الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6162
  • 1165
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

يوز ٿا ڪن سنڌي ورڊس، انگلش لئنگوئج ۾!

گذريل مضمون ۾ لکيو اٿم ته پوني پهچڻ سان پهرئين ڏينهن ئي تاج بلوچ جو دوست گوبند خوشحالاڻي مون کان گل حسن ڪلمتي جو تازو ڇپيل ڪتاب “ڪراچي- سنڌ جي مارئي” وٺڻ آيو، جيڪو تاج هن لاءِ مون هٿان موڪليو هو. گوبند خوشحالاڻيءَ سان گڏ پنجاهه ورهين کن جو سندس هڪ دوست نندلعل خانچنداڻي پڻ هو. مون اها ڳالهه نوٽ ڪئي ته نندلعل تمام صاف سنڌي ڳالهائي رهيو هو. صاف سنڌيءَ مان منهنجو مطلب اهو آهي، ته هُو اها سنڌي ڳالهائي رهيو هو جيڪا اسان وٽ سنڌ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي ۽ مون کي چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي رهي هئي.
انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي هندن جي ننڍي ٽهي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ هندي پڙهڻ ڪري هنن جي سنڌيءَ ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا گهڻا لفظ اچي ويا آهن، جيئن اسان وٽ سنڌي زبان ۾ عربي ۽ فارسيءَ جا ايترا ته لفظ اچي ويا آهن جو انهن مان ڪيترا اسان جي سنڌ ۾ رهندڙ ڳوٺاڻن کي به سمجهه ۾ نٿا اچن. بهرحال منهنجي پڇڻ تي نندلعل ٻڌايو ته هُو سنڌ مان لڏي انڊيا ويجهڙائيءَ ۾ آيو آهي، ان ڪري هن جي سنڌي اڃا اسان جهڙي آهي. نندلعل ٻڌايو ته هن جو 1951ع ۾ خيرپور ميرس جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ جنم ٿيو. هن مهراڻ يونيورسٽيءَ مان 1974ع ۾ مڪينيڪل انجنيئرنگ جي ڊگري حاصل ڪئي. ان بعد ڪراچي، لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور ۾ مختلف جاب ڪيا. 1980ع ۾ هُو گجرات رياست جي احمد آباد ۾ اچي settle ٿيو، جتي هنن جا مختلف ڪارخانا آهن.
نندلعل سان وري ملاقات نه ٿي سگهي، جو هُو ٻئي ڏينهن سيمينار اٽينڊ ڪرڻ بعد پنهنجي ڳوٺ احمد آباد هليو ويو. پوني ۾ منهنجي هفتي رهڻ دوران ٽي ڏينهن ته سيمينار، راڳن جي محفل ۽ ٻيا فنڪشن هلندا رهيا ۽ اهي ٽي ڏينهن پوني ۾ رهندڙ سنڌين ۽ انڊيا جي مختلف شهرن ۽ دنيا جي مختلف ملڪن کان آيل سنڌين جا ميڙا لڳا رهيا. ڪي ته آمريڪا ۽ يورپ جي ڏورانهن ملڪن کان به آيل هئا، جن ۾ سنڌ جي ڳائڻي ماسٽر چندر جو پٽ مهيش چندر پڻ هو، جيڪو نيو جرسي آمريڪا کان آيو هو ۽ هڪ فئملي مالمو سئيڊن کان به آيل هئي، جتي جي يونيورسٽيءَ مان مون مئرين انجنيئرنگ ۾ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي آهي، پر هنن سان خبرچار ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته هُو مون کان به اڳ اتي رهيل هئا. سندن ٻار لس سئيڊش زبان ڳالهائي ٿي. کين سنڌي به سمجهه ۾ آئي ٿي ۽ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائون ٿي پر مون ڏٺو ته سندن والدين جن کي سنڌي آئي ٿي انهن به سنڌي گهٽ ڳالهائي ٿي ۽ اهو ئي حال ٻين سنڌين جو به هو، جيڪي مقامي (يعني پونا جا) هئا يا ٻاهران آيل هئا. هنن گهڻو تڻو انگريزي يا اڙدو (هندي) ۾ ڳالهايو ٿي ۽ اها ئي هڪ ڳالهه هئي، جنهن لاءِ مون ڏٺو ته نَوي ورهين جو دادا جشن پنهنجي تقريرن توڙي ڳالهه ٻولهه ۾ ورجائيندو رهيو ته بابا سنڌيءَ ۾ ڳالهايو، پنهنجي ٻوليءَ ۾ نه ڳالهائيندؤ ته اولاد سِکي نه سگهندو. پر مون ڏٺو ته ڊائيننگ هال ۾ يا فنڪشن ۾ ويٺل، جيڪي سڀ سنڌي هئا، انهن رکي رکي هندي يا انگريزيءَ ۾ ڳالهايو ٿي. فلمن ۾ اميتاڀ بچن، شاهه رُخ، ڪرينا ڪپور يا ڪترينا ڪيف جيڪا هندي ڳالهائين ٿيون، اها وري به اسان جي اڙدو سان ملي ٿي ۽ اسان کي آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچيو وڃي، پر اسان جي ڪجهه سنڌي يارن جي هندي توڙي سنڌي اهڙي ته ڏُکي آهي جو منجهس سنسڪرت جي ڪيترن لفظن جي معنيٰ پڇڻي ٿي پيئي. ان ڳالهه تي ٿي سگهي ٿو ته انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي اعتبار نه ڪن، جو هُو اها زبان (سنسڪرت، مرهٺي ۽ گجراتي لفظن واري) ڳالهائي ڳالهائي، هنن کي احساس نه ٿيندو هجي، جيئن اسان کي فارسي ۽ عربي لفظن واري سنڌي ڳالهائي اها به نٿي سوچ اچي ته انهن ڌارين ۽ اوپرن لفظن لاءِ اسان وٽ پنهنجي سنڌي زبان جا بهتر لفظ موجود آهن، جيئن اڄ جي هڪ سنڌي اخبار جي پهرئين صفحي تي آيل خبرن جي عنوانن (سُرخين) جا هي ٽڪرا پڙهو:
• ٽوڙيل ضلعا پراڻي حيثيت ۾ بحال ڪنداسين.
• محمد خان هوتي احتجاجن مستعفي.
• وڪيلن جي تحريڪ جو احترام آهي. معلومات فراهم ڪنداسين...
ساڳيءَ طرح انڊيا ۾ ڳالهائي ويندڙ سنڌيءَ جو حال آهي. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر بعد اتي جا شاگرد، استاد ۽ مهمان مون کان سنڌيءَ ۾ سوال ڪري رهيا هئا. هنن جي جملن ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ هئا، جيڪي مون کي سمجهه ۾ نه پئي آيا، پر بهرحال سوال جو مطلب سمجهي ٿي ويس ۽ جواب ڏنم ٿي. هڪ سنڌي عورت جيڪا شايد مهمان هئي يا ٿي سگهي ٿو ڪنهن اسٽوڊنٽ جي والده، اهڙو ته سوال پڇيو جو آءٌ هڪو ٻڪو ٿي ويس ته هيءَ سنڌيءَ ۾ ڳالهائي رهي آهي يا مرهٺي، ڪنهڙ، سنسڪرت يا اڃا ڪنهن ٻي زبان ۾! منهنجي ڀر ۾ ويٺل پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو يڪدم منهنجي پريشاني سمجهي ويو ۽ اُٿي مون کي مخاطب ٿي چيائين ته، “بهتر ٿيندو ته محترمه جي پڇيل سوال کي توهان لاءِ سليس سنڌيءَ ۾ ورجايان ته مئڊم پڇي رهي آهي ته، “هن ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ اسان جي سنڌي زبان جو ڇا مستقبل آهي؟”
ڊاڪٽر ٻلديو هينئر ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ کان لڏي هتي انڊيا آيو آهي، ان ڪري هن جي سنڌي زبان اها ئي آهي، جيڪا اسان ڳالهايون ٿا. هونئن به هن جو واسطو سنڌي ادب سان آهي. هن جي سنڌيءَ ۾ سنسڪرت، گجراتي ۽ مرهٺي لفظن بدران فارسي ۽ عربيءَ جا لفظ گهڻا آهن، جيڪي اسان سنڌ جا سنڌي به استعمال ڪريون ٿا. بهرحال هيءَ هڪ عجيب ڳالهه هئي، جو هڪ سنڌيءَ جي پڇيل سوال جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي رهيو هو. مون کي يڪدم اهو جوڪ ياد اچي ويو، جيڪو کِلندي، مون پنهنجي audience کي ٻڌايو ته، “هڪ سنڌي زبان جو پروفيسر سنڌي ٻوليءَ جي مستقبل بابت ڏک جو اظهار هن ريت ڪري رهيو هو:
مون کي افسوس آهي انهن سنڌين تي جيڪي يوز ٿا ڪن انگلش ورڊس، سنڌي لئنگوئيج ۾...”
بعد ۾ ممبئي يونيورسٽيءَ جي هيڊ آف سنڌي ڊپارٽمينٽ پروفيسر ڊاڪٽر منوهر داس چيو ته شايد شيخ اياز هن دور جي اڳڪٿي ڪئي هجي ته، “منهنجي مرڻ کان پوءِ منهنجو پوٽو منهنجي قبر مٿان هٿ کڻي اڙدو ۾ دعا گهري رهيو آهي.”
خير سنڌي ته منهنجي به اهڙي سٺي ناهي جهڙي هئڻ کپي. ان جو سبب اهو آهي جو آءٌ نه فقط سڄي عمر وطن کان ٻاهر رهيو آهيان پر سنڌي ڳالهائڻ وارن سان گڏ به گهٽ رهيو آهيان. هڪڙي ڳالهه آهي ته سنگاپور، ملائيشيا، سريلنڪا ۽ جپان جهڙن ملڪن ۾ منهنجو سنڌي هندن سان ڪافي ملڻ جلڻ رهيو آهي پر هنن جي سنڌي به مون کي اهڙي ئي پاڻ جهڙي لڳي، چاهي سنگاپور جو هرڪشن ڀوڄواڻي هجي يا يڪوهاما جو پمو، ڪولمبو جي ديدي ديوڪي هجي يا هانگ ڪانگ جو سيتل ۽ ڪوالالمپور جو لاکياڻي، هنن سڀني جي سنڌي اهڙي هئي جهڙي منهنجي. اهو شايد ان ڪري به هجي جو هو پنهنجي سنڌيءَ ۾ جيڪي ملئي،جپاني يا انگريزي جا لفظ ملائيندا به هئا ته انهن کان آءٌ به واقف هوس، پر هتي انڊيا ۾ اچي مون هتي جي ڪيترن سنڌين کان نوان لفظ سکيا آهن، جيڪي هنن سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ دوران استعمال ڪيا ٿي. آءٌ اهڙن لفظن جون معنائون ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ کان هر وقت پڇندو رهيس، جيڪو پوني پڻ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيو هو. ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ رهندڙ منهنجي پڙهندڙن لاءِ نئين ڄاڻ پيدا ڪن:

اڌياپڪ - تعليم دان
ساپڪ - لاڳاپو
وگيان - سائنس
جڳياسا - ڳولا
وارتائون - قصا
يگ - دور
ٻال ساهتيه - ٻاراڻو ادب
اسٿرتا - مضبوطي
شڪتي - سگهه
نرت ڪلا - ناچ
راڄنيتي - سياسي
مانوجاتي - انسان ذات
سنگرهه - مجموعو
آجيوڪا - گذر سفر
سنگهرش مئه حالتون - جاکوڙي حالتون
ڪلا - فن
ڪلاتمڪ - فني
چيتناتمڪ - شعوري
وچترتا - چالاڪي
اسٿتين - حالتون
آتم هتيا - آپگهات
ارٿ - مقصد
منووگيان - نفسيات
يوگدان - Contribution
سنسڪار - وهم
گهٽنائون - واقعا
جاتيه پڇاڻ - قومي سڃاڻپ
انڀو - مشاهدو
سانسڪرتڪ - تهذيبي

سچي ڳالهه ته اها آهي ته اهڙا لفظ مون فجي، برمودا ۽ لاس پاماس (ڪَناري) ٻيٽن تي رهندڙ سنڌي هندن جي واتان ٻُڌا. اهي هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ جيئن منهنجي لاءِ ڏکيا آهن، تيئن مون کي لڳي ٿو ته ورهاڱي وقت سنڌي ڇڏي انڊيا ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ اڄ جي سنڌي اخبار ۾ استعمال ٿيندڙ ڪيترائي فارسي ۽ عربيءَ جا لفظ اوپرا ۽ ڏکيا ثابت ٿيندا هوندا.