الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6162
  • 1165
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

احمد نگر سان ڳنڍيل ڳالهيون

انڊيا جي رياست مهاراشٽرا جنهن ۾ نه فقط ممبئي، پوني، کنڊالا، ڪولهاپور، جلگائون، لاتور، نگاپور، ٿاني ۽ ناشڪ جهڙا شهر آهن، پر ٻيا به ڪيترائي تاريخي ۽ ٽوئرسٽن جي پسند جا شهر آهن، جن مان ڪنهنجو ذڪر ڪري ڪنهنجو ڪجي، پر هتي آخر ۾ هڪ شهر احمد نگر جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪو منهنجو فئوريٽ شهر رهيو آهي.
احمد نگر، سِنا نديءَ جي اُلهندي ڪپ تي آهي ۽ پوني کان ارونگ آباد ويندي بلڪل وچ تي آهي يعني احمد نگر ۽ پوني جي وچ ۾ 120 ڪلوميٽر فاصلو آهي ۽ ايترو ئي احمد نگر کان اورنگ آباد تائين آهي. احمد نگر لاءِ چوندا آهن ته کنڊ، کير ۽ بئنڪن جي ڏيتي ليتيءَ کان مشهور آهي. ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ ٻڌايو ته فقط احمد نگر جي آسپاس ويهن کان مٿي کنڊ جا ڪارخانا آهن. هتي مسلمانن جو به وڏو تعداد رهي ٿو، جيڪي انگريزي، مراٺي ۽ هنديءَ سان گڏ اڙدو به پڙهن ٿا. هتي جيڪا هندي عام طرح ڳالهائي وڃي ٿي، ان جو لهجو حيدرآبادي (دکني) آهي، پر منجهس ڪيترائي مرهٺيءَ جا لفظ شامل آهن.
احمد نگر 1494ع ۾ احمد نظام شاهه ٻڌرايو. هن هنڌ لاءِ چون ٿا ته ڪنهن زماني ۾ قديمي شهر ڀنگار هوندو هو. بهماني (Bahmani) سلطنت ختم ٿيڻ بعد احمد هن شهر ۾ نظام شاهه گهراڻي جو بنياد رکيو ۽ هي گهراڻو 1636ع تائين، مغل شهنشاهه شاهه جهان جي فتح تائين قائم رهيو. شاهجهان جي پٽ اورنگزيب پنهنجي حڪومت جا آخري سال (1707ع-1681ع) هتي ئي گذاريا ۽ 1707ع ۾ اورنگ آباد جي ڀرسان خلت آباد يا خلد آباد نالي ڳوٺ ۾ وفات ڪئي، جتي هن جو ننڍڙو monument به ٺهيل آهي.
شاهجهان جي حملي ڪري هيڏانهن ڏکڻ هندستان ڏي نظام شاهي گهراڻي جي حڪومت جو ته خاتمو ٿي ويو، پر هتي جي مڪاني مرهٺن مغلن کي به آرام سان ٽڪڻ نه ڏنو ۽ 1759ع ۾ مرهٺن حوالي ٿي ويو. بهرحال انگريزن جنرل ويلسلي جي اڳواڻيءَ هيٺ احمد نگر تي حملو ڪري، ان کي پنهنجي قبضي ۾ آندو. احمد نگر ۾ مغلن جون ٺهرايل ڪيتريون ئي عمارتون آهن، جن مان احمد نگر جو قلعو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، جنهن ۾ انگريزن جواهر لعل نهرو ۽ ٻين آزاديءَ جي متوالن قومپرستن کي نظربند رکيو هو. نهروءَ جو هڪ ڪتاب The Discovery of India تمام گهڻو مشهور آهي، اهو ڪتاب هُن قلعي مان قيد وارن ڏينهن ۾ لکيو. اڄ جي شاگرد کي هي ڪتاب پڙهڻ جي صلاح ڏيندس. اسان به فرسٽ ايئر ۾ هئاسين، ته اسان کي ڪاليج جي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس (Col. J.H.H. Coombes)پڙهڻ لاءِ چيو هو.
احمد نگر سان ڪيترين ئي تاريخي شخصيتن جو واسطو رهيو آهي جيئن:
• چاند بيبي
• اسپائيڪ مليگان
• سنٿيا فيرار
• ائنا ليونوونس
• مائيڪل ديوار
• رام نگر ڪار
• رئچيل مانيجا برائون
• شاهو موڌاڪ
• شاءِ بابا شردي
• مهر بابا... وغيره.
نهروءَ جي ’ڊسڪوري آف انڊيا‘ کان علاوه هڪ ٻيو مشهور ڪتاب، جيڪو هن شهر احمد نگر ۾ لکيو ويو اهو Pakistan or Partician of India آهي، جيڪو بي. آر. ائمبيڊڪر لکيو.
چاند بيبي (1599ع-1550ع) جيڪا چاند خاتون ۽ چاند سلطانا جي نالن سان به سڏي وئي ٿي. احمد نگر جي حسين نظام شاهه اول جي ڌيءَ هئي. هُوءَ 1596ع کان وفات 1599ع تائين احمد نگر جي حاڪم (regent) ٿي رهي. مغل شهنشاهه اڪبر (1605ع-1542ع) جي سپاهين جڏهن احمد نگر تي حملو ڪيو، ته ان جي بچاءَ لاءِ جنهن بهادريءَ سان چاند بيبيءَ عورت ٿي مقابلو ڪيو، اهو واکاڻ جوڳو آهي. چاند بيبيءَ لاءِ مشهور آهي، ته هُوءَ ڪيترين ئي زبانن جي ڄاڻو هئي، خاص ڪري عربي، فارسي، ترڪش، مرهٺي ۽ ڪنهڙ. مرهٺي مهاراشٽرا رياست جي زبان آهي ۽ ڪنهڙ ان کان هيٺين (ڏاکڻي) رياست ڪرناٽڪا ۽ ڪيرالا ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ڪنهڙ ٻوليءَ جو لفظ جيئن ته انگريزيءَ ۾ ‘Kannada’ اسپيلنگ سان لکيو وڃي ٿو، ان ڪري آءٌ ان کي هميشه ڪاناڊا پڙهندو هئس، پوءِ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ رهائش دوران هڪ ڏينهن اتي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي مون کي چيو ته سائين اهو لفظ ڪنهڙ يا ڪنر آهي، جيئن رمضان کي انگريزيءَ ۾ پاڻ Ramadan لکون ٿا. ان هوندي به جڏهن مون نه مڃيو ته هُو ڪنهڙ ڊپارٽمينٽ جي چيئرمين وٽ وٺي آيو. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هڪ طرف گجراتي ۽ انگلش ڊپارٽمينٽ آهي ته ٻئي پاسي ڪنهڙ ۽ پالي زبانن جا ڊپارٽمينٽ آهن ۽ ٿورو اڳيان اڙدو ڊپارٽمينٽ آهي. احمد نگر کان 13 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي چاند بيبي محل آهي. ٽه ماڙ پٿرن جي ٺهيل هن محل اندر سلابت خان جو مقبرو به آهي. احمد نگر ريلوي اسٽيشن کان 3 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، هتي جو مشهور “درگاهه ديوي مندر” آهي. هندن جي نوراتڙي (نون راتين) وارو جشن هن ديوي درگا جي ياد ۾ هوندو آهي، جنهن جي شيطاني حاڪم ماهيشاسرا سان نوَ راتيون لڙائي هلي، جنهن ۾ آخر درگا ديويءَ ماهيشا سُرا کي قتل ڪيو. هي جشن برائيءَ مٿان سچائيءَ جي سوڀ ۾ ملهايو وڃي ٿو.
درگاه ديوي مندر کان علاوه احمد نگر شهر ۾ وشال گنپتي مندر به وڏي اهميت رکي ٿو. سائين بابا شرڌي جنهن جي هتي جا هندو توڙي مسلمان وڏي عزت ڪن ٿا، ان جو آستان پڻ هتي احمد نگر ۾ آهي.
انگريزيءَ جي مشهور مزاحيه فلم Three Musketeers (1973ع جي فلم) جو ڪاميڊين ائڪٽر اسپائيڪ مليگان 1918ع ۾ احمد نگر ۾ ڄائو هو. هو Those Craz People واري ريڊيو پروگرام (جيڪو پوءِ ’دي گون شو‘ جي نالي سان سڏيو ويو) ڪري به مشهور ٿيو. اهو پروگرام اسپائيڪ مليگان ان وقت جي ٽاپ جي ائڪٽر پيٽر سيلر سان گڏ ڪندو هو. مليگان سن 2000ع ۾ وفات ڪئي.
سنٿيا فيرار، عيسائي مذهب جي مشهور آمريڪن تبليغڪار هئي. هُوءَ پلان فيلڊ (نيو هئمپشائر) آمريڪا مان پڙهي ۽ بوسٽن ۾ ٽيچر هئي. پوءِ 44 سالن جي ڄمار ۾، سن 1839ع ۾ هتي احمد نگر هلي آئي ۽ مرڻ گهڙيءَ (1862ع) تائين احمد نگر جي مختلف ڳوٺن ۾ ڇوڪرين جا اسڪول هلائيندي رهي.
هڪ ٻيو اهم ڪيميادان، مائيڪل جيمس اسٽئارٽ ڊيوار جنهن جو Theoretical ڪيمسٽري ۾ وڏيون خدمتون آهن. 1918ع ۾ احمد نگر ۾ ڄائو. هن 1942ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مانPh.D ڪئي. MOPAC ڪمپيوٽر پروگرام ۾ استعمال ٿيندڙ سيمي امپيريڪل ڪمپيوٽيشنل ڪيمسٽريءَ جا طريقا (MINDO,PM3) وغيره هن جا ايجاد ٿيل آهن.
انگريزيءَ جي هڪ مشهور آتم ڪٿا آهي، All the Fishes Come Home to Roost جيڪا طنز سان ڀرپور آهي. هن جي ليکڪا رئچيل مانيجا برائون آهي، جنهن ستن کان ٻارنهن سالن جي ڄمار تائين احمد نگر ۾ گذاريو، جنهن جو احوال هن پنهنجي مٿئين يادگيرين جي ڪتاب ۾ ڏنو آهي. مس برائون جا ماءُ پيءُ مهر بابا جا پوئلڳ جن جي وچ ۾ هن هڪ Non believer جي حيثيت سان پاڻ کي mis fit محسوس ٿي ڪيو ۽ هُوءَ احمد نگر جي ڀر واري جنهن ڳوٺ ۾ رهي ٿي ان ۾ هُوءَ اڪيلي مغربي نسل جي ڇوڪري هئي.
احمد نگر ۾ پيدا ٿيندڙ اهم شخصيتن ۾ هڪ ائنا ليونو وينس پڻ آهي، جنهن کان سڄيءَ دنيا جا ماڻهو، خاص ڪري ايشيا جا واقف آهن. ائنا، درس و تدريس جو ڪم ڪندڙ، عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندڙ ۽ The English Governess at Siamese Court ڪتاب جي ليکڪا ٿي گذري آهي، جيڪا 1831ع ۾ احمد نگر ۾ ڄائي. پاڻ سفرناما لکندڙ انگريز عورت هئي. پاڻ ٿائلينڊ (سيام) جي بادشاهه مونگڪت جي زالن ۽ ٻارن کي انگريزي پڙهائڻ جي حوالي سان به ڄاتي سڃاتي وڃي ٿي. ائنا جي ٿائلينڊ جي تجربن کي ڪجهه افسانوي رنگ ڏيئي، مارگريٽ لانڊن 1944ع ۾ ’ائنا ائنڊ دي ڪنگ آف سيام‘ نالي سان ناول لکيو، جنهن تي بعد ۾ ڪيتريون ئي فلمون ۽ ٽيليويزن مِني سيريز ٺاهيون ويون، جن مان سڀ کان گهڻو مشهور “The King and I” ٿي جيڪا اسان پڻ ڪاليج وارن ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ ڏٺي. اها فلم 1951ع ۾ ٺاهي وئي هئي.
ائنا جو پيءُ سندس ڄمڻ کان اڳ گذاري ويو ۽ ماءُ پئٽرڪ ڊونوهو نالي هڪ آئرش سان شادي ڪئي، جيڪو بعد ۾ 1857ع واري بلوي ۾ بمبئيءَ ۾ مارجي ويو. انگريز حڪومت سندس بهادريءَ تي سندس مرڻ بعد ’وڪٽوريا ڪراس‘ ايوارڊ ڏنو. بهرحال ان کان اڳ 1847ع ۾ انگريز سرڪار طرفان سندس بدلي عدن ۾ ٿي، سو ائنا به پنهنجي ماءُ سان گڏ عدن وڃي رهي، جتان ٻن سالن بعد انڊيا موٽڻ تي پوني ۾ اچي رهي، جتي پنهنجي ننڍپڻ جي بواءِ فرينڊ ليون اوونس سان شادي ڪيائين. ماءُ پيءُ ان شاديءَ تي اعتراض ڪيو، پر هن انهن جي نه ٻڌي بلڪ هنن سان هميشه لاءِ تعلق ڇني ڇڏيائين. نئين جوڙي پاڻي واري جهاز رستي آسٽريليا جو چڪر ڏئي ملايا ۾ اچي گهر ورتو. ائنا جي مڙس کي پينانگ ٻيٽ تي نوڪري ملي، جتي هُو 1859ع ۾ 31 ورهين جي ڄمار ۾ مرگهيءَ جي دوري ۾ مري ويو. سندس قبر پينانگ جي عيسائي قبرستان ۾ آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾ انگريزن جي دفن لاءِ FTC بلڊنگ سامهون گورا قبرستان آهي.
ائنا جي مڙس مرڻ وقت ائنا جي عمر 28 سال هئي، سندس چئن ٻارن مان ٻه ته ننڍي عمر ۾ مري ويا، باقي ٻن ٻارن (ڌيءَ ائوس ۽ پٽ لوئيس) ۽ پنهنجي گذر سفر لاءِ ائنا سنگاپور ۾ اچي ٻارن جو اسڪول کوليو، جتي 1862ع ۾ سيامي (ٿائي) حڪومت جي قونصل خاني ائنا کي آفر ڏني، ته هُوءَ هي اسڪول ڇڏي ٿائلينڊ ۾ هلي شهنشاهه سيام مونگڪت جي زالن ۽ ٻارن کي پڙهائي. ٿائيليند جي هن بادشاهه ۽ سندس فئملي ۽ ٻين ڳالهين بابت پنهنجي ٿائيلينڊ واري سفرنامي ’اي جرني ٽو ٿائلينڊ‘ ۾ تفصيل سان لکي چڪو آهيان. ائنا پنهنجي ڌيءَ کي تعليم لاءِ انگلينڊ موڪليو ۽ پنهنجي پٽ کي بئنڪاڪ وٺي آئي، جتي هن کي مونگڪت شهنشاهه جي 39 زالن، ڪنيزائن ۽ 82 ٻارن کي پڙهائڻو هو.
ائنا، بئنڪاڪ ۾ 1867ع تائين ڇهه سال رهي، جنهن مان ڪجهه سال هُوءَ ٽيچر ٿي رهي، ان بعد هُوءَ بادشاهه منگڪت جي سيڪريٽري ٿي رهي. جيتوڻيڪ جيڪا پوزيشن ائنا کي حاصل هئي، ان ۾ هن لاءِ عزت کان سواءِ سياسي طاقت پڻ مليل هئي، پر هن کي بئنڪاڪ ۾ هن نوڪري ڪرڻ جا ٽرمس ۽ حالتون بهتر نٿي لڳيون. موڪل تي لنڊن وڃڻ بعد هُوءَ بادشاهه سان بهتر پگهار ۽ حالتن لاءِ ڳالهيون جاري رکي رهي هئي، ته بادشاهه سخت بيمار ٿي پيو ۽ مري ويو. بادشاهه هن کي ايڏو چاهيو ٿي جو پنهنجي وصيت ۾ ائنا ۽ سندس پٽ جو نالو به شامل ڪيو، پر ورثي ۾ کيس ڪجهه به نه مليو. مري ويل بادشاهه جو 15 سالن جو پٽ چولالونگ ڪارن (جنهن جي نالي بئنڪاڪ ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا آهن) ائنا کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ فقط مهربانيءَ جو خط لکيو.
ائنا جي تمام ڊگهي ۽ دلچسپي ڪهاڻي آهي. هُوءَ 1869ع ۾ نيويارڪ هلي وئي، جتي هن بوسٽن جرنل جي ماهنامي مئگزين لاءِ پنهنجي سفر جون ڳالهيون ۽ ٿائي بادشاهه جي حرم جا قصا لکيا، جن مان ڪيترا ’نيويارڪ ٽائيمز‘ ۾ به وري وري دهرايا ويا. هُوءَ اتي جي اسڪولن ۾ پڙهائيندي رهي. عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙ ڪندي رهي، وغيره وغيره.
هتي احمد نگر ۽ پوني جي حوالي سان سندس ذڪر کڻي ويٺاسين ۽ جيئن ته منهنجو سنگاپور (جتي هن پڙهايو)، پينانگ (جتي هن جي مڙس جي قبر آهي)، بئنڪاڪ (جتي هن بادشاهه جي حرم کي تعليم ڏني) ۽ نيويارڪ (جتي جي اخبارن ۾ هن لکيو ۽ اسڪولن ۾ پڙهايو) ۾ پڻ ڊگهو عرصو رهڻ ٿيو آهي. ان ڪري هن خاتون جو احوال مختصر بدران ڪجهه گهڻو ئي ٿي ويو. بهرحال هاڻ پوني ۾ رهي ڪري هي سڀ ڪجهه لکڻ وقت اهو احساس ٿي رهيو آهي، ته اڄ کان پورا 161 سال اڳ 18 ورهين جي انگريزياڻي ائنا جي هن شهر پوني ۾ شادي ٿي، جنهن بعد هُو گجرات جي بندرگاهه سورت ۾ پهچي پاڻي واري جهاز ذريعي آسٽريليا روانا ٿيا هئا. تن ڏينهن ۾ انڊيا ۾ نه پڪا رستا هئا، نه ريل گاڏيون ۽ بسون. پڪ ڍڳي گاڏي ۽ اُٺن ذريعي پوني کان سورت پهتا هوندا.