الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6162
  • 1165
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

موسم، مندر ۽ ملبيري کان مشهور مهابليشور

ڳالهه اها آهي ته توهان کي انڊيا گهمڻ لاءِ ايران، سريلنڪا، ملائيشيا، انگلينڊ يا آمريڪا جهڙي ويزا نٿي ملي سگهي، جنهن ۾ توهان انهن ملڪن ۾ پهچي جنهن شهر ۾ چاهيو، ان ۾ وڃي سگهو ٿا. اسان جا ماڻهو جيڪي ايران وڃن ٿا، هُو گهڻو ڪري قم ۽ مشهد شهرن ۾ زيارت لاءِ وڃي تهران کان واپس وطن ورن ٿا، يا باءِ روڊ زاهدان کان ڪوئيٽا اچن ٿا... پر هُو جي چاهين ته اصفهان، شيراز، تبريز ۽ ايران جي ٻين شهرن ۾ به وڃي سگهن ٿا، جيئن ملائيشيا، جرمني، سئيڊن، آمريڪا وغيره ۾ آهي، پر جپان وڃڻ لاءِ توهان کي فقط ٽن ويجهن شهرن جي ويزا ملندي، مثال طور ٽوڪيو، يوڪوهاما ۽ چيبا جي، يا وري اوساڪا، ڪوبي ۽ ڪيوٽو جي، يا وري ساسيبو، هيروشيما ۽ شمنوسيڪيءَ جي. اهڙو ئي سسٽم انڊيا ۾ آهي. توهان جي ممبئيءَ ويندائو ته ان سان گڏ پوني ۽ هڪ ٻه ٻيو شهر (مهاراشٽرا صوبي جي) جي ويزا ملندانوَ. ائين نه ته ممبئيءَ سان گڏ دهلي ۽ ڪلڪتو هڻي ڇڏين. ها ڪجهه سال اڳ جڏهن پاڪستان ۽ هندستان جي دوستيءَ جي هام ڀري وئي، ته ڪجهه سرڪاري ڊيليگيشن وارن کي جن ۾ اسان جي ڪجهه سنڌي اديبن ۽ فنڪارن جا به ٽولا هئا، جن کي انڊيا جي مختلف صوبن جي شهرن ۾ گهمايو ويو هو، پر هاڻ لڳي پيو ته اهو جذبو برقرار رکڻ بدران ٿڌائي اختيار ڪري ويو آهي، جو سرڪاري ۽ نيم سرڪاري طرح ڊيليگيشن موڪلڻ ۽ گهرائڻ ته بنهه گهٽجي ويو آهي، پر جي ڪو پنهنجي خرچ تي وڃڻ ٿو چاهي ته ان کي به ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري دلشڪستو ڪيو وڃي ٿو. مون کي هتي پوني ۾ ڪيترائي اهڙا امير سنڌي واپاري مليا، جيڪي سنڌ ۾ ڄاوا ۽ هڪوار پاڪستان گهمڻ ٿا چاهين، پر ويزا جا قاعدا قانون ڪي ايڏا سخت ٿا لڳن جو هنن کي اجازت نٿي ملي... پر جي ملي به ٿي ته رڳو لاهور جي يا رڳو ڪراچيءَ جي يا ڪنهن ٻئي هڪ شهر جي. جيئن هينئر آءٌ هتي انڊيا ۾ آيو آهيان، ته مون کي فقط ممبئي، پوني ۽ اوسي پاسي جي شهرن ۾ وڃڻ جي اجازت آهي. مون حيدرآباد دکن ۽ مدراس ڏسڻ لاءِ به apply ڪيو هو، پر ان جي اجازت نه ملي.
مٿين ڳالهه ڌيان ۾ رکي پڙهندڙن لاءِ هتي انڊيا جي هن صوبي مهاراشٽرا جي ڪجهه اهم شهرن بابت لکي رهيو آهيان ته جيئن توهان جو ممبئي يا پوني اچڻ ٿئي ته توهان ٿورن ڏينهن ۾ ڪهڙا ڪهڙا ويجها شهر ڏسي سگهو ٿا. جيئن مون سان گڏ انڊيا هلڻ جو پروگرام ٺاهڻ واري موهن مدهوش کي ممبئيءَ کان به وڌيڪ مهابليشور گهمڻ جو شوق هو ۽ پروفيسر قاضي خادم کي ناگپور ۽ اورنگ آباد ڏسڻ جو شوق هو. بهرحال اهي شهر هن مهاراشٽرا صوبي جا ئي آهن جنهن جو سمجهو ته گاديءَ وارو شهر ممبئي آهي. جيئن ته پهرين ئي لکي چڪو آهيان ته مهاراشٽرا تمام وڏو صوبو آهي، تقريباً سنڌ ۽ پنجاب جيڏو، جنهن ۾ ڪيترائي شهر تعليمي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، تاريخ، سونهن، سوڀيا، وڻج واپار ۽ عمارت سازيءَ کان مشهور آهن. هتي اسان شروعات ئي مهابليشور کان ٿا ڪريون جيڪو اسان جو سائنٽسٽ ۽ پبلشر دوست موهن، انڊيا نه اچڻ ڪري ڏسي نه سگهيو. ان بعد ناگپور، سولاپور، ڪولها پور ۽ ٻين شهرن جو مختصر احوال ڪنداسين، جيئن هن پاسي اچڻ سان توهان کي هنن شهرن جي ٿوري گهڻي idea هجي ۽ گهمڻ لاءِ انهن مان ڪن جي چونڊ ڪري سگهو.
مهابليشور:
سطح سمنڊ کان ساڍا چار هزار فوٽ مٿي بلنديءَ تي هي شهر پوني کان فقط 75 ميل يعني 120 کن ڪلوميٽر ڏکڻ اولهه ۾ آهي. سمجهو ته حيدرآباد کان نوابشاهه يا سڪرنڊ جيترو فاصلو آهي ۽ توهان ٻن ڪلاڪن اندر اتي پهچي سگهو ٿا. مهابليشور ٿڌي موسم، مندرن ۽ اسٽاربيري ۽ ملبيري جهڙن ميون کان مشهور آهي.
مهابليشور ۾، ڪوه مري، شمله ۽ گورک جهڙيون هل اسٽيشنون انگريزن پنهنجي راڄ ۾ ايجاد ڪيون ۽ ٺهرايون. ڳالهه هيءَ آهي ته انگريزن جو ننڍي کنڊ تي راڄ، جي اڄ جي دور ۾ هجي ها جڏهن دنيا ۾ اليڪٽرسٽي عام آهي ته ٿي سگهي ٿو هُو هل اسٽيشنون ٺاهڻ تي خرچ نه ڪن ها ۽ نه اونهاري ۾ شملي، ڪوه مري يا ڪنهن ٻيءَ هل اسٽيشن تي آفيسون شفٽ ڪن ها. هُو دهليءَ يا بمبئيءَ ته ڇا مدراس جئپور يا ڀوپال ۾ به ايئرڪنڊيشنر هلائي، سڄو سال آرام سان گذاري وٺن ها، پر جن ڏينهن ۾ انڊيا تي انگريزن جو راڄ هو، انهن ڏينهن ۾ لائيٽ تي هلندڙ پکو به نه هو. انڊيا انگريزن لاءِ سوني جي کاڻ هو پر ٿڌي ملڪ کان آيل هنن گورن لاءِ انڊيا جي موسم ناقابلِ برداشت حد تائين هئي. پوءِ پهرين ته انگريزن مٿاهين ڇتين جا ڪچا گهر ۽ آفيسون ٺهرائي انهن ۾ جهليون هڻائي ڇڏيون، جن کي ٻاهر ويٺل نوڪر رسي ذريعي سڄو ڏينهن ڇڪيندا رهيا ٿي، پر پوءِ آهستي آهستي هنن جو ڌيان انهن جبلن ڏي ويو، جيڪي اُتاهان هئا ۽ جن جي مٿاهين ليول تي لسا ميدان هئا. اتاهين ليول تي ٿڌڪار رهي ٿو. مثال طور اونهاري ۾ دادو ضلعي ۾ ڇا ته گرمي ٿئي ٿي، پر دادو شهر کان 93 ڪلوميٽر اولهه ۾ کيرٿر جبلن جي قطار وٽ گورک هل تي سياري جهڙي ٿڌ لڳي پئي آهي. هن گورک پهاڙيءَ تي سطح سمنڊ کان 5700 فوٽ (1620 ميٽر) مٿي اٽڪل 2500 ايڪڙ لسو ميدان آهي، جنهن تي ظاهر آهي چڱو وڏو شهر ٺهي سگهي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته گورک هل تي ان قسم جو شهر ٺاهڻ کان اڳ انگريز هليا ويا ۽ پاڪستان ٿيڻ کي 62 سال اچي ٿيا آهن، پر اتي اڃان تائين ڪجهه نه ٿي سگهيو آهي. ٻُڌجي پيو ته سرڪار جو ان پٺيان خوب خزانو خرچ پيو ٿئي. بهرحال شمله، ڪوه مري يا هي مهابليشور شهر انگريزن جي ڏينهن ۾ ٺهي ويا.
ڪوه مريءَ وارو علائقو انگريزن 1851ع ۾ ايجاد ڪيو، جنهن ۾ وڏو هٿ پنجاب جي ان وقت جي گورنر سر هينري لارينس جو هو. ڪوه مريءَ واري هل اسٽيشن سرڪاري عملدارن کان وڌيڪ انهن انگريز سپاهين جي رهائش جو سوچي ٺاهي وئي، جيڪي افغان بارڊر تي لڳايا ويا هئا. ڪوه مريءَ جو اهم روڊ جيڪو هاڻ جناح روڊ سڏجي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڄ به پراڻي نالي مال روڊ سان به سڏجي ٿو، ان جي چوڌاري ٻڌل شهر 1853ع ۾ قائم ڪيو ويو. ان روڊ تي ڪليسا گهر (چرچ) 1857ع جو ٺهرايل آهي. ڪوه مريءَ ۾ انگريزن 1947ع تائين ڪنهن به غير گوري يعني مقامي ماڻهوءَ (Native) کي اچڻ نه ڏنو. 1876ع تائين پنجاب حڪومت اونهاري جي موسم ۾ پنهنجا هيڊڪوارٽر ڪوه مري شفٽ ڪندي هئي، جيڪي 1876ع کان پوءِ شملي ٿيندا رهيا. پوني، مهابليشور، گورک ۽ ڪوئيٽا کان گهڻو مٿاهين ڪوه مري آهي. ڪوه مري سطح سمنڊ (Sea Level) کان 7500 فوٽ (يعني اٽڪل 2300 ميٽر) مٿي آهي. ڪوه مري کان پوءِ ڪوئيٽا آهي، جيڪا 6230 فوٽ (1900 ميٽر) مٿاهين ليول تي آهي.
مهابليشور مٿي بيان ڪيل هل اسٽيشن: گورک، مري يا ڪوئيٽا شهر کان مختلف ان ڪري آهي، جو هتي بارش گهڻي ۽ وڏي عرصي لاءِ پوي ٿي. ان ڪري هتي جون پهاڙيون چهچ ساون وڻن ۽ چراگاهن سان ڀريون پيون آهن. مهاراشٽرا صوبي جي ڪرشنا ندي هتان مهابليشور کان شروع ٿئي ٿي. اها ندي مهاراشٽرا کان پوءِ اڳتي ڪرناٽڪا ۽ آنڌرا پرديش صوبن تائين هلي وڃي ٿي. مهابليشور شهر 4500 فوٽ (يعني 1370 کن ميٽر) جي بلنديءَ تي هڪ وڏو ميدان (Plateau) آهي، جنهن جي ايراضي 150 چورس ڪلوميٽر آهي، جنهن جي چوڌاري ماٿريون ئي ماٿريون آهن، جيڪي خوبصورت نظارو پيش ڪن ٿيون. انگريزن جي وڃڻ بعد انڊيا جي حڪومت هن شهر کي تمام گهڻو ڊيولپ ڪيو آهي ۽ دنيا ۾ هڪ حسين ٽوئرسٽ اسپاٽ سڏجي ٿو، جتي نه فقط انڊيا جا پر دنيا جا ماڻهو اچن ٿا. هتي جون هوٽلون، شاپنگ مال ۽ ڍنڍون ۽ ان ۾ هلندڙ ٻيڙيون رومانٽڪ ماحول پيش ڪن ٿيون. انڊيا جا ڪيترا نوجوان جوڙا هتي هني مون ملهائڻ لاءِ اچن ٿا.
ڪراچيءَ جي ماما پارسي نموني جي پوني ۾ هڪ پارسي گرلس ڪاليج ۾ ٻارهين ڪلاس (A ليول) جي ڇوڪرين کي پاڻ بابت ۽ جهازرانيءَ بابت ٻڌائڻ بعد مون کين چيو ته، “هڪ ڪم ڪريو، پنهنجي ڪاپيءَ مان پني ڀور ڦاڙي ان تي ڀلي توهان پنهنجو نالو نه لکو پر پنهنجي هڪ وِش (خواهش) لکي ڏيو.” واپس هوٽل تي اچي پڙهيم ته هڪ ڇوڪريءَ جي اها وِش هئي ته شاديءَ بعد هُوءَ مهابليشور ۾ هني مون گذاري. ان ڏينهن مون کي احساس ٿيو ته ڄامشوري کان سيوهڻ جيتري پنڌ تي هي پوني کان جيڪو مهابليشور شهر آهي، واقعي خوبصورت ۽ رومانٽڪ آهي ۽ حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪيشن واري موهن مدهوش جي صحيح خواهش آهي ته پوني پهچي مهابليشور ضرور ڏسجي. پر آءٌ سمجهان ٿو ته موهن ڌرمي خيال کان مهابليشور وڃڻ چاهيو ٿي، جو اتي تيرٿين لاءِ ڪيترائي مندر ۽ ڌرمي شيون آهن، خاص ڪري مهابليشور مندر.
ممبئي يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ ٻڌايو ته مهابليشور سنسڪرت جي ٽن لفظن مان جڙيو آهي: مها معنيٰ وڏو، بَل معنيٰ طاقتور ۽ ايشور معنيٰ ڀڳوان. هتي جي مهاديو مندر ۾ هڪ ڳئون جي مورتي آهي، جنهن لاءِ هتي جي ٻاون جو چوڻ آهي ته ڪرشنا ندي هن ڳئونءَ جي وات مان نڪري مهاراشٽرا، ڪرناٽڪا ۽ آنڌرا پرديش صوبن کي سيراب ڪري ٿي.
مهابليشور جي ڀرسان پنچگاني نالي هڪ ٻي هل اسٽيشن پڻ آهي، جيڪا مهابليشور شهر کان فقط 20 ڪلوميٽر آهي يعني ڪياماڙيءَ کان نارٿ ناظم آباد تائين فاصلي تي. مهابليشور ۾ پراتا پگاد ضلعو 1656ع ۾ شيواجيءَ ٺهرايو. 1824ع ۾ هي شهر انگريزن جي حوالي ٿيو ۽ مختلف واقعن ۾ جنرل لاڊوڪ، ايلفنسٽن، آرٿرميل، فريئر ۽ ٻيا ايندا رهيا. ائين ته ڏٺو وڃي ته پوني جو شهر به مهابليشور وانگر Plateau ئي آهي، پر پوني فقط 1840ع فوٽ (560 ميٽر) جي بلندي وارن جبلن تي آهي ۽ مهابليشور تقريباً ٻيڻ واري مٿاهين 4500 فوٽ (1370 ميٽر) تي آهي.