ليکڪ طرفان . . .
بهرحال مهانگائيءَ جو اثر نه فقط پڙهڻ وارن تي ٿيو آهي، پر ڪتاب ڇپڻ وارن تي پڻ ٿيو آهي. پنو مهانگو، مس مهانگي، ڇپائي مهانگي، ڪتاب جي بائيڊنگ ۽ ٽرانسپورٽيشن مهانگي . . . جيڪڏهن ڪو پبلشر ڪنهن ڪتاب مان ڪجهه بچائي سگهي ٿو ته اهو هن جي مارڪيٽنگ پٺيان، يعني ڪتاب کي وڪرو ڪرڻ لاءَ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙڻ ڊڪڻ ۾ خرچ ٿيو وڃي. خاص ڪري مون جهڙو ليکڪ پبلشر کان مفت ۾ هڪ ڪاپي به ڪهڙي منهن سان گهري سگهي ٿو، جڏهن منهنجو هر پبلشر تي اهو زور رهي ٿو ته نه فقط ٽائيٽل ڪور، پر اندريان فوٽو به رنگين رک، پنو به اوچو استعمال ڪر ۽ قيمت به گهٽ رک، هي ان ڪري لکي رهيو آهيان، جو ڪيترا منهنجا دوست، کين ڪتاب نه ملڻ تي، مون سان رُسيو وڃن ۽ اهوئي چوندا آهن ته پبلشر کان ڪجهه ڪاپيون مفت ۾ ڇو نٿو وٺان. هاڻ کين ڪير سمجهائي ته هن دور ۾ جڏهن ماڻهن ڪتاب پڙهڻ گهٽائي ڇڏيو آهي ۽ خريد ڪرڻ ته اڃا به وڌيڪ ماڻهن گهٽائي ڇڏيو آهي، اتي ڪو پبلشر توهان جي لکڻين کي ڪتابي صورت ڏئي ٿو ته اها هن جي مهرباني آهي. دوستن کان وڌيڪ مختلف لئبررين مان اي ميل اچن ٿا ته کين هڪ يا ٻه ڪاپيون مفت ۾ donate ڪيون وڃن. هاڻ کين ڪير ٻڌائي ته ٻاهر رهڻ ڪري مون پنهنجن 70 کان ڪتابن مان ويهارو کن جا چهرا ئي نه ڏٺا آهن ۽ هر وقت سفر ۾ هجڻ ڪري مون وٽ نه پنهنجن ڪتابن جو سيٽ آهي، نه ٻين جو. ٻه چار ڪتاب ريفرنس لاءِ رکندو آهيان، باقي ڪنهن ڪتاب جي ضرورت پوندي آهي ته بدر ابڙي يا تاج جوئي کان اڌارو وٺي پڙهندو آهيان. ڪجهه ٽپال خرچ به ڳاٽي ڀڳا ٿي ويا آهن. منهنجو ايران جو سفرنامو مارڪيٽ ۾ اچڻ وقت آئون ملائيشيا ۾ هوس. هڪ دوست کي ڪراچيءَ ۾ لکيم ته اهو ڪتاب دڪان تان خريد ڪري مون ڏي پوسٽ ڪر. ٻئي ڏينهن هن فون ڪري ٻڌايو ته ڪتاب جي قيمت 400 رپيا کن آهي ۽ ٽپال جو خرچ 800 رپيا آهي، موڪليان يا نه؟ چيومانس : ادا مهرباني، اهڙي ڪا ضرورت ناهي، جڏهن پاڪستان ايندس ته ڪاٺياواڙ اسٽور تان پاڻ ئي وٺندس ۽ ٿي سگهي ٿو تيستائين مون کي منهنجو اهو ڪتاب ڪنهن رديءَ جي ڪتابن واري کان اڌ قيمت ۾ ملي وڃي. شايد مشهور ليکڪ بينجمن به ان قسم جا مسئلا درپيش اچڻ تي چيو هجي ته:
Whenever I like to read a book, I write one
(جنهن وقت دل ڪنهن ڪتاب پڙهڻ تي چوي ٿي ته آئون پاڻ ويهي ٿو ڪتاب لکان.)
بهرحال مون شروع کان اهو ضرور ڪيو آهي ته پنهنجي هر ڪتاب جيNet تي ڏيڻ جي موڪل ڏئي ڇڏي آهي. بلڪ آئون آمريڪا جيSANA سني پنهور، سکر جي سنڌي ادبي سنگت سٽي برانچ، عبداللطيف انصاري ليڪچرر، زاهد ميراڻي، عباس ڪوريجو، انجنيئر، عبدالوهاب سهتو، سنڌي ڪتاب نيٽ، حبيب سنائي صاحب ۽ ٻين ويب جي ماهرن جو ٿورائتو آهيان، جيڪي منهنجا ڪتاب، لکڻيون ۽ ڪالم بنا ڪنهن معاوضي جي پنهنجي ويب سائيٽ تي ڏيندا رهن ٿا ۽ منهنجا پڙهندڙ دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ويهي اهي ڪتاب نه فقط on line مفت ۾ پڙهي سگهن ٿا، پر انهن جو پرنٽ آئوٽ به ڪڍي سگهن ٿا. منهنجي ڪتابن جي پبلشرن کي جيتوڻيڪ اها ڳالهه پسند نه آهي، جو هنن جي خيال مطابق، هنن جي ڪتابن جو وڪرو گهٽجيو وڃي، پر آئون هر وقت اهو چاهيندس ته منهنجيون لکڻيون گهڻي کان گهڻن ماڻهن تائين پهچي سگهن. هونءَ به اڄڪلهه ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جو دور آهي. هڪ ڇوڪريءَ ڪتابن جي دڪان تان اچي پڇيو ته کيس هڪ اهڙي ڪتاب جي ضرورت آهي، جنهن جو عنوان آهي “ڪتاب پڙهڻ جو شوق ڪيئن پيدا ڪجي” ۽ اهو فلاڻي مصنف جو آهي.
دڪاندار ڪتابن جي اٿل پٿل ڪري آخر سندس گهربل ڪتاب ڪڍي ورتو. ڇوڪريءَ ڪتاب جو نالو ۽ فهرست وغيره غور سان ڏسي دڪاندار کي چيو:
“آهي ته هي ئي ڪتاب، پر هن جي سي ڊي توهان وٽ هوندي؟”
سو اڄڪلهه اهي حال وڃي ٿيا آهن. اڳ ۾ ڪنهن جهڙي تهڙي ڳائڻي کي ٻڌڻ لاءِ به خرچ ڀري ٻئي شهر وڃبو هو. هاڻ توهان کي ڪنهن به وڏي ڳائڻي يا ڳائڻيءَ جو راڳ ٻڌڻو هجي ته 35 رپين ۾ CD وٺي اچي پنهنجي ئي گهر ۾ ٻڌو.
اهڙيءَ طرح اسان ننڍا هئاسين ته ڪتابن جو ڪينئون هڪ عام لفظ هوندو هو ۽ ڪتابن جو ڪينئون هجڻ وڏي فخر جي ڳالهه سمجهيو ويو ٿي. پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي ڏينهن ۾ اسان سراسري هفتي ۾ هڪ ڪتاب پڙهندا هئاسين. تڏهن به ڪتابن جا ڪينئان ٽنڊو الهيار جو محمد عالم هاليپوٽو، درٻيلي جو خالد حسين مخدوم، جيمس آباد (ڪوٽ غلام محمد) جو مرحوم رفيع ڪاڇيلو سڏبا هئا، جيڪي هفتي ۾ ٻه يا ٽي ڪتاب نه رڳو پڙهندا هئا، پر انهن جي اوڻاين پوڻاين تي بحث به ڪندا هئا ۽ هاڻ اڄ جي دور ۾ هر هڪ اهڙو بزي ٿي ويو آهي، جو بقول هڪ ڊاڪٽر جي اسپتال ويندي اخبار وٺندو آهيان. پوءِ گهر اچي ان جون رڳو سرخيون پڙهندو آهيان. هڪ سيڪريٽري صاحب جي زال کان سندس ساهيڙيءَ پڇيو: “تنهنجو مڙس رٽائر ٿيڻ بعد ڇا ڪندو؟”
“ڪتاب پورو ڪندو.” هن وراڻيو.
“ڇا هو ڪتاب لکي رهيو آهي؟ سندس ساهيڙيءَ حيرت مان پڇيو.
“نه سال ڏيڍ ٿيندو ته هن هڪ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو آهي”
سو اڄڪلهه ڪٿي آهن مطالعي جا شوقين، جيڪي ڪتاب خريد ڪري پڙهن. اڄ کان ٽيهه سال کن اڳ ڪتابن جا پبلشرس ٽي ٽي ايڊيشنون به ڇپيندا هئا. هاڻ وري ڪنهن ڪتاب جي ٻي ايڊيشن ٿي ڇپجي. آئون ته پنهنجي پبلشر کي ٻي ايڊيشن ڇپڻ تي انعام ڏيندو آهيان ته وڏو ڪمال ڪيو اٿئي، ايترا پڙهندڙ خبر ناهي ڪٿان ڳولي ورتئي. هڪ ٻيو لطيفو ٿو ياد اچي ته ڪنهن عورت پنهنجي ساهيڙي کان پڇيو ته ڇا تنهنجو مڙس ڪتابن جو ڪينئون آهي؟
“نه ادي” هن ٺهه پهه وراڻيس، “هوته هڪ عام ڪينئون آهي”
بهرحال هتي هن انڊيا جي سفرنامي جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين ته ان سفر جي احوال جو هڪ حصو هن ڪتاب “هلي ڏسجي هندستان” ۾ آهي ۽ باقي ٻيو حصو “بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” ڪتاب ۾ آهي، جيئن هڪ ته هن حصي ڇپجڻ بعد خبر پئجي وڃي ته پڙهندڙن کي انڊيا جو سفر نامو پسند به اچي ٿو يا نه جي نٿو اچي ته باقي ٻيو حصو پبلشر ڇپائڻ کان ۽ پڙهندڙ خرچ ڪرڻ کان بچي وڃن. اجايو ڇو سڀ تڪليف ۾ اچن. هر لکندڙ اهوئي سمجهي ٿو، ته هو تمام سٺو ٿو لکي پر سچ پڇو ته نوي سيڪڙو ليکڪن جا ڪتاب ورلي ڪو پڙهي ٿو ۽ ڏک ٿو ٿئي ته هر ڪتاب پٺيان ٻه ڇانو وارا وڻ ضايع ٿيون وڃن، جيڪي پني ٺهڻ جي ڪارخانن ۾ ڪتريا ۽ ڳاريا وڃن ٿا. ڪيترا ڪتاب ته اهڙا ٿين ٿا جن جي ٻاهرين چمڪ ڌمڪ اهڙي سهڻي ٿئي ٿي، جو پڙهڻ جو شوقين ان کي خريد ته ڪري ٿو، پر پوءِ هن کي خبر پوي ته ان ۾ ته ڪابه اهڙي دلچسپ يا معلوماتي شيءِ لکيل نه آهي. ڪنهن پڙهندڙ هڪ اهڙو بور ڪتاب، جنهن جي انتساب واري صفحي تي ليکڪ پنهنجي ماءُ ڏانهن منسوب ڪندي لکيو هو ته “جنهن مونکي پڙهڻ سيکاريو” ڪتاب جي خريدار ان صفحي تي وڌيڪ هيءَ سٽ لکي، ليکڪ ڏي پوسٽ ڪيو.
“ ڪاش تنهنجي ماءُ توکي لکڻ به سيکاري ها. “
سو اهڙيون ڳالهيون پڙهي اسان ليکڪن کي هوشيار ٿيڻ کپي ۽ هروڀرو پنهنجي شوق جي پورائي لاءِ غريب پڙهندڙن کي تنگ نه ڪرڻ کپي. ڪن لکندڙن جون لکڻيون جيڪي کين ته شاهڪار لڳن ٿيون پر، دراصل ڪتابي صورت ۾ ته ڇا پر اخبار ۾ ڇپجڻ کان به پري رکيون وڃن ٿيون. اهڙيون لکڻيون پڙهي ايڊيٽر به مُنهن مٿو پٽين ٿا ۽ ڊائريڪٽ رديءَ جي ٽوڪري حوالي ڪريو ڇڏين. هڪ اهڙي ليکڪ جڏهن هفتو کن انتظار بعد به پنهنجو مضمون اخبار ۾ نه ڏٺو ته ايڊيٽر کي فون ڪيائين ته: “ سائين، آئون اڃان ڇو جيئرو آهيان” مون توهان کي پوسٽ رستي مواد موڪليو آهي، ان بابت ٻڌائيندا. ايڊيٽر به ڪو سڙيو ويٺو هو، تنهن وراڻيس: “اڃا تائين توهان جيئرا ان ڪري آهيو، جو اهو مضمون توهان پوسٽ رستي موڪليو.”
سو پبلشر کي منهنجي هر وقت اها تاڪيد هوندي آهي ته منهنجي لکڻيءَ ۾ ڪا ٿوم هجي ته ضرور ڇاپجانءِ، نه ته پنهنجو ۽ پڙهندڙن جو نقصان نه ڪجانءِ ڪتاب جي قيمت گهٽ رکجانءِ ۽ ڪتاب جيترو سنهو ٿي سگهي بهتر آهي، جو پڙهندڙن کي ويٽ لفٽنگ ناهي ڪرڻي. اڄڪلهه هر ڪو سمهڻ مهل ڪجهه صفحا پڙهڻ جو فئشن ڪري ٿو. ۽ اهي ڏينهن هليا ويا جڏهن ڪرسيءَ تي ويهي ڪتاب پڙهبو هو. اڄ جي دور ۾ جي سمهڻ بدران ڪرسيءَ تي ويهڻو آهي ته پوءِ “ڪشش” يا ڪنهن ٻئي ٽي چئنل تان گانا نه ٻڌجن، انٽرنيٽ تي ڪا ويب سائيٽ نه کولي ويهجي يا ڪمپيوٽر تي patient پتي راند نه ويهي کيڏجي...
بهرحال منهنجي انڊيا جي هن سفر جو پهريون حصو “هلي ڏسجي هندستان” توهان جي هٿن ۾ آهي. جي پسند اچيوَ ته پبلشر جو در کڙڪايو ته جيئن هو ٻيو حصو ڇپڻ جي تياري ڪري.
الطاف شيخ
ڪراچي
Altafshaikh2005@gmail.com
Altafshaikh2004@yahoo.co.uk