الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6103
  • 1141
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

منهنجي دل ڇو ٻڏي رهي هئي...

پوني لاءِ چيو ويندو آهي ته Plateau تي آهي. پلئٽو جاگرافيءَ جو لفظ آهي، جنهن لاءِ سنڌي يا اردو جي لفظ جي ڄاڻ مون کي ناهي. ڪجهه ڊڪشنرين ۾ ان لفظ جي معنيٰ لکيل آهي، ’ميدان مرتفع‘ يا ’سطحِ مرتفع‘ بهرحال پلئٽو مٿاهين علائقي کي سڏجي ٿو. ڪٿي ڪٿي جابلو قطارن جا ڪجهه جبل هڪ ٻئي سان اهڙيءَ طرح مليل ٿين ٿا، جو انهن جي مٿاهين حصي تي وڏو ميدان ٿيو وڃي. پوني شهر هڪ اهڙي مٿاهين علائقي تي آهي، جنهن جي ڀرسان ٻه نديون نڪري پوني وٽ ملي هڪ ٿي اڳتي وهن ٿيون. سمنڊ کان مٿاهين سطح تي هجڻ ڪري هتي ايتري گرمي نٿي ٿئي، جيتري ممبئي يا ٻين هيٺاهين وارن شهرن ۾ ٿئي ٿي، جيئن پاڻ وٽ جيڪب آباد، سبي، مستنگ ۾ کڻي گرمي هجي پر ڪوئيٽا ۾ ٿڌڪار رهي ٿي، جو ڪوئيٽا سطحِ سمنڊ کان اُتاهين آهي.
جن ڏينهن ۾ منهنجو پوني ۾ رهڻ ٿيو، اهو فيبروريءَ جو مهينو هو ۽ جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ جڏهن پوني اچڻ لاءِ آءٌ ممبئيءَ ۾ لٿس ته ممبئيءَ ۾ چڱي خاص گرمي هئي. پوني ۾ کڻي اهڙي نه هئي، پر سياري جي مهيني جي هجڻ ڪري اهڙي به ٿڌڪار نه هئي، جو ڪوٽ يا سوئيٽر پائي هلجي. بهرحال ڪجهه هٻس ۽ Humidity ڪري منجهند تائين ڪاڙهو ضرور محسوس ٿي ٿيو، پر شام ڌاري پوني جي رستن تان ٿڌڙي هير ۾ واڪ ڪندي يا رڪشا ۾ وڻن ۽ ساوڪ سان جهنجيل شهر جو سير ڪندي مزو آيو ٿي. انڊيا جي ٻين شهرن وانگر مون لاءِ ته هن شهر پوني ۾ به ڪيتريون ئي شيون نيون ۽ عجيب هيون. رستن تي هلندڙ مردن توڙي عورت جا ويس وڳا ۽ سندن ذات نيات ۽ طبقاتي معاشيات جو اظهار ڪندڙ چهرا... جهوپڙيون ۽ بنگلا، مندر ۽ ملٽي اسٽوري عمارتون، گيڙو ڪپڙن ۾ ساڌو ۽ منهن تي نقاب چاڙهي موٽر سائيڪلون هلائيندڙ ڇوڪريون، فٽ پاٿ تي مڇيون وڪڻندڙ مهاڻيون ۽ ٽرئفڪ جئم ڪندڙ ’ڳئون ماتائون.‘
جتي منهنجي رهائش هئي يعني ساڌو واسواڻي چوڪ جي هڪ ڪنڊ تي، اتان پوني جي ريلوي اسٽيشن به ويجهي هئي ته ڪيترائي سئنيما هال به واڪنگ ڊسٽنس تي هئا. سرڪاري آفيسون، ڪاليج، اسڪول به اتي ئي هئا ته وڏا وڏا شاپنگ سينٽر به. منهنجي ڪمري جي دري ساڌو واسواڻي چوڪ ڏي هئي، سو ڪمري مان به هر وقت چئني رستن تي نظر ڦيرائيندو ٿي رهيس. ساڌو واسواڻي چوڪ تي اسان جو گيسٽ هائوس ڊاڪٽر ائني بيسنت روڊ تي هو، جنهن جي ٻئي پاسي سينٽ ميران گرلس اسڪول هو، جنهن ۾ ڪي. جِي. نرسري کان ٻارهين ڪلاس تائين ڇوڪريون پڙهيون ٿي ۽ صبح جو ننڍا ٻار پنهنجن مائٽن سان ۽ وڏيون ڇوڪريون ٽولن ۾ پنڌ، رڪشائن، بسُن ۽ ٽئڪسين ۾ اچڻ شروع ٿينديون هيون، هُو ڪلاس موجب مختلف يونيفارمن ۾ هونديون هيون ۽ هر هڪ کي اسان جي شاگردن وانگر ڪتابن جا ڳوٿرا هوندا هئا. اسڪول ٽائيم ۾ يا ڪڏهن موڪل بعد هنن جي راندين... خاص ڪري تڪونڊو ۽ جوڊي ڪراٽي جا به ڪلاس ٿيندا هئا.
ساڌو واسواڻي چوڪ جي ٻِيءَ ڪنڊ تي يعني اسان جي گيسٽ هائوس واري ڪنڊ جي بلڪل مخالف پاسي هڪ ننڍڙي درگاهه هئي، جيڪا پنجن پيرن جي درگاهه سڏي وڃي ٿي، جتي سڄو ڏينهن قواليون هليون ٿي ۽ مسلمان توڙي هندو قبرن کي چُمڻ لاءِ ايندا رهيا ٿي. آءٌ جنهن وقت به لکڻ پڙهڻ جي ڪم کان واندو ٿيس ٿي، يا ٿوري دير ننڊ ڪري فريش محسوس ڪيم ٿي ته هيٺ ڊائننگ هال ۾ هليو آيس ٿي، جتي ڪي نه ڪي اديب، شاعر يا ٻيا سنڌي مهمان ڪچهري ۽ خبرن چارن لاءِ ملي ويا ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته هتي جي ڪچن ۾ به هليو ويس ٿي، جتي رڌا پچاءُ جو ڪم سنڌي ۽ مرهٺي عورتن ڪيو ٿي. سالن کان ساڌو واسواڻي جي تحريڪ ۽ خير جي ڪمن سان وابستا هجڻ ڪري، هنن مرهٺي عورتن به سنڌي سمجهي ۽ ڳالهائي ٿي ۽ هنن کان سندن زندگيءَ جون ۽ سنڌين بابت سندن احساسن بابت پڇندو رهيس ٿي. هتي جي سڀني ماڻهن کي سنڌي هندن بابت اهوئي احساس آهي ته هُو جهيڙو جهٽو نٿا ڪن، ڌيرج سان ڳالهائين ٿا، منجهن سَهپ (tolerance) جو تمام گهڻو مادو آهي، هُو سٺا ۽ محنتي واپاري ۽ پورهيت آهن، سڀ کان وڏي ڳالهه ته هُو جتي رهن ٿا خير جا ڪم ڪن ٿا ۽ غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪن ٿا. جتي سنڌي رهن ٿا اهو ڳوٺ ۽ اتي جا ماڻهو خوشحال ٿين ٿا. ڪلياڻ، الهاس نگر، پمپري، نوي ممبئي ان جا چند مثال آهن. جيڪي سنڌي سوداگر (بزنيس) ۾ نه آهن، اهي اعليٰ تعليم يافته آهن. هُو ملڪ يا سوسائٽيءَ تي بار نه آهن پر پاڻ هڙؤن ۽ وڙؤن ڏين ٿا. اهڙا ماڻهو جيتوڻيڪ ٿورين گهٽ خاصيتن ۽ خوبين وارا اسان جي ملڪ ۾ جيڪڏهن آهن، ته اهي پارسي ۽ آغا خاني آهن.
پوني ۾ روزانو شام جو ٻاهر نڪري ڪجهه وقت ساڌو واسواڻي چوڪ وٽ اچي بيهندو هئس، جنهن جي وچ تي ساڌوءَ جي مورتي آهي ۽ هيٺان سنڌيءَ ۾ ’نه ڪر فڪر، نه ڪر فڪر، نه ڪر فڪر‘ لکيل آهي. ڪنڊ تي ڪنهن بس سروس ڪمپنيءَ جي ٽڪييٽ آفيس ڀرسان ريسٽورنٽ ۾ يا ٿورو اڳيان کوکي واري کان چانهه وٺي سوچيندو هئس، ته ڪهڙي طرف واڪ ڪجي. ڊاڪٽر ائني بسنت روڊ اولهه ڏي وٺي ايمبڊڪر ويلسي روڊ تائين هليو وڃجي يا اوڀر طرف اڳتي وڃي سر مانيڪجي مهتا روڊ تي چڙهجي. هڪ ڏينهن اهو وٺي اڳتي کاٻي پاسي بندر گارڊن روڊ تي هليو ويس، جتي اڄ جو ماڊرن سئنيما هال Inox هو، جنهن ۾ جوڌا اڪبر فلم هلي رهي هئي. جيڪا مون ان سئنيما ڏٺي. ساڌو واسواڻي چوڪ کان جيڪي رستا اتر ۽ اولهه ڏي وڃن ٿا، انهن ۾ اتر واري جو نالو ساڌو واسواڻي روڊ آهي ۽ ڏکڻ طرف ويندڙ رستو ساڌو واسواڻي پاٿ آهي، جيڪو اڳيان موليڏنا روڊ سان وڃيو ملي. اتي موليڏنا روڊ تي هڪ طرف دوراب جيزمال آهي ته ٻئي پاسي ڪاڪادي مگنم مال ۽ ٿورو اڳيان هڪ پاسي ڪلوور سينٽر آهي، ته مگنم مال واري پاسي هتي جو هڪ مشهور اسڪول سردار دستور نوشيروان گرلس هاءِ اسڪول آهي ۽ اڳيان ساڄي پاسي اروڙا ٽاورس آهن، جن جي هيٺان شاپنگ سينٽر آهن، جن تائين آءٌ پنڌ ئي پنڌ وڃي نڪرندو هئس. ڪڏهن هتان فوٽو به پرنٽ ڪرائيندو هئس. واپسيءَ تي موليڏني روڊ تي ’ڪافي هائوس‘ ريسٽورنٽ ۾ ڪافي يا چانهه ضرور پيتم ٿي. ان ريسٽورنٽ جي ڀرسان هڪ دڪان آهي. ’ڪراچي والا‘ سندس نالي منهنجو هر وقت ڌيان ڇڪايو ٿي. آخري ڏينهن تي گهڙي ويس. هي دڪان مرلي ڏاسواڻي ۽ روهت ڏاسواڻي نالي سنڌين جو هو، جنهن ۾ مختلف قسمن جا هئنڊي ڪرافٽ ۽ ڳهن جا نمونا وڪري لاءِ رکيل هئا.
هڪ ڏينهن سردار دستور نوشيروان گرلس هاءِ اسڪول ۾ به گهڙي ويس. ان ڏينهن اسڪول جي ڇوڪرين کي تقرير ڪرڻ جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ ڊبيٽنگ هئي. اهو ٻڌي ته منهنجو واسطو به ٽيچنگ سان آهي اسڪول جي انتظاميا مون کي به عزتون ڏئي، کڻي اڳينءَ قطار ۾ ويهاريو. ڇوڪرين جي انگريزي لهجي، توڙي انگريزي زبان جي ڄاڻ، تقرير جي طريقي ۽ دليل بازيءَ مان محسوس ڪيم، ته تعليم ۾ انڊيا واقعي اسان کان زور آهي، اسٽوڊنٽس محنتي آهن، ماسترياڻيون ايماندار ۽ devoted آهن ۽ ضرور والدين به پنهنجن ٻارن کي وقت ڏين ٿا، سندن پڙهائي ۽ پروگريس ڏي ڌيان ڏين ٿا. هڪ ٽيچر جي حيثيت سان آءٌ سمجهي سگهان ٿو ته جيستائين اهي ٽئي ڄڻا پنهنجو پنهنجو فرض نه نڀائيندا، تيسين تعليم جو معيار بلند ٿي نه سگهندو.
پوني جي هن سردار دستور نوشيروان گرلس هاءِ اسڪول جي هڪ ماسترياڻيءَ ٻڌايو ته، “هي هڪ سؤ سالن کان به پراڻو آهي ۽ فيبروري 1893ع ۾ ٺهيو هو.”
اسڪول جي ڀت تي اسڪول جو موٽو اُڪريل هو:
Humata Hukta Hvarestha.
جنهن جي هڪ ماسترياڻيءَ ٻڌايو ته معنيٰ آهي:
Good Thoughts, Good words, Good Deeds.
جيئن اسان وٽ ماما پارسي اسڪول ۽ NED جهڙا تعليمي ادارا پارسين ٺهرايا آهن، تيئن پوني ۾ رهندڙ پارسين هن قسم جا تعليمي ادارا هن شهر ۾ هڪ صدي اڳ ٺهرايا. اها ڳالهه جيڪا اسان کي اڄ به سمجهه ۾ نٿي اچي، اها هنن پارسين اڄ کان سؤ ڏيڍ سال اڳ محسوس ڪئي ته اسان جي سوسائٽي ۽ ملڪ جي ترقي تعليم ذريعي ئي ٿي سگهي ٿي. هنن پنهنجي خرچ تي هي اسڪول ٺهرايا، جيئن سنڌ کان لڏي آيل ساڌو واسواڻيءَ، مائي ميران گرلس هاءِ اسڪول جهڙا تعليمي ادارا پوني، دهلي، ممبئي ۽ ٻين شهرن ۾ ٺهرايا ۽ تعليم جو معيار سرڪاري اسڪولن کان به اعليٰ رکيائون.
مٿئين پارسي اسڪولن کان علاوه هتي پوني ۾ ڇوڪرن جو اسڪول پڻ آهي، جيڪو هڪ وڏي عالم پارسي شخص شمس العلماء سردار خانبهادر ڊاڪٽر هوشانگ دستور جي ياد ۾ ٺهيل آهي، جيڪو سن 1912ع ۾ ٺهيو. ڊاڪٽر هوشانگ پارسين جو وڏو ٻائو ٿي گذريو آهي. هُو هن شهر پوني ۾ 1838ع ۾ ڄائو ۽ 1908ع ۾ وفات ڪيائين. هندو سنڌين وانگر پارسي ماڻهو به تعليم ۾ ڪيترو اڳيان اڳيان هئا، ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڊاڪٽر هوشانگ ايم. اي، پي ايڇ ڊي ۽ C.I.E هو ۽ سندس پيءُ دستور جما سپجي ايدلجي، جيڪو 1798ع ۾ گجرات جي شهر نواسري ۾ ڄائو، اهو به زيند آواستا ۽ پهلوي جو وڏو اسڪالر هو ۽ دکن هندستان جي پارسين جو وڏو ٻائو چونڊيو هو.
پوني ۾ هن دستور فئمليءَ جي مٿين ٻن اسڪولن کان علاوه هڪ ٽيون اسڪول سردار دستور پرائمري ائنڊ نرسري اسڪول به آهي، جيڪو 1953ع ۾ کليو. ههڙن ملڪن جي تعليمي درسگاهن ۽ انهن جي اسٽوڊنٽس کي ڏسي منهنجي دل هميشه اها تمنا ڪندي آهي، ته ڪڏهن اهو ڏينهن ايندو، ڪڏهن اهڙي حڪومت ايندي، ڪڏهن اسان جي سنڌ ۾ اهڙا پير، مير، وڏيرا، ڀوتار، سردار پيدا ٿيندا جيڪي ههڙن اسڪولن کي جنم ڏيندا. ڊبيٽ بعد مختلف ڇوڪرين جون ٽوليون مون سان گڏ فوٽو ڪڍرائينديون رهيون. هڪ ڊگهو عرصو ٽيچنگ سان واسطو هجڻ ڪري ۽ ڪجهه ڪتابن جي ليکڪ جي حيثيت سان هُو مون سان فوٽو ڪڍرائيندي فخر محسوس ڪري رهيون هيون، پر منهنجي دل ڄڻ ٻُڏي رهي هئي، جو پنهنجي وطن جي مُرجهايل تعليمي نظام جو ڏک هڪ طرف ٿي رهيو هو، ته ٻئي طرف دل ۾ اها حسرت ڪَر کڻي رهي هئي، ته ڪاش هي پوني بدران کپري، جهڏي، گمبٽ، سجاول، قمبر يا ميهڙ، مٽياري، سيوهڻ ۽ هالاڻيءَ جهڙي سنڌ جي شهر ۾ پَسي رهيو هجان ها.