الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6162
  • 1165
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

ويزا حاصل ڪرڻ ۾ بئڊلَڪ

ان رات پوني پهچڻ سان جئه موتياڻي ساڌو واسواڻي مشن جي ليڪچر هال ۾ وٺي آيو، جتي دادا جشن ليڪچر ڏئي رهيو هو. دادا جشن، ساڌو T.L (ٿانو رداس ليلارام) واسواڻي جو ڀائٽيو ٿئي ۽ هُو ساڌو واسواڻيءَ جي مشن، تعليم عام ڪرڻ، بيمارن جي خدمت ڪرڻ ۽ بهتر صحت بنائڻ، غريبن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ، جي پرچار ڪندو اچي. هن ڏس ۾ انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي، خاص ڪري ممبئي ۽ پوني جا، گهڻي کان گهڻي سخاوت جو مظاهرو ڪندا رهن ٿا. انهن جي چندن مان SVM (ساڌو واسواڻي مشن) وارن انڊيا ۾ ڪيترائي اسڪول، خاص ڪري ڇوڪرين جا اسڪول، (ڇو جو ساڌو چوندو هو ته عورت جي تعليم يافته ٿيڻ سان سڄو گهر علم جي روشنيءَ سان منور ٿي ويندو ۽ ٻين لفظن ۾ اسان جي سوسائٽي سڌريل ٿي پوندي.) اسپتالون ۽ غريب گهر کوليا آهن. دادا جشن گريجوئيشن ڪرڻ بعد خدمتِ خلق شروع ڪئي آهي ته هو اڄ نوي سالن جو اچي ٿيو آهي. مون سندس پهريون ليڪچر ملائيشيا ۾ اڄ کان ويهه سال اڳ ٻڌو. مون کي سندس لهجي مان ئي محسوس ٿيو ته هُو سنڌي آهي. جهيڻو ۽ شرميلو آواز، طبيعت ۾ نهٺائي ۽ نوِڙت، جسم ۾ ڪمزور نظر آيو ٿي. هن انسان کي پوءِ ٻين ملڪن ۾ Sony چئنل تان ڏسندو رهيس ٿي. هن جي ليڪچر ۾ نصيحتون ۽ مختلف مذهبن جي سٺاين جون ڳالهيون هونديون آهن. جيتوڻيڪ دادا جشن پنهنجي ليڪچر ۾ اسلام جي سٺين ڳالهين ٻڌائڻ کان لنوائي ٿو. هُو جيتوڻيڪ سنڌي ڳالهائڻ لاءِ زور ڀري ٿو ۽ سنڌ لاءِ پنهنجي بي انتها پيار جو اظهار هر وقت ڪندو رهي ٿو، پر سنڌي مسلمان جي هُو گهٽ ئي ڳالهه ڪري ٿو، پر تنهن هوندي به هن جي ليڪچر ۾ دلچسپي ۽ ڪشش هجڻ ڪري مون کي هُو ٻڌڻ لاءِ مجبور ڪندو رهيو آهي. مون هن شخص کي جيئرو جاڳندو ڏسڻ ٿي چاهيو. هن جي چاهڻ وارن ۽ مريدن (devoutee) جو سڄيءَ دنيا، خاص ڪري انڊيا ۾، ايڏو ته وڏو تعداد آهي جو اسان جهڙي هڪ عام ماڻهوءَ جو هن سان ملڻ ناممڪن ئي رهي ٿو. اهڙن ماڻهن سان هوائي جهازن ۽ يورپ، جپان ۽ هانگ ڪانگ پاسي جي وڏين هوٽلن ۾ ئي اوچتو ملاقات ٿي وڃي ته ٻي ڳالهه آهي، پر اڄ مون کي جئه نه فقط هن جي اڳيان پهرين قطار ۾ اچي ويهاريو پر ليڪچر ختم ٿيڻ تي، جڏهن ماڻهو اٿي کڙا ٿيا ۽ دادا جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ اڳيان ڳاهٽ ٿي دادا جي چوڌاري سڪيورٽي گارڊن ۽ رضاڪارن جي گهيري کي ٿي ٽوڙيائون، ته مون کي جئه ٻانهن ۾ هٿ وجهي چيو ته هيڏانهن اچو ته توهان کي دادا سان ملايان. هُو هال مان مون کي اولهه واري ورانڊي ۾ وٺي آيو، جتي دادا جي سيڪريٽري ڪرشنا ڪماريءَ اسان کي ڀر واري ڪمري ۾ وڃڻ جو اشارو ڪيو ۽ مون کي کيڪاريو. هن کي جئه طرفان اڳهين منهنجي اچڻ ۽ دادا سان ملڻ لاءِ چيو ويو هو. ان ڪمري ۾ ٻه ٻيا به دهليءَ کان مهمان آيل هئا. دادا جيئن ئي ان ڪمري مان لنگهيو ته انهن مان هڪ کي ملايو ويو. دادا هن جي ڳالهه ٻڌي هن کي دعا ڏني. هُو غريب بيمارن جي علاج لاءِ هڪ وڏي رقم ڏيڻ جي خبر ٻڌائڻ آيو هو. ان بعد دادا سان مون کي ملايو ويو. مون کي حيرت ٿي ته دادا جشن منهنجا ڪجهه سفرناما پڙهيا آهن. خاص ڪري پهاڪن وارو ڪتاب “رُٺي آهي گهوٽ سان” جيڪو مون طرفان فقط Compilation آهي.
دادا جشن خير عافيت بعد ٻين کي چوڻ لڳو ته، “مون کي خوشي آهي ته سنڌ جي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن مان ڪو هڪ ته آيو.” مون کِلندي ٻڌايومانس ته پڙهيل ڳڙهيل ته اتي رهجي ويا آءٌ پاڻ جاهل اچي نڪتو آهيان، جنهن جو ڪم، ويندڙ مسافرن کي See off ڪرڻ هو. ڪرشنا ڪماري ۽ جئه موتياڻي جن کي ان ڳالهه جي خبر هئي، کِلڻ لڳا ته هن ڀيري جيڪي پوني جو هي جشن ۽ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ اچي رهيا هئا، سڀ پڙهيل ڳڙهيل ۽ وڏا اديب ۽ شاعر هئا، پر ڪن سببن ڪري ۽ ٿوري وقت هجڻ ڪري کين سندن سرڪاري آفيسن مان موڪل نه ملي سگهي. ان بابت ڪجهه هتي لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيئن هڪ مسافر کي خاص ڪري اهڙي کي جنهن لاءِ مقرر تاريخ تي پهچي ڪو سيمينار يا ڪورس اٽينڊ ڪرڻ ضروري آهي ته هُو سفرجا ڪاغذ وقت اندر مڪمل ڪري سگهي.
منهنجي پوني وڃڻ، بلڪ انڊيا جي هن چڪر جو ڪريڊٽ حيدرآباد جي نوجوان شاعر، اديب، پبلشر ۽ فزڪس جي گريجوئيٽ موهن مڪواڻا کي ڏيڻ ٿو چاهيان، جيڪو مون کي هن دعوت بابت فون ڪري نه پڇي ها ته مون کان اها مِس ٿي وڃي ها. ٻه هفتا کن اڳ پوني مان، ساڌو واسواڻي مشن (SVM) طرفان هن دعوت (invitation) جو اِي ميل خط آيو ته مون ان کي اهم نه سمجهي کولي پڙهڻ بدران delete ڪري ڇڏيو، پوءِ جڏهن موهن پڇيو ته آءٌ پوني هلان ٿو يا نه.
“خير ۾؟” مون حيرت مان پڇيو.
“پوني ۾ دادا جشن جي 90 هين سالگرهه جي موقعي تي هفتو کن مختلف فنڪشن ٿي رهيا آهن، جن مان هڪ ڏينهن صوفيزم تي به سيمينار ٿيندو، جنهن ۾ آءٌ، امر جليل، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، قاضي خادم پيپر پڙهنداسين. توهان کي به صوفيزم تي پيپر پڙهڻ لاءِ دعوت ڏني اٿن.” موهن جيڪو پاڻ کي “مدهوش” سڏائي ٿو يڪساهيءَ ٻڌائي ويو.
“يار دعوت نامو ته آيو هو پر مون پڙهيو نه هو. ان جي ڪاپي مون ڏي فارورڊ ڪر ۽ اهو ته ٻڌاءِ ته ٻيا ڪير ڪير هلي رهيا آهن؟”
“هتان ٻيا اسحاق سميجو، سنڌ يونيورسٽي جو V.C مظهرالحق صديقي، مهرالنساء لاڙڪ، ڊاڪٽر رخسانا پريت، تاج جويو ۽ نصير مرزا به هلي رهيا آهن. هفتو کن پوني ۾ رهنداسين ۽ هفتو کن اجمير، آگره وغيره به گهمنداسين.”
موهن مدهوش جيڪي نالا ٻڌايا، انهن مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو. ادا مظهر صديقي شايد نه هلي سگهي، جو يونيورسٽيءَ جي ڪمن ڪارين ۾ ايڏو بزي ٿو رهي، جو هُو پنهنجي شيڊيول مان ٻه هفتا ڪڍي نه سگهندو. باقي ماڻهن مان جي اڌ به هلن ته منهنجي اهڙي گروپ سان گڏ هلڻ وڏي خوش نصيبي ٿيندي، جو هي سڀ سنڌ جا اهم ماڻهو آهن. تعليم يافته، اديب، شاعر ۽ سنڌ جي تاريخ، ماڳن، رسم و رواج ۽ ثقافت کان واقف آهن. سنڌ مون گهمي ناهي پر اهڙي گروپ جي ماڻهن سان مون کي هفتو به ساٿ ملي وڃي، ته آءٌ گهڻو ڪجهه پرائي سگهان ٿو. هن عمر ۾ باءِ ٽرين وڃڻ نه چاهيندس پر مون يڪدم موهن کي چيو ته، “يار مون کي به پاڻ سان وٺي هلجو چاهي بس ۾ وڃو، ٽرين ۾ وڃو يا هوائي جهاز ۾.”
“اسان کي به توهان سان گڏ هلڻ ۾ مزو ايندو. انڊيا جي ڪيترن ئي شهرن جي ويزا لاءِ اپلاءِ ڪنداسين.” موهن چيو.
“يار آءٌ توهان وانگر جوان نه آهيان جو گهڻن شهرن ۾ هلي سگهان. آءٌ فقط پوني ۽ ممبئيءَ ۾ رهڻ پسند ڪندس،” مون موهن کي چيو،” توهان ڀلي آگري، احمدآباد، مدراس يا دهلي هليا وڃجو. پوءِ مون کي اتي جون خبرون ۽ تجربا ٻڌائجو ته مون کي لکڻ لاءِ مواد ملي ويندو.”
دراصل گهمڻ جي معاملي ۾ آءٌ ڪڏهن به ان ڳالهه جي فيوَر ۾ نه رهيو آهيان ته ٿورن ڏينهن ۾ گهڻا شهر گهمجن. ڪيترا ماڻهو چوندا آهن ته اسان کي فلاڻي ٽريول ايجنسيءَ نوَن ڏينهن ۾ ست ملڪ گهمايا، ڪولمبو (سريلنڪا)، پينانگ (ملائيشيا)، بئنڪاڪ (ٿائلينڊ)، سنگاپور، منيلا (فلپين) وغيره وغيره ۽ آءٌ دل ۾ سوچيندو آهيان ته اهو ڪهڙو گهمڻ ٿيو. اهڙي تڪڙ ۾ ماڻهو ڇا ٿو ڏسي سگهي! مون نَوَ سال کن جهاز کي ملائيشيا جي بندرگاهن ۾ آندو رهيو ٿي ۽ اهڙا نَوَ سال لڳاتار ملائيشيا ۾ رهي ڪناري جي نوڪري ڪيم ته به لڳي ٿو ته ڪيتريون ئي شيون ڏسڻ کان رهجي ويون. ڪيترين ڳالهين جو جائزو وٺڻ رهجي ويو. سو منهنجي نظر ۾ ڪو چوي ته آءٌ هفتي يا ٻن هفتن ۾ انڊيا جي ڇهه ست شهرن ۾ ويس ته معنيٰ هُو رڳو ايئرپورٽ ۽ هوائي جهاز ئي ڏسندو رهيو يا اسٽيشنون ۽ بس اسٽاپ ئي ڏسندو رهيو ۽ ٻيو اُهي هوٽلون جتي هن کي راتيون گذارڻيون ٿي پيون. بلڪ ايڏو سفر ڪرڻ وارو ٿڪل ماڻهو ڏينهن جو به ڳپل حصو هوٽل جي ڪمري ۾ وڃايو ڇڏي ۽ جيڪڏهن توهان پنهنجي سفر جو احوال قلمبند ڪرڻ چاهيو ٿا، ته رڳو گهمڻ بدران لکڻ کي به وقت ڏيو، ٻيو نه ته ٻن ڏينهن بعد اڌ ڏينهن کن خاص خاص ڳالهين جون Points نوٽ ڪريو.
موهن مدهوش سان منهنجي پهريون فون ذريعي ملاقات ٿي ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ روبرو پڻ. موهن حيدرآباد ۾ رهي ٿو. سندس وڏن جو ڳوٺ به حيدرآباد (اڄ وارو ٽنڊو ولي محمد) رهيو آهي. ورهاڱي وقت هو لڏي توڪل علي ميرجت ڳوٺ ۾ وڃي رهيا، جتان پوءِ 1973ع ۾ وري موٽي حيدرآباد آيا. موهن جو جنم 8 مارچ 1972ع ۾ ٿيو. پاڻ مئٽرڪ حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول مان ۽ انٽر مسلم ڪاليج مان ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ورتائين. موهن لاءِ سندس ڪلاس ميٽ ٻڌائين ٿا ته هُو ننڍپڻ کان پڙهائيءَ ۾ هوشيار رهيو آهي. ڪيترا دفعا پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر به آيو. هن کي سائنٽسٽ ٿيڻ جو شوق هو. هن M.Sc به فزڪس ۾ ڪئي ۽ هن ڪٿي نوڪري ڪري ريسرچ ورڪ به ڪرڻ چاهيو ٿي، پر جيئن اسان جي ملڪ ۾ ٿيندو رهيو آهي، ته ميرٽ واري جو ورلي ڪو قدر ٿئي ٿو. موهن سٺي رزلٽ جي باوجود نوڪري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. هن حيدرآباد جي ڪجهه ڪاليجن ۾ ٻه ٽي سال پڙهايو، ان بعد نوڪري ڇڏي حيدرآباد جي مشهور پبلشر “روشني پبليڪيشن” جي مالڪ علي نواز گهانگهري سان گڏ ٻه سال ڇپائيءَ جو ڪم ڪيو. ان بعد “ڪويتا پبليڪيشن” نالي ڇپائيءَ جو پنهنجو ادارو کوليو. پاڻ سنڌ جي سٺن پبلشرس مان هڪ آهي ۽ هيستائين 48 ڪتاب ڇپي چڪو آهي. ’امرتا‘ جهڙا ادبي رسالا به هن جي اداري طرفان ڇپجن ٿا.
موهن کي چيم ته، “ٻه هفتا اسان ضايع ڪري ڇڏيا باقي وڃي ڪو مهينو بچيو آهي. ويزا جو ڇا ٿيندو؟”
“مون ٻين دوستن کي به چئي ڇڏيو آهي،” موهن چيو، “منهنجو هڪ دوست آهي، اهو ويزا لڳرائي ڏيندو.”
“ڀلا آءٌ به پنهنجو پاسپورٽ تو ڏي موڪليان؟” مون پڇيو.
“سائين ڀلي موڪليو.” موهن چيو ۽ دل ۾ مون سوچيو ته اهو ته پاڻ سٺو . لڳي ٿو موهن جو ڪو مائٽ مٽ يا گهاٽو دوست انڊيا جي هاءِ ڪميشن ۾ آهي. ان وٽ پاسپورٽ پهچڻ تي هو ان ئي ڏينهن واسطيدار کاتي جي عملدارن کان ٺپا هڻائي ڏيندو، جيئن ٻه سال کن اڳ دهلي وڃڻ وقت، اسان جي ڪلاس ميٽ انڪم ٽئڪس ڪمشنر نوَل راءِ اوڏ هڪ ڏينهن ۾ ويزا لڳرائي ڏني هئي. اتي مون کي ياد آيو ته پاسپورٽ سان گڏ هن ڪجهه فارم به اسان کان ڀرايا هئا، جيڪي هن ڀيري به ته اسان کي ڀرڻا آهن.
“موهن فارم به ته ڀرڻا آهن. اهي توهان موڪليندؤ يا هتان آءٌ حاصل ڪري پاسپورٽ سان گڏ موڪليان؟” مون پڇيو.
“ها سائين اهي به ڏسان ٿو.” موهن وڏي اعتماد سان هر ڳالهه هر مسئلي لاءِ ها سائين ها سائين... سڀ ٺيڪ ٿي ويندو چوندو رهيو.
ٻن ڏينهن کان پوءِ وري فون ڪيومانس:
“موهن ويزا لاءِ Application form ؟”
“سائين اڃان ٻه چار سرڪاري آفيسر موڪل لاءِ apply ڪري رهيا آهن، پوءِ فارمن جو بندوبست ٿا ڪريون.” موهن وراڻيو ۽ آءٌ مطمئن ٿي ماٺ ٿي ويس. گذريل پنج ڇهه سالن کان اسان جي اديبن ۽ شاعرن جا ٽولا انڊيا پيا وڃن. قمبر شهباز، تاجل بيوس، ماهين هيسباڻي، نصرت لاشاري ۽ ٻيا ته خبر ناهي ڪيترا دفعا سرڪاري ۽ غير سرڪاري دورن تي انڊيا جا شهر گهمي آيا آهن. موهن مدهوش ته ٿي سگهي ٿو ته اڃان به گهڻا دفعا ويو هجي، جو هن جا ته مائٽ به اتي هجن، جن سان پڻ هُو انڊيا ملڻ لاءِ ويندو رهندو هوندو، پر ان هوندي به منهنجو اهو اصول رهيو آهي ته جيترو جلد ويزا ۽ سفر جي سواري ۽ ٽڪيٽ جو بندوبست ڪري ڇڏجي اوترو سٺو. ڀلا جي کڻي اسان کي ويزا آخري هفتي ۾ ملي وڃي ته به بس يا ٽرين جي ته ٽڪيٽ ته نه ملي سگهندي، جو انهن سوارين جو محدود تعداد آهي ۽ انهن جون سيٽون مهينو مهينو اڳ بڪ رهن ٿيون ۽ ويندي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ به ڪڏهن ڪڏهن نٿي ملي. بهرحال چُپ ٿي ويس.
ٻه ڏينهن رکي وري فون ڪيم ته، “موهن! ڇا ٿيو؟”
“بس اڄ ڪراچي اچي نصير مرزا سان به ملان ٿو ته هن کي پنهنجي آفيس مان موڪل ملي يا نه. سائين مظهر الحق صديقيءَ سان ته اڃان contact نه ٿي سگهيو آهي...”
مون کي حيرت به ٿي ته پنهنجو پاڻ تي کِل به آئي ته وقت آهي سو تيزيءَ سان گذرندو وڃي ۽ اسين چاڪيءَ جي ڍڳي وانگر رڳو گول پيا ڦرون ۽ اتي جو اتي آهيون ۽ ٻي ڳالهه ته ڪنهن به نئين جاءِ تي سفر ڪرڻ لاءِ آءٌ اتي جي تاريخ، جاگرافي ۽ ٻيون ڳالهيون چڱيءَ طرح پڙهي نڪرندو آهيان. اهم شهرن جا نقشا ۽ روڊ رستا پڻ ڪافي حد تائين ياد ڪري نڪرندو آهيان، جيئن اتي پهچڻ سان مون کي اوپرائپ محسوس نه ٿئي. سو جڏهن کان مون موهن سان هلڻ جي commitment ڪئي ۽ پوني به اطلاع ڪيم، تڏهن کان خبر ناهي ممبئيءَ بابت ڪيترو پڙهي چڪو هئس. ممبئيءَ جون اهم جايون، انهن پٺيان تاريخي پسمنظرَ... ويندي ممبئيءَ جي لوڪل ۽ هاربر ريلوي لائين جون اسٽيشنون ويٺو ياد ڪريان، ته جيئن ڪهڙي علائقي ۾ وڃڻ لاءِ ڪهڙي ريلوي اسٽيشن تي لهجي. ريلوي اسٽيشن، چرچ گيٽ، ان بعد گرانٽ روڊ، ان بعد مهالڪشمي، ايلفنسٽن روڊ، دادر، ماهيم، باندرا، کار، سانٽا ڪروز، وِلي پارلي، انڌيري، جوگيشوري، گرگائون... وغيره وغيره.
مون کي پنهنجو پاڻ تي ترس اچڻ لڳو ته آءٌ هفتي کان ڏينهن رات ويٺو بمبئي ۽ پوني کي خيالن ۾ رکي، انهن جي جاين، رستن، اسڪولن، اسپتالن، بيچن (Beaches) ۽ پارڪن جا نالا ۽ انهن سان وابسته ڳالهيون ياد ڪريان، ڄڻ سول سروس جو امتحان ڏيڻو هجيم ۽ هوڏانهن آخري وقت تي خبر پوي ته ويزا جو ڪم نه ٿيو آهي يا ٽرين يا هوائي جهاز ۾ وڃڻ لاءِ سيٽ ئي نه پئي ملي ته مهيني کن جي محنت ئي برباد ۽ هاڻ ته واقعي وڌيڪ پڙهڻ تي به دل نٿي لڳي. آخر مون کي هڪ ڳالهه ڌيان ۾ اچي وئي ۽ يڪدم موهن کي فون ڪيم.
“يار موهن اهو ته ٻڌاءِ ته توهان انڊيا ڪيترا دفعا وڃي چڪا آهيو؟”
“سائين هڪ دفعو به نه.” موهن جواب ڏنو.
“ڀلا ٻئي ڪنهن ملڪ ڏي؟” مون پڇيو.
“ڪيڏانهن به نه. هي پهريون دفعو هلي رهيو آهيان.” موهن چيو.
مون دل ۾ چيو ته پوءِ هن شريف ماڻهوءَ جو ڏوهه ناهي ۽ کيس سمجهايم ته وقت باقي ٽي هفتا وڃي بچيو آهي، جيڪو ڪجهه به نه آهي. پاڻ کي فارم ڀري پاسپورٽ ۽ ٻيا گهربل ڊاڪيومينٽ جلد موڪلڻ کپن، جيئن ڪنهن شيءِ تي اعتراض ورتو وڃي يا ٻي ڪا شيءِ گهري وڃي ته وقت اندر موڪلجي. ڇو جو بس توڙي هوائي جهاز جي ٽڪيٽ به تڏهن ملي سگهندي، جڏهن اسان جي پاسپورٽ تي ويزا لڳل هوندي ۽ بهتر ته ائين ٿيندو ته هر هڪ الڳ apply ڪري جو هر هڪ جو مختلف ڪيس آهي. ڪو سرڪاري آفيسر آهي، ڪو ريٽائرڊ آهي، ڪو پهريون دفعو هلي رهيو آهي. ڪو اڳهين ٿي آيو آهي، جنهن کي شايد ٻيو دفعو وڃڻ لاءِ يڪدم اجازت ڏين يا روڪي به ڇڏين. اهي سڀ ڳالهيون موهن سان مون ان ڪري ڪيون، جو موهن جو ڪو انڊين هاءِ ڪميشن ۾ سُڃاڻو نه هو، پر اسلام آباد ۾ ڪو دوست هو. سو اهڙي صورت ۾ ان ڏي پاسپورٽ موڪلڻrisky هو، جو هن کي نه ملي يا هن تائين پاسپورٽ پهچي پر هاءِ ڪميشن تائين کڻي وڃڻ تائين ڪٿي ڪري پوي، گم ٿي وڃي ته توهان کي ته ڪوبه ليگل ڪور ناهي. ان کان ته ٽي چار سئو رپيا في ڏئي Fedex ڪوريئر سروس هٿان موڪلجي، جيڪي توهان کي توهان جي ڪاغذن جي رسيد ڏين ٿا ۽ ويزا لڳڻ يا نه لڳڻ بعد توهان کي توهان جا ڊاڪيومينٽ هٿن ۾ ڏين ٿا.
موهن کي چيم ته، “دل ۾ نه ڪرين ته آءٌ ڀلا پاڻ هيڏانهن ڪراچيءَ کان ٽراءِ ڪريان ۽ جيڪا معلومات ۽ فارم ڀرڻ لاءِ چون اهي توهان ڏي به موڪليان؟”
ٻئي ڏينهن آءٌ فيڊيڪس جي آفيس ۾ پهتس، جيڪا شاهراهه فيصل تي نرسري کان ٿورو اڳيان آهي. فيڊيڪس، آمريڪا جي ڪوريئر سروس آهي، جيڪا DHL وانگر خط پٽ ۽ تحفا تحائف دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ تائين، ٿوري وقت ۾ ۽ حفاظت سان پهچائي ٿي، جيئن اسان وٽ TCS، OIC ۽ ليوپرڊ وغيره ڪوريئر سروس مشهور آهن ۽ پوسٽ آفيس جنهن جو سلوگن يا موٽو ديانتداري ۽ ايمانداري آهي، ان جي چور بازاري ۽ بدديانتيءَ کان بچڻ لاءِ ڪجهه وڌيڪ پئسو خرچ ڪري، اسين پنهنجا خط پٽ TCS يا ڪنهن ٻي پرائيويٽ ڪوريئر سروس ذريعي موڪليون ٿا. اڄ کان ڏهاڪو سال کن اڳ تائين ويزا لڳرائڻ خاطر ضرورتمند ان ملڪ جي سفارتخاني يا قو نصل خاني ۾ پهچي ويا ٿي، پر هاڻ بدامنيءَ جي ڪري ڪيترن ملڪن جي ويزا سندن ڪراچي، لاهور يا ڪوئيٽا جي قونصل خانن مان ملڻ بدران فقط سفارتخانن مان ملي ٿي، جيڪي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ آهن. جتي پڻ هاڻ ڊائريڪٽ وڃي نٿو سگهجي. ان لاءِ هنن فيڊيڪس، آمريڪن ايڪسپريس جهڙا ادارا مقرر ڪيا آهن، جتي ويزا لاءِ پاسپورٽ ۽ درخواست جا فارم جمع ڪرائي سگهجن ٿا. جيئن آمريڪا ۽ ڪئناڊا لاءِ آمريڪن ايڪسپريس وٽ وڃجي ٿو، جن جي آفيس شاهين ڪامپليڪس بلڊنگ ۾ آهي. انگلينڊ، انڊيا ۽ شايد فرانس لاءِ فيڊيڪس وارن وٽ اچڻو پوي ٿو، جيڪي توهان کي ويزا لاءِ گهربل ڊاڪيومينٽ آڻڻ لاءِ چون ٿا ۽ توهان جي پاسپورٽ سان گڏ ان ملڪ جي سفارتخاني ڏي اسلام آباد موڪلين ٿا ۽ هفتي ٻن بعد هنن کان واپس گهرائي توهان کي اچي کڻڻ لاءِ فون ڪن ٿا.
واري اچڻ تي رسيپشن تي ويٺل آفيسر مون کي فارم ڏيندي ٻڌايو ته اهو ڀري ان سان گڏ شناختي ڪارڊ جي فوٽو ڪاپي ۽ انگريزي ترجمو، بئنڪ جي اڪائونٽ جي Statement ڪاپي، سرڪاري آفيسر آهيو ته آفيس طرفان اجازت نامو، گهر جي لائيٽ ۽ ٽيليفون بل جي ڪاپي ۽ پاسپورٽ فلاڻي تاريخ تي اچي جمع ڪرائجو ۽ اها تاريخ، جيڪا مون کي لکت ۾ ڏني وئي اها ٻن مهينن بعد جي هئي. پڪ ڪرڻ تي وري ساڳي ٻڌائي وئي.
“پر جنهن سيمينار ۾ شرڪت لاءِ وڃي رهيو آهيان ان ۾ ته باقي ٽي هفتا کن وڃي بچيا آهن.” ٻڌايومان.
“اسان سمجهو ته توهان وزٽ ويزا لاءِ ٿا وڃو،” واسطيدار عملدار ٻڌايو، “ان لاءِ ايڏي ڊگهي لسٽ آهي، جو گهٽ ۾ گهٽ ٻن مهينن جو waiting پيرڊ آهي. باقي سيمينار يا ميڊيڪل لاءِ توهان سڀاڻي ئي ڏئي سگهو ٿا. ان لاءِ فارم به جدا آهي ۽ بئنڪ جيStatement ۽ بجلي جي بل جي به ضرورت ناهي. ان بدران توهان کي سيمينار يا ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ جو دعوت نامو ڏيڻو پوندو ۽ جيڪڏهن ڪو علاج يا آپريشن لاءِ وڃي رهيو آهي ته ان کي ڊاڪٽر جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻو پوندو.”
ان کان علاوه جيڪي اهم ڳالهيون فيڊيڪس ڪمپنيءَ وارن ٻڌايون ۽ گهر پهچي حيدرآباد موهن وارن کي ٻڌائڻ ضروري هيون، اهي هن ريت هيون:
• ويزا وارو Application فارم هٿ سان لکڻ بدران ٽائيپ ڪرڻو آهي، نه ته قبول نه ڪيو ويندو.
• شناختي ڪارڊ جو انگريزي ترجمو خاص فارم تي ڪرائڻو آهي، جيڪو ٻاهر مين روڊ تي ويٺل ٽائيپ ڪرڻ وارن کان ملي سگهي ٿو.
• اهو انگريزي ترجمي وارو فارم ڪورٽ مان اوٿ ڪمشنر کان Attest ڪرائڻو آهي.
• ويزا جي درخواست فارم ۾ گهر جي ائڊريس اها هجڻ کپي جيڪا شناختي ڪارڊ تي ڏنل آهي. هيءَ هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جيڪا هر ملڪ ۾ ضروري آهي، پر اسان وٽ ائين ڪٿي آهي. خود منهنجي ڪارڊ تي ڀاءُ جي گهر جي ائڊريس ڏنل آهي. بهرحال هاڻ پنهنجي شناختي ڪارڊ کي صحيح ڪرائڻ بدران بهتر آهي ته ويزا فارم تي اها ڀاءُ جي ئي ائڊريس لکان ۽ اهي سڀ ڳالهيون موهن کي به ٻڌائڻ چاهيم ٿي، ته جيئن هُو گهربل ڊاڪيومينٽ صحيح طرح ڀري موڪلين ۽ پهرئين دفعي ۾ ئي هنن کي ويزا ملي وڃي. بار بار درستي ڪري ڪاغذ موڪلڻ جو وقت نه هو.
“مون کي پنهنجي گروپ جي ساٿين لاءِ فارم ملي ويندا” مون هنن کان پڇيو. امرجليل ۽ نصير مرزا ته ڪراچيءَ ۾ رهن ٿا. اهي ته هتي اچي وٺي سگهن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ موهن، اسحاق سميجو، قاضي خادم، مهرالنساء لاڙڪ، ڊاڪٽر رخسانا ۽ اڪبر سومرو جن لاءِ ته وٺي موڪليان، جو هُو حيدرآباد ۾ آهن. فارم وٺي ٻاهر نڪتس. ترجمو ۽ ٽائيپ ڪرڻ وارن جي ڳولا ۾ پڇائيندو نرسريءَ کان وڃي نڪتس، پر پوءِ موٽي اچان ته اتي ئي مين روڊ جي ڪنڊ ۾ هڪ بڙ جي وڻ هيٺان ٽي ڄڻا کن ڀڳل ٽائيپ رائيٽرن سان تڏي تي ويٺا هئا. انهن مان هڪ Application فارم ٽائيپ ڪرڻ بعد ٻڌايو ته، “شناختي ڪارڊ جو ترجمو به هُو ڪري ڏيندو، جنهن لاءِ هن وٽ خاص فارم آهي. پر اوٿ ڪمشنر کان Attest ڪرائڻ لاءِ ته ڪورٽ ڏي وڃڻو پوندم.” مون هن غلط ٽائيپ ڪندڙ اسڪول کان ڀاڄوڪڙ کان پڇيو، جنهن Phase جي اسپيلنگ Fez لکي هئي ۽ لين جي لائين لکي هئي ۽ ٻڌايائين ته ماسترن جي مارن ڪري هن مئٽرڪ ۾ پڙهڻ ڇڏي ڏنو هو.
“سر! اوٿ ڪمشنر جو فڪر نه ڪريو. اهو به ڪم ٿي ويندو.”
هن تسلي ڏني.
“پر اڄ ئي ٿي وڃڻ کپي مون وٽ وقت ٿورو آهي.” مون چيو.
“سائين فڪر ئي نه ڪريو. هينئر جو هينئر اهو ڪم به ڪرائي ڏيندس.” هن چيو.
مون سمجهيو ته ڀر وارن فليٽن ۾ يا سامهون ڪنهن آفيس ۾ ڪو اوٿ ڪمشنر هجي، جنهن کان هُو صحيح ڪرائي وٺي، پر پوءِ خبر پيئي ته هن وٽ جيڪي شناختي ڪارڊ جو ترجمو ڪري لکڻ لاءِ خوبصورت رنگين فارم آهن، انهن تي اڳهين اوٿ ڪمشنر جي صحيح ۽ ٺپو لڳو پيو آهي. هن هڪ دفعو وري غلط سلط اسپيلنگ سان منهنجو نالو ۽ ائڊريس ۽ ٻيو ڪجهه، جيڪي منهنجي شناختي ڪارڊ تي لکيل هو. يعني ڄم جي تاريخ، ڪارڊ جي جاري ٿيڻ جي تاريخ وغيره وغيره، اهو لکيو ۽ ان جو اُجورو سؤ رپيا ورتو.
“هاڻ ڳالهه ٻڌ ههڙا ٺپا لڳل ڇهه کن ڪورا فارم ڏي، جو مون کي حيدرآباد موڪلڻا آهن.” چيومانس.
“انهن لاءِ 600 ڏيو.” هن چيو.
“ايترا نه باقي 200 کپنئي ته ڏيانءِ.” مون چيو ۽ هن ٽي سؤ تائين اچي پوءِ اڍائي سئو تي راضي ٿي ويو، مون ان ئي وقت هي سڀ ڪاغذ ۽ پنهنجي ڀرايل فارم جي نموني خاطر فوٽو ڪاپي ڀر واري گهٽي ۾ موجود ٽي سي ايس آفيس مان موهن ڏي موڪلي ۽ فون ڪيومانس ته هاڻ ڪم آسان اٿئي. جلدي هن ريت فارم ڀري هتي ڪراچيءَ ۾ Fedex وران وٽ اچي جمع ڪرائي.
ويزا فارم ۾ هڪ ڪالم اهو به هو ته اسان انڊيا ڪيئن ٿا وڃڻ چاهيون؟ باءِ ايئر، لاهور کان ڦرندا بس ذريعي يا باءِ ريل کوکرا پار کان؟ اهو ڪالم ڀرڻ لاءِ مون گهر پهچي موهن سان صلاح ڪئي. کوکراپار کان ريل گاڏي ريگيولر نه هئي. ڪڏهن وئي ٿي ته ڪڏهن ٻه ٻه هفتا نٿي وئي، سو اتان وڃڻ بيڪار هو، جيتوڻيڪ ممبئي يا احمد آباد ۽ بڙودا ميرپور خاص کان ويجها آهن. لاهور کان ڦري وڃڻ ۾ وڏو سفر آهي. موهن ٻڌايو ته سندس حيدرآباد جا ساٿي ڪڏهن لاهور کان باءِ روڊ هلڻ جي ڳالهه ٿا ڪن ته ڪڏهن باءِ ايئر هلڻ جو پروگرام پيا ٺاهين. انهي وچ ۾ منهنجي قاضي خادم ۽ ڊاڪٽر رخسانا سان به ڳالهه ٿي. هنن باءِ روڊ لاهور کان ڦري هلڻ کي بهتر سمجهيو ٿي. واقعي باءِ روڊ گهمڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي، پر مون ايڏي وڏي سفر جي پاڻ ۾ همت نٿي سارِي، جو ڪراچيءَ کان لاهور، لاهور کان دهلي ۽ دهليءَ کان احمد آباد ۽ احمد آباد کان پوني پورن پنجن ڏينهن جو سفر ٿو ٿئي. ميرپورخاص کان باءِ ٽرين هلڻ کي مون خوش نصيبي ٿي سمجهيو، جو اهو 24 ڪلاڪن جو مس سفر ٿئي ها ۽ سڀني سان خبرچار ڪندي هلجي ها. پروفيسر ڊاڪٽر قاضي خادم اسان جي ڳوٺ جي صاحب جو وڏو فرزند آهي. مون کان سال کن ننڍو ٿيندو، جو سندس ڄم جي تاريخ 21 نومبر 1945ع آهي، پاڻ سال 1966ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي اي آنرز ڪيائين ۽ 1967ع ۾ سنڌيءَ ۾، 1970ع ۾ انگريزيءَ ۾ M.A ڪيائين. سال 1984ع ۾ سنڌيءَ ۾ Ph.D ڪيائين. سندس ٿيسز جو عنوان هو “سنڌ جا داستان.” پاڻ ڇهه سال سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ٿي رهيو ۽ ست سال کن ڊين ٿي رهيو. اڄڪلهه علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر جو ڊائريڪٽر ۽ وزيٽنگ پروفيسر آهي. قاضي خادم صاحب گذريل چاليهه سالن کان مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ لکندو اچي يعني گهٽ ۾ گهٽ ايتري عرصي کان ته آءٌ کيس پڙهندو اچان. سندس ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن مان ٻه ته ناول آهن، ٻه افسانن جا مجموعا، چار پنج ترجمن جا ڪتابَ، ڊرامن جو مجموعو ۽ تازو سال کن اڳ هڪ انگريزيءَ ۾ ڪتاب The Glorious Past ڇپجي چڪو آهي، پر سڀ کان گهڻو قاضي خادم جي جن لکڻين مون جهڙن پڙهندڙن کي موهيو آهي، اهي سندس “ساروڻيون” آهن، جيڪي ڪيترن ئي مهينن کان ايڊيٽر فقير محمد ڍول جي ماهوار رسالي ’امرتا‘ ۾ ڇپجي رهيون آهن.
ڊاڪٽر رخسانا (شاعراڻو تخلص “پريت”) سنڌ جي مشهور قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر دودي مهيريءَ جي زال آهي. ڊاڪٽر رخسانا قابل ليڪچرار محمد صديق چنڙ جي گهر ۾، ڪنڊياري شهر ۾ ڄائي. ٻارن جي تعليم خاطر محمد صديق نوابشاهه اچي رهيو، جتي جي پولي ٽيڪنڪ ڪاليج ۾ پاڻ ايڪانامڪس پڙهايائين ٿي. رخسانا بنيادي تعليم نوابشاهه مان حاصل ڪرڻ بعد اتي جي ئي ميڊيڪل ڪاليج مان MBBS ڪئي ۽ اڄڪلهه حيدرآباد جي دارالامان جي وومين ميڊيڪل آفيسر آهي. سندس هڪ ڀيڻ غزالا چنڙ B.E سول انجنيئرنگ ۾ ڪرڻ بعد ائگريڪلچر انجنيئر آهي ۽ ٻي ڀيڻ ريحانا مئٿس ۾ M.Sc ڪرڻ بعد هاڻ حيدرآباد جي ڪنهن ڪاليج ۾ پڙهائي ٿي. سندس ڀائرن عبدالرحمان ۽ عزيزالرحمان به M.Sc ڪئي ۽ پنهنجي والد جي پيشي، يعني تعليم تدريس سان وابسته آهن. ڊاڪٽر رخسانا “وومين ائڪشن فورم” حيدرآباد جي بنيادي ميمبر آهي ۽ سنڌي ادبي سنگت جي پڻ ميمبر آهي. وقت بوقت مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس ڪالم، مضمون ۽ شعر ايندا رهن ٿا. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو “پياسي ساڀيان، جل ٿل خواب” 1997ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. سندس گهوٽ ڊاڪٽر دودو مهيري، “سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ” جو سيڪريٽري جنرل رهي چڪو آهي، اڄڪلهه جلال شاهه جي پارٽي “سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ” جو مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري آهي ۽ سندس ڄم جو سال 1956ع آهي.
ويزا جو فارم، فوٽو، دعوتنامون ۽ پاسپورٽ کڻي ٻئي ڏينهن 500 رپيا کن في سان گڏ فيڊيڪس جي آفيس ۾ ڏئي آيس ته ويزا لاءِ انڊيا جي هاءِ ڪميشن ڏي موڪلين. سفر جي طريقي ۾ مون هوائي جهاز واري خاني کي ٽِڪ ڪيو، هونئن مون کي هن پروگرام جي خبر نه هئي، پر هاڻ آءٌ هر صورت ۾ هلڻ لاءِ ذهني طرح تيار ٿي ويس. هڪ ته منهنجي لاءِ انڊيا جي شهر پوني ان ڪري ڪشش رکي ٿي جو هن شهر مان منهنجي والد گل محمد شيخ ائگريڪلچر سائنس ۾ ڊگري حاصل ڪئي هئي ۽ ننڊپڻ ۾ مون هن شهر بابت، پنهنجي ڏاڏيءَ کان، وڏي شوق سان ڳالهيون ٻڌيون هيون. هن پنهنجي اڪيلي پٽ کي اعليٰ تعليم لاءِ پوني جهڙي ڏورانهين شهر ۾ موڪلي ڇڏيو هو، جڏهن ته ان وقت هالا کان حيدرآباد وڃڻ به ڏاڍو دشوار هو. پوني جي هن دعوت جي ملڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنهن ملڪ جي نئشنل ڊي جي دعوت ۾، الاهي بخش سومرو صاحب منهنجي پير گوهر علي شاهه سان ملاقات ڪرائي هئي. پير صاحب کي ڪراچيءَ ۾ دوائن جا ڪارخانا آهن. هن ٻڌايو ته منهنجو والد جڏهن پوني ۾ پڙهندو هو ته کيس اکين ۾ تڪليف هوندي هئي، “هُو هاسٽل ۾ هر وقت اکين ۾ ڊڀ (ديسي دوا) وجهندو رهيو ٿي، اکين جي تڪليف باوجود هُو پڙهائيءَ ۾ هر وقت اول آيو ٿي.”
پوني ۾ مون دادا جشن کي به ڏسڻ چاهيو ٿي، جو سندس ليڪچر ڪيترن سالن کان فقط ٽي ويءَ تي ٻڌندور هيو هئس. ٽي سال کن اڳ، هُو سنڌ ۾ آيو هو، پر آءٌ پاڪستان کان ٻاهر هئس ۽ هينئر پوني ۾ کين گهٽ ۾ گهٽ ڏسڻ جو سٺو موقعو هو. گذريل سال ٻن کان، ممبئي يونيورسٽيءَ وارا سفرنامي تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ ۽ ممبئيءَ جي مئرين اڪيڊمي وارا (جن جا پروفيسر جهازي، سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ منهنجا ڪليگ هئا) مئرين انجنيئرنگ تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ مون کي وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت ۾ گهرائي رهيا هئا، هاڻ جو مون کي پوني جي دعوتنامي جي خبر پيئي ته مون هنن کي ممبئيءَ ۾ رهڻ لاءِ به هائوڪار ڪري ڇڏي ۽ هنن منهنجي پروگرام جو شيڊيول ٺاهي شاگردن ۾ به ورهائي ڇڏيو، يعني هاڻ مون کي هي پروگرام ڪنهن به صورت ۾ ڪئنسل نه ڪرڻ کپي.
مون کي پنهنجي ويزا واري درخواست ۾ هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ جي Choice لکندي افسوس ضرور ٿيو جو هاڻ آءٌ پروفيسر قاضي خادم، اسحاق سميجو، موهن مدهوش، نصير مرزا، مهرالنساءِ ۽ ڊاڪٽر رخسانا پريت جهڙن پڙهيل ڳڙهيل استادن، اديبن ۽ شاعرن سان گڏ سفر ڪري نٿي سگهيس، جو هُو باءِ ٽرين هلڻ جو سوچي رهيا هئا. بهرحال مون کي اها خوشي ضرور هئي ته هنن سان انڊيا ۾ روز ڪچهري ٿيندي رهندي، جنهن ۾ هنن کان انڊيا گهمڻ جا تجربا معلوم ڪرڻ کان علاوه سنڌ جي پهرين يونيورسٽي (سنڌ يونيورسٽي)، حيدرآباد شهر ۽ ڳوٺن جي خبرن کان علاوه ادب ۽ شاعريءَ تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي رهندي.
پنهنجو پاسپورٽ، ويزا جي درخواست ۽ ٻيا ڊاڪيومينٽ جمع ڪرائڻ وقت فيڊڪسن وارن ٻڌايو ته، “هفتي اندر جواب اچيو ٿو وڃي ۽ اسان توهان کي فون ڪري ٻڌائينداسين، پر جي ڏهه ڏينهن ٿي وڃن ته پوءِ اسان کي فون ڪري معلوم ڪجو.”
حيدرآباد مان موهن ۽ پوني مان ريٽا شاهاڻيءَ فون ڪري مون کي ٻڌايو ته، “پوني ۾ جيڪو سيمينار ٿي رهيو آهي، ان ۾ انڊيا ۽ ٻين ملڪن جا ڪجهه سنڌي به صوفيزم تي پيپر پڙهي رهيا آهن، سنڌ مان ڊاڪٽر پروفيسر قاضي خادم، امرجليل، نصير مرزا ۽ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پڻ پڙهندا، توهان به ان عنوان تي پيپر پڙهڻ لاءِ لکي اچجو.”
مون کي ممبئيءَ ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ “سفرنامي” تي ۽ انڊيا جي مئرين انجنيئرنگ تعليمي درسگاهه ۾ جهاز سازي (Naval Architecture) ۽ مئرين انجنيئرنگ تي ليڪچر ڏيڻا هئا، سو پوني وارو هفتو مون آزاد گذارڻ چاهيو ٿي. منهنجي ڳالهه موهن مڃي، ريٽا شاهاڻيءَ کي پڻ سمجهايو. آءٌ پنهنجو پاڻ کي هلڪو ڦلڪو محسوس ڪرڻ لڳس. اسٽيج تي هڪ هنڌ ٻڌجي وهڻ بدران آءٌ هيٺ Audiance سان گڏ ويهي، جنهن سان وڻيم ان سان ڪچهري ڪري سگهيس ٿي، فوٽو ڪڍي سگهيس ٿي، موڊ ٿي ته ڪلاڪ کن هال کان ٻاهر نڪري ڪنهن ريسٽورنٽ مان ڪافي يا گاڏي واري کان ناريل جي رس وٺي سگهيس ٿي. مون کي اڃان به وڌيڪ سڪون ٿيو، جڏهن هفتو يا ڏهه ڏينهن ڇا، ٽن ڏينهن بعد فيڊڪس وارن کان فون آيو ته منهنجو پاسپورٽ هنن وٽ پهچي ويو آهي ۽ وڃي کڻان. سندن آفيس ۾ پهچڻ کان اڳ شڪ هيم ته متان ڪنهن ڊاڪيومينٽ جي کوٽ ڪري اسلام آباد ۾ موجود انڊين هاءِ ڪميشن اعتراض Objection) ) نه ورتو هجي، پر لفافو کولي پاسپورٽ ڏٺم ته ويزا لڳل هئي، دل ئي دل ۾ سوچيم ته انڊيا جي سفارتخاني جا آفيسر چڱا معتبر ۽ Efficient آهن، ضرور دهليءَ ۾ اسان جي سفارتخاني جا به ائين هوندا. ڇو جو هتي هر ڪم Reciprocal سسٽم تي هلي ٿو. تنهن جي معنيٰ ته انديا جي ويزا حاصل ڪرڻ ايڏو مشڪل ناهي, جيڏو ان کي هيبتناڪ بڻايو ويو آهي. ان جو مطلب اهو به ٿيو ته انڊيا ۽ پاڪستان جون حڪومتون واقعي هڪٻئي سان دوستي چاهين ٿيون، هُو ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ سهوليتون پيدا ڪرڻ چاهين ٿيون، هُو اسان کي دشمن يا جاسوس سمجهڻ بدران دوست سمجهن ٿيون، پر افسوس جو انڊيا ۾ ٻه هفتا رهڻ دوران مون کي اهو محسوس نه ٿيو. مون کي اها Feeling نه ٿي ته هُو ڪو اسان کي سچو دوست سمجهن ٿا، عوام کڻي اسان سان سٺو هلي ٿي، پر سرڪاري ليول تي هُو انگريز يورپين ويندي عرب، ايرانين ۽ ملائيشيا وارن جي ته وڏي ’آؤڀڳت‘ ڪن ٿا، پر اسان پاڪستانين کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. اسان جو پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو انڊيا گهمي اچڻ بعد منهنجي ان ڳالهه سان ضرور سهمت ٿيندو. مون کي خبر ناهي ته انڊيا کان پاڪستان ايندڙ ٽوئرسٽن جو، اسان جي ملڪ جي حڪومت ۽ سرڪاري ڪامورن بابت ڇا خيال هجي. يا شايد آءٌ گهڻو وقت جپان، ملائيشيا، چين ۽ سئيڊن جهڙن ملڪن ۾ رهيو آهيان ۽ سٺن وقت ۾، ان ڪري مون کي زياده Expectation جي عادت ٿي پئي هجي.
مون گهر پهچي پوني ۾ هلندڙ سيمينار جي انچارج ريٽا شاهاڻي ۽ ساڌو واسواڻي مشن جي ورڪنگ چيئرپرسن ڪرشنا ڪماريءَ کي فون ڪيو ته مون کي ويزا ملي وئي آهي ۽ ڪراچيءَ کان ممبئي اچڻ لاءِ PIA جي ٽڪيٽ ورتي آهي. هنن مون کي ٻڌايو ته، “اسلام آباد ۾ انڊيا جي سفارتخاني کي اسان به هن فنڪشن کان آگاهه ڪيو آهي ۽ توهان جي ويزا لاءِ پڻ کين نالا ڏنا آهن، ته جيئن توهان وقت تي پهچي وڃو.”
ان بعد مون، موهن کي ٻڌايو ته “مون کي ويزا ملي وئي آهي، هاڻ توهان بنا دير جي پنهنجا ڪاغذ، ويزا لاءِ اسلام آباد موڪلي ڏيو، جيئن ويزا لڳڻ بعد توهان لاهور کان دهلي ويندڙ بس جي ٽڪيٽ وٺي سگهو.”
آءٌ سيمينار شروع ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ڇڏي رهيو هئس پر بس ذريعي لاهور ۽ دهليءَ کان ڦري پوني پهچڻ لاءِ هنن کي گهٽ ۾ گهٽ پنج ڏينهن اڳ حيدرآباد ڇڏڻ کتِي ٿي. مون کين ٻڌايو ته ريٽا شاهاڻي ڪوشش ۾ آهي، ته توهان جي پوليس رپورٽنگ به معاف ٿي وڃي، ڇو جو هنن منهنجي ڪيس ۾ اها ضروري ڪري ڇڏي آهي.
ويزا ۽ ٽڪيٽ وٺڻ بعد آءٌ ڄڻ ته آزاد پکي ٿي پيس. ٻين سڀني ڪمن کي پاسيرو رکي انڊيا بابت پڙهندو رهيس. ممبئي ۽ پوني شهر جون مشهور جايون ۽ انهن جا تاريخي پسمنظر، انهن شهرن جي جاگرافي ۽ سياسي تاريخ بابت، جيڪو جيڪو مواد مليو ٿي اهو پڙهڻ لاءِ حاصل ڪيم ٿي. انهيءَ وچ ۾ منهنجي هڪ شاگرد جو ڪراچيءَ کان پرٻهرو جهاز خراب ٿي پيو، جنهن تي هُو چيف انجنيئر هو. هي اهو جهاز هو جنهن کي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ يعني جهاز جي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ چيف انجنيئر جي حيثيت ۾ مون به هلايو هو. سندس ڪيترن ئي مسئلن کان واقف هئس ۽ هن شاگرد (هاڻ دوست) جي چوڻ تي بوٽ ذريعي سندس جهاز تي هليو ويس، واندو ته ويٺو ئي هئس. جهاز هلڻ بعد ٽئي ڏينهن ڪولمبو آيو ۽ ڪجهه ڏينهن ڪولمبو (سري لنڪا) ۾ رهڻ بعد ڪراچي ڏي ايندڙ، هن جي ڪمپنيءَ جي ٻئي جهاز ۾ موٽي آيس. انڊيا وڃڻ ۾ هاڻ ٽي ڏينهن وڃي بچيا هئا، پڪ هيم ته موهن وارا باءِ بس لاهور کان روانا ٿي چڪا هوندا. تنهن هوندي به گهر پهچي، موهن جي خبر چار معلوم ڪرڻ لاءِ سندس آفيس فون ڪيم، ٻن ٽن گهنٽين بعد فون سندس اسسٽنٽ نه، پر پاڻ ئي کنيائين.
“ڇو ڀلا موهن اڃان هتي آهيو ڇا؟” مون حيرت مان پڇيو.
“نه يار اسان سان ڪجهه پرابلم ٿي پيو آهي ۽ هاڻ نه پيا وڃون.” موهن ٻڌايو ۽ پوءِ گذريل هفتي ٻن ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، ان جو احوال ٻڌايو جيڪو مختصر طور هن ريت آهي ۽ هتي لکڻ جو مقصد فقط هيءُ آهي ته ڪڏهن ڪڏهن نصيب ۾ داڻو پاڻي ناهي ته هيئن به ٿي سگهي ٿو. اسحاق سميجي ۽ نصير مرزا صاحب جي پاڪستان کان ٻاهر وڃڻ واري موڪل اڃان نه آئي هئي سو وقت جي ٿورائيءَ ڪري هنن هن دفعي هلڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. امرجليل کي به هتي ڪو ٻيو فنڪشن اٽينڊ ڪرڻو هو، جنهن لاءِ جيئن ته هُو اڳهين ڪمٽمينٽ ڪري چڪو هو، ان ڪري هُن هِن دفعي انڊيا هلڻ کان معذرت ڪئي. باقي چئن ڄڻن جو هلڻ جو پروگرام پڪو هو. موهن، پروفيسر قاضي خادم صاحب، ڊاڪٽر رخسانه پريت ۽ مهرالنساءِ لاڙڪ صاحبه. انهن سڀني جا فارم ۽ پاسپورٽ موهن حيدرآباد مان فيڊڪس جي آفيس مان موڪلڻ چاهيا ٿي ته هنن ٻڌايو ته اهو ڪراچي واري آفيس مان ئي ٿئي ٿو، ٻيو ڏينهن جمعي جو هو، موهن حيدرآباد کان نڪتو پر ڪراچيءَ ۾ هنگامن ڪري هُو سهراب ڳوٺ وٽ ٽرئفڪ جئم ۾ ڦاسي پيو ۽ پوءِ جڏهن مس مس شاهراههِ فيصل وٽ، فيڊيڪس آفيس ۾ پهتو ته آفيس جو وقت ختم ٿي چڪو هو. ٻيو ڏينهن ڇنڇر جو هو ۽ هي آفيسون هفتي ۾ ٻه ڏينهن ڇنڇر ۽ آچر بند رهن ٿيون. موهن سوچيو ته هاڻ وري سومر ڏينهن اچي جمع ڪرايان سو ان کان بهتر آهي ته اسلام آباد هليو وڃان جيئن وقت بچي پوي. موهن اسلام آباد سڀني جا فارم ۽ پاسپورٽ ڏئي رسيد وٺي آيو. هنن چيس ته هفتي کن کان پوءِ رسيد موڪلي گهرائي وٺجانءِ.
موهن حيدرآباد موٽي اچي سڀني کي خوشخبري ٻڌائي، پر هاڻ اهو فيصلو ٿيو ته وقت ٿوري ۽ ڊگهي سفر ڪري پروفيسر قاضي خادم صاحب ۽ ٻيو به ڪو هڪ باءِ ايئر وڃڻ چاهين ٿا، جيڪو هنن جو سٺو فيصلو هو، جيئن آءٌ شروع ۾ به لکي چڪو آهيان ته حيدرآباد سنڌ کان لاهور، دهلي ۽ احمدآباد بڙودا کان ڦري پوني (مهاراشٽرا) پهچڻ وڏو سفر آهي، خاص ڪري وڏي عمر وارن لاءِ ۽ عورت ذات لاءِ. اڃان به رستي تي دهلي، لکنو، جئپور، آگرو، ناگپور، احمدآباد، بڙودا، گوا وغيره مان ٻن ٽن شهرن ۾ ڏينهن ٻه رهي آرام ڪري پوءِ جي اڳتي وڃجي ته بهتر آهي.
بهرحال موهن اسلام آباد کان موٽي انڊيا جي هاءِ ڪميشن وارن کي لکيو ته هنن مان ڪجهه باءِ ايئر ۽ ڪجهه باءِ روڊ انڊيا وڃڻ ٿا چاهين پر سفارتخاني وارن ٻڌايو ته جيئن ته هُو گروپ جي شڪل ۾ سفر ڪري رهيا آهن، ان ڪري سڀني کي هڪ ئي نموني سان سفر ڪرڻو پوندو. ان تي باءِ ايئر وارن وڃڻ جو پروگرام ڪئنسل ڪري ڇڏيو، جيئن باءِ روڊ وارا ڀلي هليا وڃن پر ويزا آفيس وارن اها به ڳالهه نه مڃي ۽ هنن کي چيائون ته يا ته سڀ وڃن يا هڪ به نه. نتيجي ۾ هي ٺهيل ٺڪيل پروگرام معمولي غلطيءَ جي ڪري رهجي ويو. ٻين جن ٻڌو انهن به چيوته انڊيا جي سفارتخاني جي اها غيرمناسب ڳالهه آهي، پر هتي پڙهندڙن لاءِ ان ڳالهه ڪري هي احوال لکيو اٿم ته اهو قانون هر ملڪ جو آهي ۽ اها غلطي هر هڪ کان ٿي وڃي ٿي ۽ ڪيترن موقعن تي پرديس ۾ پريشانيءَ جو سبب پيدا ٿئي ٿو. ويجهڙائيءَ ۾ هڪ فئملي ٻارن سميت عُمري لاءِ ويزا لڳرائي، جڏهن وڃڻ جو وقت آيو ته ٻارن ۾ هڪ ڇوڪريءَ، جنهن مئٽرڪ ڪئي هئي ان جي ڪاليج ۾ داخلا جو اعلان ٿيو، ماءُ پيءُ هن کي ڇڏي، ٻين ٻارن سان عُمري تي روانا ٿي ويا. واپسيءَ تي جدي مان جڏهن هُو ڪراچيءَ لاءِ موٽي رهيا هئا ته سندن پاسپورٽن تي Exit جو ٺپو هڻڻ وقت اميگريشن پوليس ان ڇوڪريءَ جو پڇيو، جيڪا ڪاليج ۾ داخلا شروع ٿيڻ ڪري ڪراچيءَ ۾ ئي رهجي ويئي هئي.
“اها ته ڪراچي ۾ ئي آهي، هوءَ اسان سان نه آئي، سندس پاسپورٽ به هن ئي وٽ آهي.” ماءُ پيءُ ٻڌاين، پر اميگريشن وارا مطمئن نه ٿيا، هنن چيو ته سندن ڪمپيوٽر ۾ ٻين ٻارن سان گڏ هن جو نالو به گروپ ويزا ۾ شامل آهي. ان معمولي غلطي ڪري هنن مسافرن کي جدي جي هوائي اڏي تي 24 ڪلاڪ پريشان ٿيڻو پيو پوءِ به چڱو جو سندن ڪو مائٽ سعودي حڪومت ۾ آفيسر هو، تنهن رياض کان اچي هنن لاءِ گئرنٽي ڏني تڏهن هنن کي ڇڏيو ويو.
ان ئي قسم جو هڪ ڪيس مون سان به ٿي چڪو آهي، جيڪو پڻ پڙهندڙ جي ڄاڻ ۽ اهڙن موقعن تي خبردار رهڻ لاءِ بيان ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. هيءَ گهڻا سال اڳ جي ڳالهه آهي 1977ع ڌاري جي، جڏهن اسان جو جهاز سنگاپور ۾ بيٺل هو. سنگاپور هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي، جيڪو ملائيشيا جي سرزمين کان ٻن ميلن جي فاصلي تي مَس ٿيندو. منهوڙو ٻيٽ به ڪياماڙيءَ کان گهڻو پري آهي. هي ٻيٽ ملائيشيا کي ويجهو هجڻ ڪري، هڪ ڊگهي پُل ذريعي، ان سان ڳنڍيل آهي. اها پُل Cause Way سڏجي ٿي، جنهن مٿان لاريون بسون ۽ ڪارون به هلن ته ريل گاڏي به. سڄو ڏينهن رات هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ماڻهو پيا اچن وڃن. ملائيشيا ۽ سنگاپور جا شهري ته پاسپورٽ بنا فقط شناختي ڪارڊ تي هي بارڊر ڪراس ڪن، اسان ڌارين لاءِ پاسپورٽ ضروري آهي، جيڪو فقط ڏيکارڻو پيو ٿي، سو به ڪنهن ڪنهن جو کولي ڏٺائون ٿي، نه ته فقط ٻاهرين جهلڪ ڪافي هئي. پاڻيءَ جي جهاز تي سفر ڪندڙ “جهاز هلائيندڙ” پاسپورٽ بدران C.D.E ڪتاب تي سفر ڪن، پر انهن جي فئملين لاءِ پاسپورٽ رکڻ ضروري ٿئي ٿو، آءٌ زال ۽ ٻن ٻارن سان گڏ هئس. ٻار ننڍا هئا ان ڪري انهن جا نالا ماءُ جي پاسپورٽ تي درج ٿيل هئا. صبح جي وقت جڏهن اسان جو جهاز تي هجڻ ضروري هوندو هو، ته ان جهاز تي سفر ڪندڙ آفيسرن جون زالون شهر گهمڻ هليون وينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ته بس يا ٽئڪسي ذريعي ڪازوي ٽپي ٻئي پاسي ملائيشيا جي شهر جوهربارو ۾ هليون وينديون هيون. منهنجي زال جڏهن به سنگاپور کان ملائيشيا ويندي هئي ته ٻارن کي گاڏيءَ ۾ گهلڻ بدران کين جهاز تي ئي ڇڏي اڪيلي هلي ويندي هئي. هڪ ڏينهن ملائيشيا يعني جوهربارو کان سنگاپور موٽي رهي هئي ته بارڊر وٽ (يعني پُل تي) سندس پاسپورٽ جي چيڪنگ تي ملائيشيا جي اميگريشن ٻارن جو پڇيو، جو پاسپورٽ ۾ ٻارن جو به نالو هو. هنن سمجهيو ته اهي شايد ملائيشيا ۾ ڇڏي پئي موٽي. ڇو ته ائين به ڪيترا دفعا ٿيو آهي جو ماڻهو پاڻ يا ٻارن کي ٻين ملڪن ۾ مائٽن وٽ ڪجهه عرصو ڇڏي، پوءِ انهن جو پاسپورٽ ٺهرائي وٺندا هئا، بهرحال چڱو جو سنگاپور هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي ۽ بارڊر کان جتي اسان جو جهاز بيٺل هو اڌ ڪلاڪ جو به پنڌ ناهي ۽ اميگريشن پوليس وارن هڪدم پڪ ڪري ورتي ته ٻار جهاز تي آهن، بهرحال ان کان پوءِ يڪدم اهو ڪم ڪيوسين جو ٻارن جو پاسپورٽ ڌار ٺهرائي ورتوسين، جيڪو اڄڪلهه ٺهرائڻ آسان آهي، پر تن ڏينهن ۾ بيحد ڏکيو ڪم هو، پر اسان جهاز وارن لاءِ اهو بيحد ضروري هو ڇو جو ڪنهن ملڪ ۾ ڪو ٻار بيمار ٿي پوي ۽ جهاز کي اتان نڪرڻو پوي ته ماءُ فقط ان ٻار سان گڏ ان ملڪ جي اسپتال ۾ ترسي پوندي ۽ ٻيو ٻار ته پيءُ وٽ جهاز تي هجي. جيئن ان بعد ان قسم جو حادثو ڪئپٽن عالم جي جهاز تي ٿيو، جنهن ۾ سندس زال بلقيس وفائي زخمي ٻار سان گڏ هيليڪاپٽر ذريعي ڊربن (سائوٿ آفريڪا) هلي وئي ۽ باقي ٻار پاسپورٽ ڌار ڌار هجڻ ڪري جهاز تي پيءُ سان گڏ ترسي پيا. سو آءٌ هتي اهو ئي چوندس ته نئين ڄاول ٻار جو به پاسپورٽ الڳ ٺهرائجي ۽ گروپ ۾ سفر ڪرڻ وقت سڄي گروپ کي ساڻ رکجي.
چوندا آهن ڪونه آهن ته ڪڏهن مسئلا ٿيندا آهن ته يڪا ٿيندا آهن. يا “مُٺ مُٺ سُورن سڀ ڪهين، مون وٽ وٿاڻان” وارو حساب مُوهن سان به ٿي پيو. موهن پهريون دفعو انڊيا هلي رهيو هو، هن کي انڊيا ڏسڻ جو سڀ کان گهڻو شوق هو. پهرئين ڏينهن کان پئي چيائين ته ممبئي ۽ پوني ته هلنداسين پر آگري، اجمير ۽ مهابليشور به هلنداسين. هن سان گڏ هن جي گروپ وارا به پهريون دفعو هلي رهيا هئا، پر شايد هنن جو داڻو پاڻي نه هو. نه وڃڻ کان علاوه جڏهن هنن سڀ ڪجهه ڪئنسل ڪري انڊيا جي سفارتخاني کان پنهنجا پاسپورٽ واپس گهرائڻ ٿي چاهيا، ته خبر پيئي ته دنيا جي جهنجهٽن ۾ موهن کان انهن جي رسيد گم ٿي ويئي آهي ۽ انڊيا جي سفارتخاني جو اهو ئي ضد ته پاسپورٽ هُو تڏهن ڏئي سگهن ٿا، جڏهن اوريجنل رسيد ڏيکاري وڃي. دراصل اهو به ڪيترن ئي ملڪن جو قاعدو آهي، خاص ڪري جپان وارن سان ته منهنجو ڪيترائي دفعا واسطو پيو آهي. ويزا لاءِ هُو تازو ۽ پراڻا سڀ پاسپورٽ گهرندا، جنهن لاءِ هڪ رسيد ڏيندا. پاسپورٽ وٺڻ وقت ضروري ناهي ته درخواست گذار پاڻ وڃي، سندن رسيد سان گڏ ڪير به ويندو ته هُو ان کي پاسپورٽ ڏئي ڇڏيندا. ان ڪري هُو بار بار تاڪيد ڪندا آهن ۽ اها ئي ڳالهه هتي آءٌ پنهنجي پڙهندڙن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته سفارتخانن مان ان قسم جي مليل رسيد توهان هٿيڪي رکو.
آخرڪار ٻيو ڪو چاڙهو نه ڏسي موهن کي وري اسلام آباد وڃڻو پيو جيئن پاڻ حاضر ٿي پاسپورٽ وٺي سگهي، پر انڊيا جي سفارتخاني طرفان کيس فقط سندس پاسپورٽ ڏنو ويو ۽ کيس چيو ويو ته هُو هر پاسپورٽ فقط مالڪ کي ڏئي سگهن ٿا، ان حالت ۾ هر مالڪ کي اسلام آباد اچي پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي، پاسپورٽ واري صحيح ڪري پنهنجو پاسپورٽ کڻڻو پوندو.
ان بعد ڇا ٿيو اها مون کي خبر ناهي، جو ممبئيءَ لاءِ ڪراچي ڇڏڻ جو منهنجو اهو آخري ڏينهن هو.