مهاڳ
ادا الطاف سان منهنجا تعلقات تمام پراڻا آهن. سندس والد صاحب مرحوم گل محمد شيخ ۽ منهنجي والد صاحب محترم علي احمد قريشي گڏ پڙهيا هئا ۽ هڪ ٻئي جا سٺا دوست هئا. ائين ئي منهنجو ننڍو ڀاءُ ظهير بابر ۽ ڀاءُ الطاف هڪ ئي پروفيشن، يعني پاڻيءَ جي جهازن تي گڏ انجنيئر هئا ۽ آهن. ادا الطاف دادوءَ ۾ پنهنجن ئي مائٽن مان شادي ڪئي آهي. جيڪي اسان جا پاڙيسري آهن. اهڙيءَ طرح اسان جا پاڻ ۾ تعلقات وڌندا رهيا ۽ اڄ اسان جو پاڻ ۾ خانداني طور گهاٽو رستو آهي.
ادا الطاف سنڌ جو هڪ يگانو ۽ نامور ليکڪ آهي ۽ سندس خاص صنف سفرناما آهن. سندس سڀ سفرناما لاجواب آهن، جن کي پڙهڻ سان ائين لڳندو آهي، ڄڻ ته اسان پاڻ سچ پچ اهوئي ملڪ گهمي رهيا آهيون. منهنجي لاءِ ذاتي طور سندس سفرناما تمام گهڻو مفيد ثابت ٿيا. ڪيترن ئي ملڪن ۾ ويندي ڪا به تڪليف ڪانه ٿي. آءُ جڏهن لنڊن ۾ ستر جي ڏهاڪي ۾ اعلى تعليم لاءِ ويل هئس ته ادا الطاف سان خطن ذريعي لکپڙهه هوندي هئي. هڪ دفعي پاڻ جاپان مان مون ڏانهن هڪ تصوير موڪليائين. جنهن ۾ پاڻ، امرجليل، تاج بلوچ ۽ مرحوم عبدالڪريم بلوچ ويٺل آهن.
ادا الطاف مون کي تڏهن لنڊن ۾ هڪ دوست ڊاڪٽر ايم. بي جمالي خيرپور واري جي ائڊريس پڻ ڏني هئي ۽ ان سان واقفيت پڻ ڪرائي هئي ۽ پوءِ ڊاڪٽر صاحب وارن سان پڻ رستو ٿيو. ادا الطاف انهن وٽ جڏهن انگلينڊ ايندو هو ته کيس ڊاڪٽر صاحب وارا ڳُڙ جي بصري کارائيندا هئا ۽ پوءِ ڊاڪٽر صاحب وارن اسان کي به بصري کارائي.
ادا الطاف جون ڳالهيون ياد ڪندي آءُ ڪافي پري هليو ويس. ڇو ته هو ماڻهو ئي اهڙو ملوڪ آهي. سندس سفرنامن ۾ تمام گهڻي مڻيا آهي. دنيا ۾ جن سياحن سفرناما لکيا آهن، اُهي صرف چند ڪتابن تي منحصر آهن. پر ادا الطاف جا اڻ ڳڻيا سفرناما آهن ۽ هن هرهڪ شيءِ تمام تفصيل سان بيان ڪئي آهي.
هونئن ته هو پاڻ پاڻيءَ جي جهازن جو انجنيئر آهي ۽ هندستان گهميل آهي، پر هن دفعي پاڻ هندستان گهمڻ هوائي جهاز ۾ روانو ٿيو هو.
هندستان دنيا جي هڪ عظيم تهذيبن مان آهي، جنهن دنيا جون وڏيون وڏيون شخصيتون ۽ هستيون پيدا ڪيون آهن، جن دنيا جي مختلف علمن ۽ کيترن ۾ ڪم ڪيو آهي. انهن عالمن جي علم ۽ عمل سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ نئين سماجي تبديلي ۽ جاڳرتا جا گس ڏنا آهن.
هندستان جي ڪيترن ئي عالمن نوبل انعام پڻ حاصل ڪيا آهن ۽ پنهنجي پنهنجي فڪر ذريعي ماڻهن کي ترقيءَ جي نَون رستن ڏانهن راغب ڪيو.
هتي آءُ هڪ ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته چند ڏينهن اڳ منهنجي سنڌ جي هڪ تمام پراڻي آفيسر محترم صلاح الدين قريشيءَ سان ملاقات ٿي ۽ ادا الطاف جو ذڪر نڪتو ته هن ماڻهوءَ جو هٿ مٿي کڄي ويو ۽ چيائين ته الطاف شيخ کي منهنجو سلام آهي ۽ هاڻي کيس ابن بطوطه وانگر ٿيڻ گهرجي. مون چيو ته سائين! هن ته ابن بطوطه اڍائي ڪتاب لکيا، هن جي قلم ته ستر کان مٿي ڪتابن ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن کي قلمبند ڪيو آهي. ائين ئي ڳالهائيندي ڳالهائيندي اسين ٻئي انهيءَ راءِ جا ٿي وياسين ته ادا الطاف شيخ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي تمام وڏو ليکڪ آهي ۽ سنڌ جي ماڻهن کان هن تمام وڏي ڄاڻ ڏني آهي. توهان ڏسندو ته سنڌ جي هر باشعور ۽ پڙهيل ماڻهوءَ وٽ هن جو ڪتاب ضرور هوندو ۽ هر لائبريري سندس ڪتابن ان مزين هوندي، اڄڪلهه جي دور ۾ جنهن ۾ تمام گهڻي گهما گهمي هجي، اتي پنهنجي مٺڙيءَ ٻوليءَ لاءِ ايڏو وقت ڪڍي لکڻ ۽ ٻولي ۽ ادب کي مالا مال ڪرڻ هڪ وڏي خدمت آهي. اها ادا الطاف جي سلڇڻائپ آهي. جو هن بنا ڪنهن آرام ۽ وقفي جي ايترو ڪجهه لکيو آهي ۽ اسان کي ڏنو آهي.
هتي اها ڳالهه به ضرور ڪرڻ گهرجي ته هنن سفرنامن ۾ نوجوانن لاءِ تمام گهڻي رهنمائي موجود آهي. ادا الطاف پنهنجي سڄي زندگيءَ جا مشاهدا، تجربا، ويچار ۽ خيال هر وقت پنهنجن ڪتابن ذريعي سڀني سان ونڊڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ سندس ٻوليءَ جو ڊڪشن تمام مضبوط آهي. سندس انهن خاصيتن ئي سندس سفرنامن کي من موهيندڙ ۽ دلپذير بڻايو آهي. هندستان جي سندس هن سفرنامي ۾ سفر جون سولايون ۽ ڏکائيون، ويزا وٺڻ کان پوليس رپورٽنگ تائين ۽ پوءِ گهمڻ ڦرڻ جا سڀ طور طريقا ڄاڻايل آهن.
مون پڻ هندستان جو سفر ڪيترائي دفعا ڪيو آهي، پر اڃا انهيءَ بابت سفرنامو لکي نه سگهيو آهيان. هن سفرنامي ۾ ڪافي ڳالهيون انوکيون آهن. هندستان تي تمام گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪافي سفرناما منهنجي نظر مان گذريا آهن. انهن ۾ ڀيڻ مهتاب محبوب جو سفرنامو به آهي ۽ منهنجي والد صاحب جو به هڪ ننڍو سفرنامو “جمنا ڪناري” آهي. جنهن تي ادا الطاف پنهنجو هڪ ڀرپور نوٽ لکيو آهي. اردوءَ ۾ “دهلي درشن” جي نالي سان اسان جي نوجوان دوست ذوالفقار هاليپوٽو جو به هڪ ننڍو سفرنامو آهي. پر ان کان اڳ ادا الطاف جو لکيل “دهليءَ جو درشن” سنڌيءَ ۾ 400 صفحن تي لکيل سفرنامو به ڇا ته لاجواب انداز ۾ لکيل آهي.
هندستان جو ورهاڱو آگسٽ 1947ع ۾ ٿيو. جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان هڪ الڳ ملڪ وجود ۾ آيو. هندستان جي خاص ڳالهه اها آهي ته هنن پنهنجا ادارا ٺاهيا آهن ۽ انهن کي وڌايو ويجهايو ۽ مضبوط ڪيو آهي.
ورهاڱي کان پوءِ سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي هندو هتان لڏي وڃي هندستان نڪتا ۽ سندن جاءِ تي هندستان مان لڏي آيل مسلمان اچي سنڌ ۾ سهڙيا. سنڌ ۾ رهندڙ سڀني سنڌين يعني هندن توڙي مسلمانن جي ٻولي ۽ ثقافت ساڳي ۽ هڪ هئي. هندستان مان ايندڙ مسلمانن جي ٻولي اردو آهي. جيڪا سنڌي ٻوليءَ کان تمام گهڻو مختلف آهي سندن ثقافت به اسان جي ثقافت کان گهڻو الڳ آهي.
هن سفرنامي ۾ ادا الطاف هندستان جي مختلف شهرن جو ذڪر ڪيو آهي. خاص ڪري ممبئي شهر بابت ڪافي ڳالهيون ٻڌايون آهن. سندس مضمون “جمشيد ٽاٽا غيرت ۾ اچي هوٽل ٺهرائي” تمام عاليشان ۽ پڙهڻ وٽان آهي. هندستان تي سفرنامو لکڻ هڪ سولو ڪم به آهي ته وري تمام ڏکيو ڪم به ڏکيو ان ڪري جو هندستان ۽ پاڪستان جا تعلقات 1947ع کان وٺي اڄ تائين ڪشيده رهيا آهن ۽ وقت سر ڦِرندا گرندا رهيا آهن. ٻئي حڪومتون سياسي طور تي هڪ ٻئي تي الزام هڻنديون رهيون آهن.
پاڪستان ۽ هندستان جو عوام هڪ ٻئي سان تمام ويجهو اچڻ چاهي ٿو وچ ۾ ڪجهه سال اها ڪشيدگي ڪافي حد تائين گهٽجي وئي هئي ۽ گهڻائي ماڻهو هندستان ۽ پاڪستان اچڻ وڃڻ لڳا هئا. ڪي ماڻهو مائٽن دوستن سان ڪي گهمڻ ڦرڻ لاءِ، ڪي زيارتن لاءِ ۽ ڪيترا وري ڪانفرنسن ۽ سيمينارن ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اچڻ وڃڻ لڳا. انهن سالن ۾ هندستان جا سنڌي عالم ۽ اديب تمام وڏي تعداد ۾ سنڌ اچڻ لڳا. ساڳئي وقت سنڌ جا اديب، شاعر ۽ دانشور پڻ اوڏانهن وڃڻ لڳا. انهيءَ اچ وڃ جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي ليکڪن جون هڪ ٻئي سان محبتون وڌيون ۽ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي تمام گهڻو فائدو رسيو.
جيڪي اديب دانشور ۽ گائڪ سنڌ آيا، تن پنهنجي هن ڌرتيءَ “سنڌ” جتي هو ڄاوا هئا، سا پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو ۽ بار بار اهوئي پئي چيو ته اها سنڌ ئي آهي، جيڪا اسان سڀني جي سڃاڻپ آهي، اسان سڀني جي عزت ۽ وقار آهي. هنن پنهنجن لکڻين ۾ نه صرف سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب کي برقرار رکيو آهي، پر عربي سنڌي لپيءَ کي به برقرار رکيو آهي. سون ۽ هزارن ۾ ڪتاب لکيا، جيڪي اتي ڇپيا ۽ پوءِ سنڌ به آيا، اهڙي نموني سنڌ جا ڪتاب اوڏانهن ويندا رهيا. اهو سندن قلم ساراهه جوڳو آهي، جو هنن پنهنجن ٻارن کي سنڌي پڙهائي ۽ اڄ به پڙهائيندا پيا اچن. ادا الطاف جي ڪتاب مان هندستان جي سنڌين سان ملڻ وقت انهيءَ قسم جون جهلڪيون پڻ نظر اچن ٿيون.
حقيقت ۾ هن مهل هندستان ۽ پاڪستان جي سنڌين جا فاصلا صرف سنڌي ادب جي واڌاري ذريعي ئي گهٽائي سگهجن ٿا ۽ اهڙي نموني سنڌ ۽ هند جي سنڌي ادارن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو برقرار رکي سگهجي ٿو.
هن سفر نامي کي ادا الطاف جهاز ۾ چڙهڻ کان وٺي واپسيءَ تائين هڪ مزيدار ۽ سهڻو بڻايو آهي. ممبئي شهر بابت پاڻ تمام تفصيل سان ذڪر ڪيو اٿس ته ڪيئن ممبئي برطانيه جي شهزادي کي ڏاج ۾ مليو ۽ پوءِ انگريزن ڪيئن ممبئيءَ کي ٺاهيو ۽ ساڳئي وقت ممبئي جي مشهور پارسي ڪاروبارين ۽ اتان جي هندو واپارين ان کي ٺاهڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو.
تاريخ شاهد آهي ته انگريز سرڪار اڌ دنيا تي حڪمراني ڪئي ۽ 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪري، ان کي ممبئي پرزيڊنسي سان ڳنڍي ڇڏيو هو. ساڳي وقت هڪ عرب ملڪ يمن جو اهم شهر “عدن” پڻ ممبئي جي انتظاميه هيٺ هوندو هو. ممبئي جا ٻه تمام وڏا پارسي جهڙوڪ جمشيد ٽاٽا ۽ دادا ڀائي نوروجي گڏجي هندستان، خاص ڪري ممبئي جي تعليم ۽ ترقيءَ ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. ايتري قدر جو دادا ڀائي نوروجي ايڊلجي ڊنشا (Dada Bhou Nauroji Edelji Dinshal) وارن گڏجي ڪراچيءَ جي شهر ۾ پڻ ٻه ايترا وڏا تعليمي ادارا قائم ڪيا، جيڪي هن وقت ماما پارسي اسڪول ۽ اين اي ڊي (NED) يونيورسٽيءَ جي نالي سان مشهور آهن. انهن ۾ انسان دوستي ۽ انسانذات جي خدمت جو وڏو جذبو هو. سندن سڄي زندگي اهڙن ڪمن ۾ گذري.
ادا الطاف پنهنجي هن سفرنامي ۾ جيڪي سنڌين سان ملاقاتون ڪيون، تن ۾ پاڻ دادا جي ۽ موتياڻي ۽ دادا جشن واسواڻي جو تمام وڏو ذڪر ڪيو آهي ۽ اهي ٻئي سنڌ جي سماجي تبديليءَ جا وڏا محرڪ رهيا آهن. دادا جشن واسواڻي سنڌ جي انتهائي وڏي ساڌو ٿانورداس ليلارام واسواڻي (T.L Waswani) جي خاندان مان آهي ۽ هو پنهنجي خدمت خلق کي ساڌو واسواڻي جي مشن ذريعي کنيو اچي.
دادا جشن واسواڻي وٽ هڪ وڏي ٽيم آهي ۽ هو انهيءَ مشن ذريعي هزارين غريب ماڻهن جو علاج ڪرائين ٿا. ايتري قدر جو سنڌ مان ڪيترائي ماڻهو سندن خرچ تي ممبئي وڃن ٿا ۽ پنهنجو علاج ڪرائي واپس اچن ٿا. ادا الطاف اهڙي نموني ڪافي سنڌين سان مليو آهي ۽ ڪافي ڪچهريون ڪيون آهن.
مٿي ذڪر ڪيل T.L واسواڻي جي تمام وڏي خدمت “تحريڪ ميران” آهي جيڪا هن 1933ع ۾ حيدرآباد سنڌ ۾ شروع ڪئي. ميران تحريڪ تحت هنن تعليم جي ڪم ۾ تمام گهڻي اڳڀرائي ڪئي حيدرآباد ۾ ميران هاءِ اسڪول قائم ڪيو، جيڪو اڄ به موجود آهي. ورهاڱي کان پوءِ اها تحريڪ هندستان ۾ تمام وڏي ليول تي هلي رهي آهي.
ادا الطاف پنهنجي هن ڪتاب جي هڪ مضمون ۾ پوني شهر کي علم جو آماجگاهه سڏيندي “مشرق جي آڪسفورڊ” ڪوٺيو آهي، هن ممبئي سان گڏ پوني شهر جي باري ۾ تمام تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي پاڻ پوني ۾ هڪ ته دادا جشن واسواڻي جو ليڪچر اٽينڊ ڪيائين ۽ ٻيو ته صوفي ازم تي پيپر پڻ پڙهيائين. هن پوني شهر جو تفصيل سان چڪر هنيو ۽ پوني ۾ رهندڙ ڪافي سنڌين سان پڻ ڪچهريون ڪيائين. خاص ڪري سنڌ جي هڪ وڏي ليکڪا سانئڻ ريٽا شاهاڻيءَ ۽ چندر صاحب سان، سندس اهي ملاقاتون انتهائي دلچسپ ۽ پڙهڻ جهڙيون آهين منهنجي خيال ۾ ته ادا الطاف جو هي سڄو سفرنامو انتهائي لاڀائتو آهي. جيڪي دوست ممبئي ۽ پوني جو تفصيلي سير ڪرڻ چاهين ٿا، انهن جو سفر هن ڪتاب پڙهڻ کان سواءِ اڻ پورو آهي.
ادا الطاف سڄي سفرنامي کي بهترين انداز ۾ پيش ڪيو آهي. ادا الطاف سنڌ جو هڪ روشن خيال، انسان دوست ۽ امن جي پرچار طور پنهنجي قلم کي انوکي انداز ۾ استعمال ڪيو آهي.
سندس ڪتاب جي ورق گرداني ڪندي مون کي انتهائي گهڻي ڄاڻ ملي آهي. هن ڪوشش ڪري اُتان جي هر پهلوءَ خاص ڪري سماجي ۽ اقتصادي پهلوءَ تي وڌيڪ ۽ واضع نموني لکيو آهي. منهنجي دعا آهي ته الله تعالى سندس قلم کي وڌيڪ طاقت عطا ڪري ۽ سندس عمر ڊگهي ڪري ته هو اڃان پنهنجي ٻوليءَ جي وڌيڪ خدمت ڪندو رهي.
پروفيسر اعجاز قريشي