني هُو به ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ، چوهڙ جماليءَ جو آهي. هيرو جو سنِ پيدائش 6 جنوري 1935ع آهي، پاڻ B.A آنرس ۽ M.A هنديءَ ۾ ڪرڻ بعد الهاس نگر جي “آر. ڪي تلريجا” ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو. ستر واري ڏهي ۾ جڏهن سنڌ ۾ انڊيا جو سنڌي رسالو ’ڪونج‘ ۽ ٻيا ڪتاب عام ملندا هئا، تڏهن هيرو شيوڪاڻي (پيءُ جو نالو تيرٿداس) جو ڪهاڻين جو ڪتاب “زندگي ۽ ڪئڪٽس” ۽ ٻيو ادبي تنقيد جو ڪتاب “جدت جو مفهوم ۽ سنڌي ڪهاڻي” تمام مشهور هئا. لال سنگهه اجواڻيءَ جو انگريزيءَ ۾ سنڌي ادب جي تاريخ جو ڪتاب History of Sindhi Literature جو سنڌي ترجمو پڻ هيرو ڪيو آهي. جنهن تي هن کي، يعني سنڌيءَ ۾ سٺو ترجمو ڪرڻ تي، ساهتيه اڪادمي ايوارڊ پڻ مليو آهي. اسان وٽ شايد اهڙا ايوارڊ نه آهن، نه ته اسان وٽ به ڪيترائي سٺا ترجمي ڪرڻ وارا آهن، جن جا ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، سنڌيڪا ۽ روشني پبليڪيشن وارن ڇپايا آهن. اسان وٽ اهڙن اديبن جي لسٽ ڊگهي آهي، پر هن وقت، توڻي کڻي Out of the way، ٻن جا نالا هتي لکڻ بي مهل نٿو سمجهان، جن جا ترجما ٿيل ڪتاب هن هفتي پڙهي پور ڪيا اٿم ۽ سندن سٺي ترجمي ۽ محنت کي داد ڏيڻ چاهيان ٿو ته، هڪ اسان جو نوجوان پيٽارين ادا سراج ميمڻ جو پٽ ڊاڪٽر امجد سراج آهي، جنهن ڊاڪٽر فهميده حسين جو ڪتاب انگريزيءَ ۾ Image of Sindhi Woman جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي ۽ ٻيو اسان جو دوست قمر شهباز آهي جنهن رام بخشاڻيءَ جو انگريزيءَ ۾ لکيل آتم ڪٿا جو ڪتاب Taking The High Road جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ سنڌي اڪادمي، دهليءَ وارن “آکيرا آڪاس ۾” نالي سان شايع ڪيو آهي. قمر سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ته کوڙ ترجما ڪيا آهن ۽ بنا شڪ جي قمر شهباز، سراج ميمڻ ۽ مظهر صديقيءَ جي انگريزي سٺي آهي، پر هيءُ پهريون دفعو ڄاڻ ٿي ته قمر شهباز کي سنڌيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جي به وڏي قابليت آهي.
بهرحال هتي هيري شيوڪاڻيءَ جي ڳالهه هلي رهي هئي، جيڪو سٺي معيار جو نقاد آهي. سندس ڪتاب “زندگي ۽ ڪئڪٽس” سنڌ ۾ پڻ ڇپيو آهي.
ريٽا جو گهر بوٽ ڪلب روڊ تي آهي، جيڪو شهر جي وچ ۾ هوندي به پُرسڪون علائقو آهي، گهر اڳيان چڱو خاصو باغيچو آهي، پوني، جتي ملائيشيا وانگر بهترين Soil آهي، بهترين موسم آهي، مينهوڳي آهي، جهوني کان جهونو ائگريڪلچر ڪاليج آهي. اتي ڀلا سٺا ۽ سهڻا گل ٻوٽا ڪيئن نه هجن. گهٽ مينهن ۽ گرمي هوندي ٽنڊي ڄام ۾ جڏهن گُلڪاري ٿي سگهي ٿي، ته هتي ڇونه؟ اسان ڪجهه دير ريٽا جي لڳايل ٻوٽن ۽ ولين جو جائزو وٺي ڊرائنگ روم ۾ اچي ويٺاسين، جتي سندس مرهٺي Maid (ڪم واري) سموسا، ڪچوريون ۽ پاپڙ کڻي آئي، مون چانهه پيتي ۽ ٻين شربت. ريٽا ٻئي ڏينهن ٿيندڙ سيمينار ۽ ادبي فنڪشن جي انچارج هئي. ڪهڙا ڪهڙا اديب ۽ شاعر اچڻا هئا، ڪهڙن کي اسٽيج تي ويهڻو هو، ڪهڙن کي پيپر پڙهڻو هو... ان بابت هُوءَ اسان سان Discuss ڪري فيصلو ڪندي وئي. هن اهو به ٻڌايو ته امرجليل، موهن ۽ درمحمد جيتوڻيڪ هن فنڪشن لاءِ نه پيا اچن، پر هنن پنهنجا پيپر ڏياري موڪليا آهن، جيڪي پڙهيا ويندا. اسٽيج تي ٽيڪچند مست، ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي، پروفيسر لڇمڻ خوبچنداڻي ۽ ديدي رتنا واسواڻيءَ کي ويهڻو پوندو. مون کي اهو ٻڌي خوشي ٿي ته اسٽيج تي ويهڻ جي قيد کان مون کي آزادي ملي. ڪنهن جو پيپر بور لڳو ۽ ٻڌڻ تي دل نه چيو ته ٿوريءَ دير لاءِ ٻاهر جو چڪر به هڻي سگهبو، هڪ هنڌان اٿي ٻئي هنڌ ويهي ڀر وارن سان خبرچار پڻ ڪري سگهبي. اهي ئي ته شيون آهن، جيڪي مون کي سفرنامو لکڻ لاءِ مواد مهيا ڪن ٿيون، يعني مون لاءِ، هڪ سفرنامو لکڻ واري لاءِ، يا هڪ جرنلسٽ لاءِ ڪنهن واقعي جي رپورٽ لکڻ لاءِ سرگس ۾ گهوٽ ٿيڻ بدران ڄڃ جو هڪ عام ڄاڃي ٿيڻ بهتر آهي. ٽن چئن ڪلاڪن جي سيمينار ۾ ڪلاڪ کن کڻي آءٌ فضيلت سان هڪ هنڌ ويهان، هڪ ٻن جو پيپر ٻڌان ۽ پنهنجو پيپر اسٽيج تي اچي پڙهان، باقي ٽي ڪلاڪ کن، آءٌ آيل مهمانن مان ڪجهه اهم، دلچسپ ۽ ڪشش رکندڙن (عورتن توڙي مردن) سان ملي، سندن زندگيءَ بابت ڪجهه ڳالهيون نوٽ ڪري سگهيس ٿي، پر ائين ٿي نه سگهيو، ريٽا مون کي سنڌ کان آيل وڏو پير مرشد سمجهي، وڏي عزت سان چيو ته “الطاف صاحب! توهان کي نه فقط اسٽيج تي ويهڻو پوندو، پر ان ادبي نشست جي صدارت به توهان کي ڪرڻي پوندي.”
ريٽا جي ان فيصلي تي مون ڪافي Resist ڪيو ۽ پنهنجي جان آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. کيس ياد ڏياريم ته “مون پهرئين ڏينهن کان اهو پئي چيو ته آءٌ فقط هي فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ايندس ۽ پيپر به نه لکي ايندس، پر پوءِ سنڌ کان گهٽ مهمانن جي هلڻ جو ٻڌي مون کي پيپر لکڻو پيو، پر هاڻ هن صدارت واري رُتبي کان مون کي بچائي.”
دل ۾ سوچيم ته هيٺ Audiance ۾ ويهڻ بدران مٿي اسٽيج تي به کڻي ويهجي، جتي مهمانن سان ملڻ جو ته موقعو نه ملندو پر گهٽ ۾ گهٽ آءٌ گذريل ڏينهن جي سفر جو احوال پنهنجي منهن لکڻ لاءِ ته Set ڪندو رهندس. ٻين کي ڪهڙي خبر ته آءٌ تقريرون پيو ٻڌان يا خيالن ئي خيالن ۾ سفرنامي جي پلاٽ جي بيهڪ پيو جوڙيان، پر صدر ٿيڻ معنيٰ “وڏي سزا”، جنهن ۾ توهان کي چاهي ڪنهن جي تقرير پسند اچي يا نه اچي، پر ٻڌڻي پوندي، جيئن آخر ۾ Wind Up ڪرڻ مهل، هر هڪ جي تقرير جو تت ٻڌائي ٽيڪاٽپڻي ڪرڻي پوي ٿي.
ريٽا چيو ته، “هاڻ آءٌ ڇا ڪريان! توهان واقعي پهرئين ڏينهن کان Lime Light ۾ اچڻ نٿي چاهيو، پر توهان کان سواءِ ٻيو ڪو آهي به ڪونه.”
مون ٽهڪ ڏيندي چيو، ته نارائڻ ڀارتي، ٽيڪچند مست، گوبند خوشحالاڻيءَ جهڙا جهونا ۽ وڏا اديب ۽ شاعر هوندي، توهان هڪ ناکئي (جهازيءَ) کي صدر ٿا چونڊيو!
“دادا جشن جو چوڻ آهي ته هن فنڪشن جو صدر سنڌ کان آيل مهمان کي ڪيو.” ريٽا چيو.
“بس ڪنهن نموني مون کي ان ٻڌجي ويهڻ کان بچائي” مون ريٽا کي هڪ دفعو وري زور ڀريو.
“چڱو هيئن ٿا ڪريون،” ريٽا چيو، “صدارت جو اڃان اعلان نٿا ڪريون، فنڪشن شروع ٿيڻ ۾ اڃان 24 ڪلاڪ آهن. ٿي سگهي ٿو، ان دوران سنڌ کان ڪو اديب يا شاعر اچي نڪري. رخسانا پريت يا مهرالنساء لاڙڪ اچي وئي ته ان کي ئي کڻي صدر ڪنداسين.”
ڊاڪٽر رخسانا چنڙ (تخلص پريت ) ۽ زبيده گرلس ڪاليج جي پروفيسر مهرالنساء لاڙڪ سنڌ جي ننڍي ٽهيءَ جون مشهور ڪالم نويس ۽ شاعر آهن. ڊاڪٽر رخسانا “پريت” بابت ڪجهه سٽون پهرين ئي لکي چڪو آهيان. مهرالنساءِ لاڙڪ به اڄڪلهه حيدرآباد ۾ ئي رهي ٿي، سندس اصل ڳوٺ ڀٽ شاهه آهي، جتان هن بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ بعد 1978ع ۾ پرائيويٽلي M.A پوليٽيڪل سائنس ۾ ڪئي. ان بعد B.Ed ۽ M.Ed سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي ۽ ايڪانامڪس ۾ .M.A ڪراچي يونيورسٽيءَ مان ڪئي. ننڍپڻ کان کيس لکڻ جو شوق آهي ۽ سندس تعليم، عورتن جي حقن ۽ ڪرنٽ افيئرس تي ڪالم، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپندا رهن ٿا. شاعري هر صنف تي ڪري ٿي، جيڪا انڊيا مان نڪرندڙ ادبي رسالي ’ڪونج‘ ۾ به ڇپندي رهي ٿي. هڪ اهڙو ئي تازو ڇپيل ’ڪونج‘ رسالو ريٽا شاهاڻيءَ جي ڊرائنگ روم ۾ رکيل هو، جنهن جي صفحي 78 تي مهرالنساءِ، ادل سومري ۽ بخشل باغيءَ جي شاعري ڏنل آهي، آءٌ مهرالنساء جي هڪ غزل جون ڪجهه سٽون هتي ڏيان ٿو:
نه مسجد ۾ نه مندر ۾ ملي ٿو،
خدا آدم جي اندر ۾ ملي ٿو.
اذيت، ڀوڳنا، هي ڏک ۽ سک،
لکيل هر ڪنهن، مقدر ۾ ملي ٿو.
ڪٿي آ چين اهڙو، جهڙو دل کي،
سَکِي! ويهي تنهنجي ڀر ۾ ملي ٿو.
ساڳئي صفحي تي مهرالنساء جو اهو نظم پڻ آهي، جيڪو هن شهيد بينظير ڀٽو کي خراجِ عقيدت طور پيش ڪيو آهي:
دنيا ۾ نه تنهنجو، آ ڪوئي نظير،
تون مشرق جي دُختر، تون سنڌ جو ضمير.
تون موهن جو مٽي جو مقدس سُواس،
اچي تو مان ٻاگهل جي جرئت جو واس،
تون ڳڙهيءَ جي، ڳوڙهي مٽيءَ جو پيام
اي شهيدِ وطن، توتي لک لک سلام...
چوي ٿو ملڪ جو هي ڪروڙين عوام،
اي شهيدِ وطن، توتي لک لک سلام...
پوني جي هن سيمينار ۾ موجود وينا شرنگيءَ ٻڌايو ته مهرالنساءِ جي ڌيءَ بينش (جنهن کي گهر ۾ ماها سڏين ٿا ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪمپيوٽر سائنس ۾ B.S c ڪري رهي آهي)، پڻ شاعره آهي ۽ هن جا شعر سندس ادبي نالي ماها ورياماڻي جي نالي مختلف رسالن ۾ اچن ٿا. مهرالنساء جي پنهنجي ذات لاڙڪ آهي، پر سندس عمرڪوٽ جي رهاڪو مڙس محمد قائم جي ذات ورياماڻي آهي.
وينا شرنگيءَ ٻڌايو ته هن جي مهرالنساء لاڙڪ ۽ ٻين سنڌي ليکڪائن سان ملاقات ٻه سال اڳ دهليءَ ۾ ٿي هئي، جڏهن هُو سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيون هيون.