فارين ٽوئرسٽ ڇا ٿا چون؟
پارڪن ۾، سامونڊي ڪنارن تي، هوٽل جي رسيپشن هالن ۾، ريلوي اسٽيشن ۽ ايئرپورٽ تي، ڪنهن واندي ٽوئرسٽ کي، خاص ڪري گوري يورپي يا آمريڪن کي ڏٺم ٿي ته هن کان ممبئيءَ بابت سندس راءِ ضرور پڇيم ٿي.
“آءٌ پهريون دفعو انڊيا آئي آهيان” اسپين جي شهر بارسلونا جي هڪ عورت ٻڌايو، جيڪا پنهنجي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ٻين عورتن سان گڏ ٻن هفتن جي ٽوئر تي ايشيا جا ڪجهه ملڪ گهمڻ لاءِ نڪتي هئي. ممبئي سندن پهرين منزل هو ۽ هاڻ هُو هتان بئنڪاڪ لاءِ رواني ٿي رهي هئي، “ممبئيءَ ۾ گندگي ۽ بدبوءِ ڏاڍي آهي، ڪن ڪن هنڌن تي ماڻهن جي ايڏي رش آهي، جو ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي ٿئي، گهم ۽ گرمي به گهڻي آهي.”
ظاهر آهي اسپين وارن کي ته ايشيا جو هر شهر سندن شهرن جي مقابلي ۾ ائين لڳندو، پر ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته بمبئيءَ واريون اهي شڪايتون اسان جي لاهور ۽ اسلام آباد جي رهاڪوءَ کي ته محسوس ٿين ٿيون، پر ڪراچيءَ وارو به ممبئيءَ پهچي اها ڳالهه ڪري ٿو.
“ممبئي ۾ اچڻ کان اڳ رهائش واري هوٽل جو تفصيلي پتو ۽ انٽرنيٽ تان نقشو پرنٽ ڪري پاڻ سان کڻي نڪرجي.” هڪ فرينچ ٽوئرسٽ ٻڌايو.
“ڇو ڀلا؟” پڇيومانس
“ان ڪري جو ٽئڪسي ڊرائيور کي اها هوٽل ڳولهڻ ۾ آساني ٿئي” هن ٻڌايو، “ممبئي جهڙي شهر ۾، جيڪو دنيا جي وڏن شهرن مان هڪ آهي، هزارين هوٽلون آهن، آءٌ ممبئيءَ جي ڪولابا واري علائقي ۾ بينٽلي هوٽل ۾ رهيس. منهنجو هوائي جهاز رات جو ٻين بجي ممبئي ايئرپورٽ تي پهتو، ايئرپورٽ واري علائقي “سانٽا ڪروز” کان “ڪولابا” ڪافي پري آهي ۽ ٽئڪسيءَ ۾ اٽڪل ڪلاڪ لڳي ٿو، پر ان رات منهنجو ٽئڪسي ڊرائيور پورا ٻه ڪلاڪ ممبئيءَ جي رستن تي ڊوڙائيندو رهيو، ڪڏهن ڪنهن کان ٿي پڇيائين ته ڪڏهن ڪنهن کان.”
“ڀلا هتي انڊيا ۾ رهائش مسواڙ جي مقابلي ۾ ڪيئن لڳي؟” مون پڇيو.
“بيحد Reasonable آهي. توڙي ٽئڪسي به، فرانس ته ڇا ايشيا جي ملڪن کان به سستي آهي. ملائيشيا، ٿائيلينڊ، هانگ ڪانگ، سنگاپور ۾ ته ايتري سفر جو ڀاڙو ٻيڻو ٽيڻو آهي، دراصل مون Ascot هوٽل ۾ رهڻ چاهيو ٿي، جيڪا اتي ئي ڪنڊ تي آهي پر اها منهنجي بجيٽ کان ڪجهه مهانگي آهي، Bentley’s Hotel هڪ هاسٽل وانگر آهي.”
“ڀلا هوٽل ۾ يا هوٽل کان ٻاهر ڪنهن قسم جي چوري چڪاريءَ جي شڪايت ته نه رهي؟”
“نه، سڪيورٽيءَ جي خيال کان ممبئيءَ ۾ مون کي ڪنهن به قسم جو مسئلو درپيش نه آيو آهي. بس پنهنجو عقل استعمال ڪجي ۽ پنهنجي هر شيءِ تي نظر رکجي. پئسا ڏوڪڙ آءٌ هميشه پنهنجي چيلهه سان ٻڌل پائوچ ۾ کڻي هلان ٿو ۽ پنهنجي بئگ کي تالو هڻي پوءِ گهمڻ لاءِ هوٽل جي ڪمري مان نڪران ٿو.”
“توهان جي خيال ۾ هتي ممبئيءَ جهڙي شهر ۾ ٻين ڪهڙين شين لاءِ خبردار ٿجي؟” مون پڇيو.
“پنهنجي مرضيءَ جي هوٽل ۾ رهجي ۽ پنهنجي مرضيءَ جي ريسٽورنٽ ۾ ماني کائجي. ٽئڪسي يا آٽو رڪشا ڊرائيورن جي چوڻ تي هرگز نه لڳجي، ڇو جو هُو توهان کي اهڙين هوٽلن ۾ وٺي هلندا، جتي هنن جو هوٽل وارن سان اڳهين ڪميشن جو حساب رٿيل ٿئي ٿو. پنڻ لاءِ ڪو ٻار يا فقير اچي ته ان کي لنوائي ڇڏجي، ڇو جو جنهن وقت توهان هڪ کي خيرات ڏيندائو ته پوءِ هڪٻئي جي پويان توهان کي اهڙا ته چُهٽي پوندا جي توهان جو پنهنجو گهمڻ ڦرڻ ئي ختم ٿي ويندو. ان کان علاوه ڪو تصوير ڪڍائڻ لاءِ راضي ٿو ٿئي، ته هُو اها اميد ٿو رکي ته توهان هن کي پنج يا ڏهه رپيا خرچي طور ڏيندؤ.”
“صحيح ٿا چئو، ان کان علاوه ٻيو ڪي ڪجهه؟”
“جنهن علائقي ڪولابا ۾ آءٌ رهيل آهيان، اها شاپنگ جي خيال کان سٺي جاءِ آهي. وڏن اوچن دڪانن کان علاوه فٽ پاٿ تي ڪيترائي گاڏن وارا ۽ پٽ تي ويٺل گهوريئڙا نظر اچن ٿا، جيڪي هر شيءِ سستي ڏين ٿا. سرڪاري اسٽورن تان جيڪي “ڪاٽيج انڊسٽري” جي نالي سان مشهور آهن، ڪا خريداري ڪرڻ اجائي آهي، جو اتي هر شيءِ تمام مهانگي ملي ٿي ۽ ساک جو سرٽيفڪيٽ جيڪو ڏين ٿا، اهو به هڪ ردي پني تي لکيل ٿئي ٿو. خريداري هميشه اتان ڪجي جتان مقامي ماڻهو ڪن ٿا ۽ ڪابه شيءِ خريد ڪريو ته ان جو اگهه ضرور گهٽ ڪرايو. هڪ ڪم جي ڳالهه ٻڌايان ته ڪابه شيءِ توڻي کڻي توهان کي پسند اچي پر شڪل اهڙي ٺاهيو ڄڻ ڪا خاص سٺي ناهي ۽ مهانگي آهي، ڄڻ ته توهان کي ان جي ضرورت نه هئي، پر لنگهندي سارُو توهان ائين ئي بنا ڪنهن مقصد جي کڻي قيمت پڇي ۽ دڪان تان لهڻ لاءِ تيار ٿي وڃو. هونئن ههڙن هنڌن تي اڻ لکيل قاعدو اهو آهي ته دڪاندار طرفان ٻڌايل اگهه جو اڌ ٻڌائجي، دڪاندار اهو اگهه ٻڌي توهان کي ڪاوڙ مان ائين گهوري ڏسندو، ڄڻ توهان هن جي وڏي بي عزتي ڪئي هجي، پر اهو به هڪ نمونو آهي جيڪو هر دڪاندار ڪري ٿو ۽ پوءِ توهان جي وڃڻ تي وري پاڻ ئي سڏي ٿو، پوءِ هُو کڻي توهان جي ٻڌايل اڌ قيمت تي نه ڏئي پر ته به ڪافي گهٽ قيمت تي توهان کي اها شيءِ ملي ويندي.”