الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6103
  • 1141
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

پيشوائن، قذاقن ۽ انگريزن جو راڄ

پوني، جنهن کي انگريزن پونا سڏيو ٿي، مهاراشٽرا صوبي جو هڪ اهم شهر آهي، هي هڪ جهونو شهر به آهي ته ماڊرن به. جيئن ڪراچي پاڪستان جو ڪمرشل Capital سڏجي ٿو. تئين پوني مهاراشٽرا صوبي جو ڪلچرل ڪئپيٽل سڏجي ٿو. پوني جا سندس سونهن، ماڊرن هجڻ ۽ بهتر آبهوا جي ڪري هتي جي ماڻهن ڪيترائي پيار جا نالا رکيا آهن جيئن ته “Queen of Deccan” “پينشن تي لٿل ماڻهن لاءِ جنت (Pensioners Paradise) ۽ تعليمي ادارن جي گهڻائيءَ ڪري پوني کي “آڪسفورڊ آف دي ايسٽ” سڏين ٿا. پوني جي هڪ پراڻي باشندي چيو:
“Pune has had glorious past, an innovative present and inevitably will have a great future.”
هن شهر پوني، پنهنجي مٿان راڄ ڪندڙ، ڪئين گهراڻا ڏٺا آهن. تفصيلي تاريخي رڪارڊ راشتراڪت گهراڻي جي حاڪمن جو آهي، جن هن شهر تي اٺين صديءَ ۾ راڄ ڪيو. ان بعد يدوا حاڪمن نائين صديءَ ۾ حڪومت ڪئي، جن جي حڪومت ختم ٿيڻ تي هي شهر مسلمانن جي قبضي ۾ به آيو، پر پوني، جنهن کي پونيا (پاڪ جاءِ)، پناڪا ديشا، پناڪا وادي، قصبه پوني ۽ ٻين نالن سان سڏيو ويو ٿي مرهٺي حاڪم ڇترا پتي شيواجيءَ جي ڪري گهڻو مشهور ٿيو، جڏهن هُو پنهنجي ماءُ سان گڏ 1935ع ۾ هتي اچي رهيو. مرهٺن جي هن هيرو شيواجيءَ جي حڪومت مضبوط ٿيڻ بعد، دهليءَ جي مغل حاڪمن جا به ڪَنَ کڙا ٿيا، انهن ڏينهن ۾ هي شهر “پوني وادي” نالي هڪ ڳوٺڙو هو. شيواجي پنهنجي ماءُ جيجا ٻائيءَ سان جنهن محل ۾ اچي رهيو، اهو لال محل سڏجي ٿو. هن هڪ طرف پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪيو ۽ ٻئي طرف پوني شهر کي وڌايو، پوني جو مشهور قصبه گنپتي مندر لاءِ چون ٿا ته اُهو شيواجيءَ پاڻ ٺهرايو. شيواجِيءَ جي وفات بعد سندس پٽ سمڀاجِي تخت تي ويٺو، جنهن جي قتل بعد هي شهر مغل شهنشاهه اورنگزيب جي هٿ ۾ آيو. مغلن هندستان تي حڪومت دهليءَ مان هلائي ٿي. هيڏانهن پوني ڏي پيشوا (وزيراعظم) حڪومت ڪندا رهيا ۽ سياسي طرح هڪ زبردست طاقت بنجي هاڻ مغلن سان مهاڏو اٽڪائڻ لڳا، پيشوائن جي پويان مقامي ماڻهن يعني مرهٺن جو ساٿ هو.
پوني جي ڀرسان جيڪو سنهاڳڙهه جو قلعو ڏسو ٿا، ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ اورنگزيب ٽي سال 1700ع کان 1703ع تائين شهر کي گهيري ۾ رکيو ۽ مغلن ۽ مرهٺن جي وچ ۾ دوبدو لڙائي لڳي رهي، جنهن ۾ اورنگزيب جو پٽ ۽ وارث شهزادو مُوهيل مڪ مارجي ويو، جنهن جي ياد ۾ اورنگزيب پوني جو نالو مُوهي آباد رکيو. ان وقت جي مرهٺي حاڪم شاهوءَ وڏي دليريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ راجڳڙهه کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو، پر 1712ع ۾ ماتا (Small Pox) ٿيڻ ڪري هُو مري ويو. هن جي موت بعد، هن جو وزير پيشوا بالاجي وشواناٿ مرهٺن جو تاج ڌڻي ٿيو. هيءُ به سٺو سياستدان هو، هن مغلن سان ’ڪجهه ڏئي ڪجهه وٺي‘ ٺاهه ڪيو ۽ 1718 کان هنن پيشوائن جي مهاراشٽرا ۾ حڪومت جاري ٿي، پر بالاجي گهڻو جيئرو نه رهيو ۽ 1721ع ۾ گذاري ويو.
بالاجي جي وفات بعد سندس وڏو پٽ ’باجي رائو‘ جنهن کي پيشوا جو خطاب مليو، سو تخت و تاج جو ڌڻي ٿيو. هونئن هيءَ مختصر تاريخ لکڻ جي ضرورت ان ڪري سمجهان ٿو، ته اسان پاڪستانين لاءِ يعني سنڌ، پنجاب توڙي بلوچستان ۽ سرحد جي رهاڪن لاءِ انڊيا جي تاريخ فقط اتر انڊيا جي تاريخ سمجهي ٿي وڃي، جنهن تي جن سلطانن، لوڌين يا مغلن حڪومت ڪئي. انهن جو اڄ واري پاڪستان جي شهرن ٺٽي ۽ حيدرآباد کان ملتان ۽ لاهور تي به اثر رهيو ۽ اسان جي هيٺئين ڪلاسن جي شاگردن کان وٺي يونيورسٽيءَ جا شاگرد شير شاهه سوري، ابراهيم لوڌي، بابر، همايون، اڪبر ۽ شاهجهان، جهانگير جهڙن بادشاهن کان واقف آهن. انهن جي نالن تي، اسان وٽ يا انڊيا جي اتراهن رياستن ۽ ڪشمير پاسي روڊ، عمارتون ۽ علائقا آهن، ماڻهن جا به نالا آهن، پر انڊيا جي ڏکڻ ۾ خاص ڪري مهاراشٽرا صوبي جي مرهٺن لاءِ شيواجي ڀونسلي، سمڀاجي، بالاجي، باجي رائو جهڙا راجا ۽ حاڪم ائين هيرو آهن جيئن سنڌين وٽ هوشو شيدي! شير شاهه، بابر، لوڌي، محمود غزنوي وغيره وري به انگريزن وانگر ڌاريا هئا، جن ننڍي کنڊ جي ڌرتيءَ تي اچي ڦُرلُٽ، عياشي ۽ حڪومت ڪئي. شيواجي، سمڀاجي، باجي رائو جهڙا مرهٺا حاڪم، جيڪي ڀلي اسان مسلمانن کي نه وڻن، پر هن ڌرتيءَ جي رهاڪو مرهٺن جا ته پنهنجا هئا، جن پنهنجي ڌرتيءَ کي غيرن کان بچائڻ لاءِ ۽ اتي جي عوام جي سک لاءِ پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي. ممبئي ۽ پوني ۾ رهندڙ ڪيترن سنڌي هندن ۽ گجراتين ٻڌايو ته هن صوبي (مهاراشٽرا) ۾ ڏينهون ڏينهن قوميت جو جذبو وڌندو وڃي ۽ هُو جتي ڪٿي نهرو ۽ گانڌيءَ کان به وڌيڪ شيواجي جي مورتي (Statue) ڏسڻ پسند ڪن ٿا.
بالاجيءَ جي مرڻ بعد سندس وڏو پٽ باجي رائو مرهٺن جو حاڪم ٿيو. هن حاڪم لاءِ چيو وڃي ٿو ته هُو وڏو مهم جُو ۽ دلير هو. هن پنهنجي مرهٺا سلطنت کي 1734ع ۾ مالوا جا علائقا هٿ ڪري، اترطرف وڌايو ۽ پنهنجي ڀاءُ “چيمن جي” کي پورچو گالين سان وڙهڻ لاءِ موڪليو، جنهن ۾ هن کي وڏي سوڀ حاصل ٿي ۽ 1739ع تائين پورچو گالي ميدان ڇڏي ڀڄي ويا ۽ کين لڪڻ جي جاءِ نه پئي ملي. باجي رائو 1740ع ۾ گذاري ويو. پٺيان هن ٽي پٽ ڇڏيا: بالاجي باجي رائو جيڪو پيشوا يعني حاڪم ٿيو، ٻيو رگهوناٿ راءِ جنهن پوءِ پنهنجي مرهٺن کي ڇڏي انگريزي سان وڃي ساٿ ڏنو ۽ ٽيون جنارڌن رائو جيڪو ننڍي عمر ۾ گذاري ويو.
بالاجي باجي رائو، پوني کي پنهنجي حڪومت جو مرڪز بڻائي، پوني ۽ ان جي پسگردائيءَ کي ڏاڍو ٺاهيو. ماڻهن کي پوک لاءِ سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون، جنهن سان خوشحالي پيدا ٿي. شهري انتظام کي بهتر بڻايو. 1750ع تائين هي علائقو ڏاڍو پُرسڪون لڳو پيو هو، ان بعد 1751ع ۾ مغل وڃي فرينچن سان مليا (هنن مرهٺن جي دوستي ڇڏي ڏني، جيڪي هڪ صديءَ تائين مغلن جو ساٿ ڏيندا پئي آيا.) مرهٺا وڏي جوش ۽ همت سان وڙهيا ۽ مڪمل طور تباهيءَ کان بچي ويا ۽ پوءِ بالاجي باجي رائو پنهنجي ڀاءُ رگهوناٿ رائو کي پاڻ سان ملائي ڀر وارن صوبن گجرات ۽ ڪرناٽڪا جو وڏو حصو پنهنجي صوبي مهاراشٽرا سان ملائي ورتو. انهي دوران خبر پيئي ته يورپ ۾ انگريزن ۽ يورپين جي وچ ۾ ڇتي ويڙهه شروع ٿي وئي آهي. ننڍي کنڊ جي تاريخ جو جائزو وٺبو ته هڪ ڳالهه نمايان لڳندي ته حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ تاج و تخت حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙا ڪيترائي مثال ملندا، جو پٽ پيءُ کي، ڀاءُ ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو، يا هڪ ڀاءُ بادشاهه ٿي ويو ته ٻئي هن کان تخت کسڻ لاءِ هن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو. ڪيترن بادشاهن غريب عوام کي ٻن حصن ۾ ورهائي خونريزيون ڪرائي ڇڏيون. نعرا ڀلي هنن ڇا به هنيا هجن ته هو عوام جي خدمت ڪرڻ چاهين ٿا، پر هنن کي پنهنجي عياشيءَ جي ئي لوڙ لڳل هوندي هئي. هُو پاڻ کي وڏا مذهبي سڏائيندا هئا پر ڪم غير مذهبي هين. تخت حاصل ڪرڻ خاطر ڀاءُ ڀاءُ جو مقابلو نه ڪري سگهندو هو ته ننڍي کنڊ ۾ موجود انگريزن، فرينچن يا پورچو گالين کان مدد حاصل ڪرڻ لاءِ هليا ويندا هئا، جيڪي ننڍي کنڊ ۾ پنهنجو پير ڄمائڻ لاءِ اهڙين نينڍُن لاءِ آتا هوندا هئا ۽ اڳواٽ معاهدن تي پڪيون صحيحون وٺي ڇڏيندا هئا، ته جي توهان کي پنهنجي ڀاءُ (يا پيءُ يا سوٽ) کان بادشاهت جو تاج وٺي ڏنوسين ته تنهنجي حڪومت جو هيترو حصو اسان جي حوالي ٿيندو.
تخت ۽ تاج حاصل ڪرڻ لاءِ بادشاهن، حاڪمن ۽ نوابن جي اولاد نه فقط يورپي گورن کان مدد ورتي ٿي، پر ملڪ ۽ اوسي پاسي جي ڌاڙيلن ۽ غنڊن، پرويندي سامونڊي قزاقن (Pirates) کان به مدد ورتي ٿي، جن پوءِ سندن جيئڻ به جنجال ڪيو ٿي، نه فقط ننڍي کنڊ جي مقامي راجائن ۽ حاڪمن پر ويندي يورپين به ڌارين جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪرڻ ۽ ان جي عوام کي غلام بنائڻ لاءِ ڌاڙيلن ۽ ڦورن کي پنهنجو يار بنايو ٿي. سامونڊي ڦورن (Pirates) جو تفصيلي احوال آءٌ سامونڊي ڪهاڻين واري ڪتاب “موج نه سهي مڪڙي” ۾ ڪري چڪو آهيان. هتي فقط ڪوناجي نالي هڪ سامونڊي ڌاڙيل (قزاق) جو مختصر احوال لکندس، جنهن جو شيواجي ۽ سمڀاجي مرهٺا راڄ ۽ مهاراشٽرا صوبي سان گهڻو واسطو رهيو.
ڪوناجي (جنهن کي انگريزي ۾ Konhaji ۽ Conajee اسپيلنگ سان لکيو وڃي ٿو) آفريڪا جو شيدي مسلمان هو، پر هن انڊيا جي اولهه واري ڪناري تي ماڻهن جا ٻيڙا ڦريا. پاڻ مرهٺي، هندي ۽ عربي سٺي ڳالهايائين ٿي ۽ سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي ڪامياب قذاقن (Pirates) مان هڪ هو. هن 1690ع ۾ مرهٺا سلطنت جي نيوي جو ليڊر ٿي به ڪم ڪيو. بهرحال هندستان ۾ پير ڄمائڻ لاءِ، انگريزن جي برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ هن قزاق کي ريهي ريڀي ۽ وڏيون وڏيون لالچون ڏيئي، پنهنجا مقصد حاصل ڪيا، ان بعد انگريزن هن کي پڇيو به ڪونه. پنهنجي خواريءَ جو بدلو وٺڻ لاءِ ڪوناجيءَ قزاقن جو ٽولو ٺاهيو ۽ 1710ع ڌاري بمبئيءَ جي ڪناري کان ٻاهر رهي، انگريزن جو جيڪو به جهاز نظر آيو ٿي ان جي ڦرلٽ شروع ڪري ڏني. بمبئيءَ جي ڏکڻ ۾ وجي درگ نالي هڪ ٻيٽ آهي، ڪوناجي وارن پنهنجي ڦُر جو سامان اتي لڪايو ٿي، انگريز جهازي هن جي وڏي ٽولي سان پڄي نه سگهيا. 1792ع تائين ڪوناجيءَ انگريزن جي واپار جي ڀينگ ڪري ڇڏي، پوءِ نيٺ ان وقت ڪمپنيءَ جي بمبئيءَ واري گورنر قزاق ڪوناجي کي ڀُنگ ڏيڻ جي آڇ ڪئي، ته هُو فرينچن، پورچوگالين، مغلن جي جهازن جي ڀلي ڦر ڪري، پر برطانيا جي جهازن جو نالو نه وٺي. ڪوناجيءَ انگريزن جي ڳالهه نه مڃي، هُو هر جهاز جي نه فقط ڦُر ڪندو رهيو، پر پنهنجو عملو به وڌائيندو رهيو. 1716ع تائين جڏهن بمبئيءَ جو گورنر چارلس بون هو، ڪوناجيءَ مرهٺا ڪناري تي پنهنجا 20 کن اڏا ٺاهي ورتا هئا، جتي هن جا ماڻهو ڦُر ڪيل مال سان گڏ اچي لڪا ٿي. چارلس بون، ڪوناجي جي اڏن تي وڏي طاقت سان حملا ڪرايا پر ڪوناجي طرفان سندس هر حملو پسپا ڪيو ويو ٿي.
1729ع ۾ ڪوناجي جي وفات بعد هن جي ٻن پٽن سمڀاجي ۽ مناجيءَ قزاقي (Piracy) جو ڪم سنڀاليو ۽ ڪاميابيءَ سان جاري رکيو. 1736ع ۾ انگريزن جي جهاز “The Derby” جي ڦُر به هن ٽولي ڪئي، جنهن جهاز لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان تي ايڏو ته سونُ هو جو انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپني سڄي سال ۾ ڪمايو هو. ان بعد انگريزن سامان ۽ مسافرن جي جهاز سان گڏ هڪ جنگي جهاز به موڪليو ٿي، پر ان هوندي به سمڀاجي ۽ مناجي ڀائرن جا ٽولا ڦُر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ٿي، ويتر 1743ع ۾ هنن جي ماٽيلي ڀاءُ تُولاجي، جيڪو پڻ ناميارو قزاق هو، ان به اچي هنن جو ساٿ ڏنو ۽ انگريزن لاءِ باهه ٻاري ڏني. انگريز، هاڻ هندستان جي شهرن تي قبضو ڪرڻ بدران في الحال پنهنجن جهازن کي قذاقن جي حملن کان بچائڻ ۾ لڳي ويا. اتي انهن حالتن ۽ نازڪ وقت تي، جڏهن انگريزن جي بيوسي ڏسڻ وٽان هئي، “بالاجي باجي رائو” جي ناراض ڀاءُ رگهوناٿ رائو پنهنجن ڪجهه مرهٺي قبيلن سان گڏ اچي انگريزن سان ساٿ ٺاهيو ۽ جيئن ته رگهوناٿ وارا مقامي ماڻهو هئا ۽ هُو هنن قذاقن جي اڏن ۽ مٽن مائٽن کان واقف هئا، ان ڪري هنن قذاقن تي جيڪي حملا ڪيا ٿي اهي ڪامياب ثابت ٿيا ٿي. انگريز به پوءِ شير ٿي ويا ۽ قذاقن جو هڪ هڪ اڏو تباهه ڪندا ويا ۽ ويندي آخري طاقتور اڏو، وجي درگ ٻيٽ وارو به 1755ع ۾ ڪموڊور وليم جيمس جي هٿ ۾ اچي ويو، تُولاجي جهلجي پيو ۽ کيس جيل موڪليو ويو، سندس گڏ ڪيل سموري ملڪيت بمبئي موڪلي وئي.
انڊيا جي اولهه واري ڪناري تي ڦرون ڪندڙ هي قذاق: ڪوناجي، سمڀاجي، مناجي ۽ تُولاجي، جيتوڻيڪ انگريزن جي تاريخ ۾ نفرت جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا، پر هتي جي مقامي ماڻهن (مرهٺن) لاءِ هُو هيمون ڪالاڻيءَ وانگر هيرو جي حيثيت رکن ٿا، جن سندن ڌرتيءَ کي انگريزن جي قبضي ڪرڻ کان گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه سال روڪي رکيو. هنن قزاقن جي تباهي انگريزن لاءِ وڏي ڪاميابي ثابت ٿي ۽ هُو هميشه وانگر هاڻ انهن مرهٺن کي کنگهڻ به نه لڳا، جن هنن جي مدد ڪئي. هر روز ويا پنهنجي طاقت وڌائيندا ۽ پکيڙيندا. 1761ع ڌاري مرهٺن جي سلطنت جو زوال شروع ٿيو، جڏهن پاڻيپٽ جي لڙائيءَ ۾ مغل حاڪم حيدر عليءَ مرهٺن کي شڪست ڏني. هن خبر ان وقت جي پيشوا حاڪم بالاجي باجي رائو کي سخت صدمو پهچايو ۽ ان بعد هُو سگهو ئي پوني جي پاروتي ٽڪري واري مندر ۾ وفات ڪري ويو. مرهٺا راڄ بالاجي باجي رائو جي ڏينهن ۾، سمجهو ته وڏي اوج تي هو. هُو “نانا صاحب پيشوا” به سڏيو ويو ٿي.
بالاجي باجي رائو جي مرڻ بعد سندس ٻيو پٽ ماڌورائو پيشوا ٿيو پر سندس چاچي رگهوناٿ رائو (جيڪو انگريزن سان ملي ويو هو) کيس انتظامي ڪمن ۾ منجهائي رکيو، آخر ٻيو ڪو چاڙهو نه ڏسي 1768ع ۾ ماڌورائو پنهنجي چاچي رگهوناٿ کي جيل ۾ وجهي ڇڏيو. انهيءَ سال مغلن پوني شهر جي تباهي پڻ ڪئي هئي. هونئن هتي جا ماڻهو ٻڌائين ٿا ته ماڌوراءِ جيڪو هتي جي زبان ۾ ٿورالي يعني اعظم (The Great) به سڏيو وڃي ٿو، هڪ نيڪ انسان، غريبن جو همدرد ۽ انصاف پسند حاڪم ٿي گذريو آهي. 1771ع ۾ هو سخت بيمار ٿي پيو ۽ ٻئي سال وفات ڪيائين. بالاجي باجي رائو جو ٽيون پٽ نارائن رائو پيشوا ٿيو ۽ تخت تي ويٺو. 1773ع ۾ سندس چاچو رگهوناٿ جنهن کي مڌوراءِ جيل ۾ وڌو هو، اهو مغلن جي مدد سان ٻاهر نڪري آيو. ان بعد رگهوناٿ جي زال آنند ٻائيءَ اٽڪل ڪري نارائن رائو کي پوني جي شنيوار وادا ۾ قتل ڪري ڇڏيو. ان بعد رگهوناٿ پيشوا ٿي ويٺو ۽ هن انگريزن سان ڪيترائي معاهدا ڪيا، جن ۾ هنن پيشوا لاءِ گارڊ ۽ فوجي ڏنا ٿي ۽ رگهوناٿ هنن کي مهاراشٽرا صوبي جي ڌرتيءَ جو حصو ۽ پئسو مهيا ٿي ڪيو. انهن ڏينهن ۾ پوني جو شهر، مرهٺي وزير نانا فدنيس جي هٿن ۾ هو، جنهن 1800ع ۾ وفات ڪئي.
1782ع ۾ رگهوناٿ رائو جي مرڻ بعد ٻه پٽ ۽ ٻيا ٿوري ٿوري عرصي لاءِ پيشوا ٿيا پر فقط نالي ۾. اصل ۾ حڪومت انگريزن جي هٿ ۾ ايندي وئي، جن 1803ع ۾ احمدنگر جو قلعو هٿ ڪيو ۽ 1804ع ۾ جنرل ويلسلي اهو اعلان ڪيو ته دکن ۾ وڳوڙ پکڙيل آهي، ان ڪري ملٽري راڄ لڳايو. 1818ع ۾ پوني جو شهر انگريزن جي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ حوالي ڪيو ويو، اڳتي هلي 1856ع ۾ انگريزن پوني جي ميونسپالٽي ٺاهي.
ويهين صديءَ جي شروع وارن سالن ۾ جڏهن سڄي هندستان ۾ انگريزن جي خلاف نفرت وڌي وئي ۽ آزاديءَ جي گُهر وڌڻ لڳي ته مهاتما گانڌيءَ انگريزن خلاف “Non Violence” مهم شروع ڪئي ته پوني جي هزارين ماڻهن ان “چَلي جائو” (Quit India) تحريڪ ۾ حصو ورتو. مهاتما گانڌيءَ کي انگريزن، هن شهر پوني جي آغا خان محل ۾ ٻن سالن لاءِ نظر بند رکيو، جتي سندس زال گذاري وئي. بهرحال اڳتي هلي انگريزن ننڍي کنڊ جي پچر ڇڏي 220 سال اڳ يعني 1778ع ۾ هي شهر جيڪو پوناڪا وادي نالي هڪ 15 گهرن جو ڳوٺڙو هو، اهو برٽش راج ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ جو ٻيو Capital رهيو ۽ اڄ “آڪسفورڊ آف دي ايسٽ” ۽ “Queen Of the Deccan” سڏجي ٿو.