گوبند خوشحالاڻيءَ کان جڳديش لڇاڻي تائين
پوني پهچڻ سان پهرئين ڏينهن ئي گوبند خوشحالاڻي مون سان ملڻ لاءِ منهنجي ڪمري ۾ آيو. پاڻ به ان ئي گيسٽ هائوس ۾ رهيل هو ۽ احمد آباد (گجرات) کان آيل هو. ساڻس گڏ احمد آباد جو هڪ بزنيس مئن نندلال خانچنداڻي پڻ هو. هُو اهو ڪتاب وٺڻ آيو هو جيڪو ڪراچيءَ کان سوجهرو رسالي جي ايڊيٽر تاج بلوچ مون هٿان هن لاءِ موڪليو هو. ڪراچي ڇڏڻ کان ٻه ڏينهن اڳ تاج بلوچ فون ڪيو.
“انڊيا وڃين پيو، هڪڙو قرب ته ڪر. هڪڙا ٻه چار ڪتابڙا ته منهنجي دوستن لاءِ کڻي وڃجانءِ.” هن چيو.
“بلڪل اکين تي،” مون وڏي دل سان هائوڪار ڪئي، “پر تاج پنجن يا ڇهن کان وڌيڪ ڪتاب نه ڏجانءِ. يقين ڪر آءٌ پنهنجا ڪتاب ئي نه پيو کڻيو وڃان.”
“ڀلا پنج کڻي ويندين؟” تاج پڇيو.
“ها. ها. پنج صحيح آهن. ڀلا ڏبا ڪنهن کي؟” مون پڇيو.
“ان جو فڪر نه ڪر... لڇمڻ ڪُومل، گوبند يا ڪو ٻيو توکان وٺي ويندو.” تاج چيو. ۽ پوءِ جڏهن شام ڌاري تاج پنج ڪتاب کڻي آيو ته اهي پنج نه پر پنجاهه هئا!
ڪتاب برابر پنج هئا، پر آءٌ اهو چوندس ته اهو ڪتاب ٽن چئن ڪتابن برابر هو. تاج بلوچ اسان جي مشهور اديب ۽ ريسرچ اسڪالر گل حسن ڪلمتيءَ جو تازو لکيل ڪتاب “ڪراچي- سنڌ جي مارئي”، کڻي آيو هو، جيڪو 800 کن صفحن جو وڏي سائيز جو آهي. جنهن سائيز جو مهراڻ يا سوجهرو رسالو ٿئي ٿو. نه کڻي وڃڻ لاءِ ڏاڍيون دانهون ۽ ڪُوڪُون ڪيم پر تاج مڙيئي هڪ ڪتاب چنبڙائي ويو جيڪو هينئر گوبند خوشحالاڻيءَ حوالي ڪيم. ويندي وقت گوبند پنهنجو ڪتاب “ملڪ ته منهنجو” مون کي ڏئي ويو، جيڪو 300 کن صفحن جو آهي ۽ سال ڏيڍ اڳ “سنت ڪنور فائونڊيشن” وارن احمد آباد مان ڇپرايو آهي. هي هڪ قسم جو ناول آهي، جنهن جو ماحول پنج هزار سال اڳ جو آهي جنهن ۾ سنڌو سڀيتا (Indus Civilization) جي اوج واري زماني کي چِٽيو ويو آهي. ان ڪري هي ناول تاريخي ناولن جي قطار ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. ڪتاب جو مهاڳ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر شوڪت شورو لکيو آهي.
آديپور (انڊيا) جي مشهور سنڌي ليکڪ پروفيسر هيرو شيوڪاڻيءَ جا هي جملا ياد ٿا اچن ته، “هڪڙا ليکڪ هوندا آهن، ان ڪري لکندا آهن، ٻيا لکندا آهن، ان ڪري ليکڪ بڻجي پوندا آهن. منهنجي خيال موجب، پهرئين قسم وارن ۾ ڏات ننڍپڻ جي وقت کان ئي هوندي آهي، ٻيا لکڻ جو ڏانءُ سکي وٺندا آهن ۽ پوءِ شايد وقت گذرڻ سان منجهن ڏات به اچي ويندي آهي. گوبند خوشحالاڻي پهرئين قسم وارن ليکڪن ۾ اچي ٿو...”
بهرحال گوبند خوشحالاڻيءَ لاءِ اهو چيو وڃي ٿو ته هُو هڪ ڪامياب ناول نگار آهي. سنڌي ناول جي تاريخ تي نظر وجهبي ته ورهاڱي کان پوءِ، سنڌ جي ڀيٽ ۾ هند ۾ سنڌي ناول وڌيڪ ترقي ڪئي آهي. گوبند مالهي ۽ موهن ڪلپنا جهڙن اديبن ڪيترائي ناول لکي سنڌي ناول کي وڏي سگهه ۽ وسعت بخشي آهي. گوبند خوشحالاڻيءَ جيتوڻيڪ ننڍپڻ کان لکڻ شروع ڪيو (سندس پهرين ڪهاڻي 1955ع ۾ ممبئي جي هڪ رسالي “نيو سنسار سماچار” ۾ ڇپي جڏهن هو 15 سالن جو هو ۽ نائين ڪلاس ۾ پڙهيو ٿي.) نوڪري شروع ٿيڻ بعد هن جيتوڻيڪ مطالعو جاري رکيو پر لکڻ ڇڏي ڏنو ۽ 30 کن سالن جي ٽُٻيءَ بعد هن وري لکڻ شروع ڪيو. هيستائين سندس پنج ناول ڇپجي چڪا آهن، جن جا نالا هن ريت آهن:
• هڪ دفعو وري
• پيار ۾ پاڻ ڪهڙو
• هرديڳي چمچا
• پاڻ هُرتڙيون مايون (هي ناول 2002ع ۾ احمد آباد، انڊيا ۾ ڇپيو ۽ گذريل سال حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪيشن وارن پڻ ڇپرايو).
• گلستان غليظ ٿي رهيو آهي
مٿين ناولن بعد سندس تاريخي ناول “ملڪ ته منهنجو” ڇپيو آهي.
بهرحال، گوبند خوشحالاڻي، جديد ناول نگارن ۾ هڪ اهم ناول نگار طور اُڀريو آهي، جنهن جي ناولن ۾ سنڌي ڪٽنبي جِيوَن جا عڪس، شهري زندگيءَ ۾ رشتن ناتن جي ڀڃ ڊاهه، تجسس، انتظار، جاسوسي ۽ excitement پيدا ڪندڙ جذبا نظر اچن ٿا.
گوبند جو سڄو نالو گوبند ڪوٽومل خوشحالاڻي آهي، پاڻ 25 جنوري 1940ع تي موري جي “ابڙاڻ” نالي ڳوٺ ۾ ڄائو. پاڻ انگريزي ادب ۾ گريجوئيشن ڪرڻ بعد انشورنس انسٽيٽيوٽ آف انڊيا جي فيلوشپ حاصل ڪيائين. زندگيءَ جو وڏو حصو “نيو انڊيا انشورنس ڪمپني” ۾ ڪم ڪيائين، هاڻ احمد آباد ۾ پنهنجو بزنيس سينٽر اٿس. پاڻ ٻڌايائين ته هن وقت سندس ٻه ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهن:
Chachnamah Retold (چچنامو اڄ جي انداز ۾) انگريزيءَ ۾ آهي ۽ ٻيو آهي “دل ڪر درخت دستور” هي سنڌي ناول اڄ جي ڪارپوريٽ سرڪل/ ڌنڌي ۾ ناجائز پرئڪٽس جي اوگهڙ جي سلسلي ۾ آهي.
پوني ۾ سيمينار شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ، آءٌ ان گيسٽ هائوس، جنهن ۾ ٽڪيل هوس، جي گرائونڊ فلور تي ٺهيل ڊائيننگ هال ۾ ٻين مهمانن سان گڏ چانهه پي رهيو هئس ۽ مختلف شهرن کان ايندڙ مهمانن کي به ڏسي رهيو هئس، ته اتي هڪ ٽئڪسي مان اسان جي عمر جو هڪ همراهه پنهنجي زال سان گڏ لٿو. رسيپشن تي پنهنجو نالو لکائي، ڪمري جي چاٻي وٺي، سامهون اسان ويٺلن سان ملڻ لاءِ آيو. “مون توهان جا ڪجهه سفرناما پڙهيا آهن. عبرت ۽ عوامي آواز ۾ توهان جا ڪالم پڙهندو آهيان. مون کي ڪالهه ئي توهان جي اچڻ جي خبر پيئي ۽ توهان لاءِ هڪ ڪم کڻي آيو آهيان. ’نه‘ نه ڪجو.” هُو يڪ ساهيءَ چئي ويو. ان بعد پنهنجو تعارف ڪرايائين ته پاڻ ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي آهي. آءٌ چپ ئي رهيس. ڪاش قاضي خادم، تاج جويو، اسحاق سميجو يا نصير مرزا جهڙو ڪو همراهه مون سان گڏ هجي ها، جن جو سنڌ يونيورسٽي ۽ حيدرآباد سنڌ جي ادبي سرڪل سان واسطو هجڻ ڪري ۽ انڊيا هن کان اڳ اچڻ ڪري هندستان ۾ رهندڙ سنڌي اديبن سان واقفڪاري آهي. انڊيا اچڻ کان اڳ آءٌ هوم ورڪ ڪري آيو هئس پر فقط ممبئي ۽ پوني جي تاريخ، جاگرافي، گهمڻ جي جاين بابت. انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي اديبن ۽ ادب بابت ڪا معمولي ڄاڻ به نٿي رکيم. منهنجي لاءِ اهم اديبن ۽ شاعرن جا نالا به نوان ۽ اوپرا هئا. سوچيو هئم ته سنڌ کان هلندڙ ٻين ساٿين کان ٻن ٽن اهم اديبن جو معلوم ڪري، پنهنجي طئي شده سفرنامي ۾ انهن جو احوال لکندس، پر هاڻ مون کي اڪيلي سِر مُنهن ڏيڻو پيو ٿي ۽ جنهن سان مليس ٿي ان اڳيان پنهنجي چوپڙي وڌايم ٿي ته مهرباني ڪري هن تي پنهنجو نالو لکو، جو ڪيترن جا نالا هڪ دفعو ٻڌڻ سان سمجهڻ ۽ پوءِ ياد رکڻ، مون لاءِ مسئلو هو. ان کان علاوه هڪڙن جا نالا ٻين سان مُنجهائي ٿي ويس. چڱو جو ڊجيٽل ڪئميرا ساڻ هيم ۽ هرهڪ جون تصويرون ڪڍندو ويس ۽ ٿوري ٿوري دير بعد ڪنڊ پاسي ۾ وڃي مليل مهمانن جا سندن هٿ اکر لکيل نالن هيٺان لکي ٿي ڇڏيم ته ڳاڙهي قميص وارو، بليو ٽاءِ وارو، وڏين مُڇن وارو، جئڪيٽ وارو وغيره وغيره، جيئن بعد ۾ انهن فوٽن جون پرنٽ ڪڍرائي، انهن تي پين سان صحيح نالا لکي ڇڏيان. باءِ دي وي ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي جو فوٽو ڳولڻ مون لاءِ بنهه آسان هو، جو هيترن مهمانن ۾ ڊاڪٽر جڳديش ئي هڪڙو هو جيڪو سنڌي شلوار قميص ۾ هئو، نه ته ٻيا اسين سڀ پتلون ۾ هئاسين.
بهرحال سچي ڳالهه اها آهي، ته سالن کان اهو ٻڌي ٻڌي هنن لاءِ ته جڳديش لڇاڻي، لڇمڻ مولچند خوبچنداڻي، نند لعل خانچنداڻي، گوبند خوشحالاڻي ۽ رامچنداڻي، ڪيولرام گوپلاڻي يا ٻلديو مٽلاڻي جهڙا نالا آسان هئا. هنن کي پاڻ منهنجو نالو ڏکيو ۽ اوپرو لڳندو هوندو جيڪو مرليڌر گنگواڻي يا اسان جي پيٽارو جي ڪٽ نمبر ون (Kit no One) جهڙو نالو رميش ڪمار ڀيرواڻي هجي ها ته هنن کي سولو لڳي ها. اهو ان ڪري جو سواءِ انهن جي جن منهنجا ڪالم يا ڪتاب پڙهيا آهن، ٻين مون کان ٻه ٻه ٽي ٽي دفعا ڪري ٿي نالو پڇيو ۽ ڪيترن ته آخر ۾ اهو به چيو ٿي ته توهان سنڌي آهيو. هڪ دفعو ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻيءَ به ٻڌي ورتو ۽ ڪا دير کِلندو رهيو. جڳديش، سنڌ جي سڀني اديبن ۽ شاعرن کي سڃاڻي ٿو، تنهن کي پاسيرو ٿي چيم ته منهنجو نالو وري به سولو آهي، چڱو جو هتي شمشير الحيدري، زرار پيرزادو، سحر امداد حسيني، گل حسن ڪلمتي يا ذوالفقار هاليپوٽو نه آهي.
ڪمري تي پهتس ته جڳديش لڇاڻي، پنهنجي نئين ڪتاب “پوان شل قبول” جو ٽائيپ ٿيل مسودو کڻي آيو.
“سائين هي منهنجو سنڌ جو سفرنامو آهي،” جڳديش پنا منهنجي حوالي ڪري چيو، “منهنجي اها خواهش آهي ته هن تي پيش لفظ توهان لکي ڏيو.”
“حاضر سائين... بلڪل لکندس.” چيومانس، “پاڪستان پهچي پهرين اهو ڪم ڪندس.”
“نه يار ائين نه. هتي ئي مون کي لکي ڏيو.” جگديش چيو. منهنجي سمجهائڻ جي باوجود هُو ٻارن واري ضد تي قائم رهيو.
“ڊاڪٽر صاحب! توهان پاڻ سوچيو ته اهو مون سان ڪيڏو ظلم ٿيندو،” مون هڪ دفعو وري هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، “آءٌ پهريون دفعو هن شهر پوني ۾ آيو آهيان ۽ آءٌ اهو ئي چاهيندس ته هڪ هڪ منٽ گهمڻ ڦرڻ ۾ لڳايان. توهان جو ڪتاب پڙهڻ ۽ پوءِ ان تي صفحو ٻه لکڻ تي منهنجا گهٽ ۾ گهٽ پنج ڇهه ڪلاڪ يعني اڌ ڏينهن هليو ويندو.” پر ڊاڪٽر جڳديش ڪنهن به طرح سان راضي نه پئي ٿيو. ساڳئي وقت منهنجي لاءِ به اها اعزاز جي ڳالهه هئي، پوءِ نيٺ لکڻ جو وعدو ڪري اهو سوچيم ته هاڻ هڪ يا ٻه راتيون گهٽ ننڊ ڪري، ڊاڪٽر جڳديش جو سفرنامو پڙهي ان تي مهاڳ لکندس. اهو به سٺو ٿيو جو ڊاڪٽر جڳديش جو ڪتاب مون کي بيحد دلچسپ لڳو ان ڪري ان کي پڙهڻ ۾ ٽارچر محسوس نه ٿيو. مون کيس پهرين رات ئي لکي صبح جو نيرن تي اچي ڏنو. کيس واقعي جلدي هئي، جو آءٌ جيئن ئي واپس وطن وريس ته مهيني اندر جگديش جو ڇپيل ڪتاب مون کي پوسٽ ذريعي مليو. هي ڪتاب “پوان شال قبول” سنڌ جي ماڳن، مڪانن گهمڻ بابت سفرنامو آهي، جيڪو هن 2004ع ۾ ’شاهه، سچل، سامي ادبي ڪانفرنس‘ ۾ شريڪ ٿيڻ واري سفر دوران لکيو. اها ڪانفرنس سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (SGA) پاران ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائي وئي هئي، جنهن ۾ جڳديش لڇاڻي، نند جويري، موتي پرڪاش، ستيش روهڙا، چندرو ڏاسواڻي، سندر اگناڻي، هيرو شيوڪاڻي، ارجن حاسد، واسديو موهي، گوبند خوشحالاڻي، ڄيٺو لالواڻي، ومي سدارنگاڻي، رشمي راماڻي، شريڪانت صدف، جهمون ڇڳاڻي ۽ ٻيا آيا هئا.
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي (سندس سڄو نالو جڳديش سوڀراج لڇاڻي) پير جي ڳوٺ ۾ 4 ڊسمبر 1939ع ۾ ڄائو يعني مون کان پنج سال وڏو ٿيو پر يقين ڪريو هُو ڏسڻ ۾ بيحد سمارٽ ۽ ننڍو لڳي رهيو هو. ڊاڪٽر جگديش سنڌ ڇڏڻ بعد الهاس نگر ۾ ئي رهيو ٿو. سنڌو ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ مان اسڪولي تعليم حاصل ڪرڻ بعد، هن پونا ۽ ممبئي يونيورسٽين مان اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. هُن ايم. اي سنڌي ۽ ايم. اي هنديءَ ۾ ڪرڻ بعد سنڌي ادب ۾ پي. ايڇ. ڊي. ڪئي اٿس. ساندهه چاليهه سال پڙهائڻ بعد 2002ع ۾ شهيد دنيچند ڪالاڻي ڪاليج کلڻ تي هن کي ان جو پرنسپال رکيو ويو. هي ڪاليج آرٽس، ڪامرس ۽ سائنس جو آهي. منهنجي پڇڻ تي ته هن ماستري پيشو ڇو اختيار ڪيو؟ جي جواب ۾ هن وراڻيو ته، “اهو منهنجو پيار آهي، منهنجي حياتي آهي، منهنجي پسند آهي...”
ڊاڪٽر جڳديش لڇاڻي نه فقط ڪهاڻيڪار آهي پر ٻارن جو ليکڪ، ايڊيٽر، نقاد، ٽيلي وڊيو ۽ اسڪرپٽ رائيٽر پڻ آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب آهن، جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
• خاموش زندگي (ڪهاڻيون)
• ادبي شناس
• سنڌي ادب جي روپ ليکا
• اصول ۽ آلوچنا
• نئون ساهت
• ساهت سروپ
• شاهه ۽ صوفي مَت
• سنڌي ڪهاڻيءَ جي اوسر
۽ ٻاراڻي ادب جا به جڳديش ڏهن کان مٿي ڪتاب لکيا آهن. جهڙوڪ:
• جهرڪيءَ لڌو ٽڪو
• روپ نگر جي راج ڪماري، وغيره.
ڊاڪٽر جڳديش کي مهاراشٽر رياست جي سنڌي ساهتيه اڪادمي پاران 1988ع ۾، سندس ڪتاب ’ساهت جي پرک‘ تي ايوارڊ مليو. ان کان علاوه سندس ٽيلي اسڪرپٽ “جوڳي جادو لائي ويا” تي ڀارت سرڪار پاران، دهليءَ ۾ 1989ع ۾ ايوارڊ مليو. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ “نئشنل ڪائونسل فار پروموشن فار سنڌي لئنگويج” پاران پڻ ايوارڊ ڏنو ويو آهي.