الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6162
  • 1165
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

انڊيا- ملڪ اندر ڪيترائي ملڪ...

هاڻ ته هوائي جهاز نڪري پيا آهن ۽ ماڻهو نه رڳو دبئي، ڪويت ۽ عربستان کان وڃيو نڪرن پر يورپ، ڪئناڊا ۽ آمريڪا کان به وڃيو نڪرن. اهو سفر نه فقط پڙهيل ڳڙهيل ۽ امير ماڻهو ڪن ٿا، پر غريب غربا به. گذريل صديءَ جو ستر ۽ اَسي وارا ڏهاڪا اهڙا هئا، جو هوائي جهاز ۾ جڏهن به سنگاپور، جپان يا ڪنهن عرب ملڪ کان ڦري روم يا لنڊن وڃڻ ٿيندو هو ته ڪراچيءَ کان اڌ کان وڌيڪ جهاز غريب مزورن ۽ پورهيتن سان ڀريل هوندو هو. هي اهي سال هئا جن ۾ نه فقط عرب ملڪن ۾ پر ڏور اوڀر جي ملڪن ۽ يورپ جي ملڪن ۾ ڪنسٽرڪشن جي ڪم توڙي فئڪٽريون هلائڻ لاءِ، ايشيا خاص ڪري ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي ضرورت پئي ٿي. سو هاڻ اسان وٽ شهرن توڙي ڳوٺن جا ماڻهو عرب ۽ ايشيائي ملڪن کان يورپ ۽ آمريڪا جي ملڪن جون ڳالهيون ڪن ٿا پر ٿورو سوچيو، اڄ کان سؤ سال اڳ تائين 1910ع تائين جڏهن ته هوائي جهاز جو سفر عام نه هو، پڪا روڊ، رستا، ڪارون ۽ ريل گاڏيون به ايتريون نه هيون ته ماڻهن جي سفر جو ذريعو پيرين پنڌ يا اُٺن ۽ گڏهن تي هو ۽ هُو فقط ويجهڙائيءَ وارن هنڌن تائين وڃي سگهيا ٿي.
اسان ننڍا هئاسين ته پنهنجي ڏاڏيءَ جي ڀاءُ ماستر محمد وريل ۽ ان جي سالي قاضي محمد يعقوب (پروفيسر قاضي سليمان ميمڻ جي والد) ۽ ٻين جهونن کان جهونا ڳڙهه، ڪاٺياواڙ، جيسلمير، جوڌپور، اجمير، بڙودا، احمد آباد، راج ڪوٽ، سورت، ڄام نگر، ڀوڄ، ڀاونگر، پوربندر، اوکا ۽ اڌيپور جهڙن شهرن جو ٻڌبو هو. ڇو ڀلا؟ ان ڪري جو اهي شهر هندستان جي گجرات ۽ راجستان صوبي سان تعلق رکن ٿا، جيڪي صوبا اسان جي سنڌ صوبي سان مليا پيا آهن. اهو سبب آهي جو انهن صوبن جي ڪيترن شهرن ۽ ماڳن جا نالا شاهه جي شاعريءَ ۾ به آهن. شاهه لطيف ضرور انهن هنڌن تي ويو هوندو يا اتان ايندڙ ويندڙ فقيرن، جوڳين، مسافرن، سوداگرن سان هن جون خبرون چارون ٿينديون هونديون.
مٿين ٻن صوبن (گجرات ۽ راجستان) کان علاوه ٽيون صوبو، جنهن جي شهرن کان سنڌ جا جهونا واقفڪار هئا، اهو مهاراشٽرا صوبو آهي، جنهن جي گاديءَ جو شهر بمبئي (اڄڪلهه ممبئي سڏجي ٿو) هو، جتي انگريزن جو گورنر رهيو ٿي ۽ سنڌ ۽ يمن جو بندرگاهه ’عدن‘ بمبئي پريزيڊنسي ۾ هجڻ ڪري، اسان جي ماڻهن کي تعليم توڙي سرڪاري ڪمن لاءِ بمبئي يعني مهاراشٽرا صوبي جو رُخ ڪرڻو پيو ٿي ۽ جنهن صوبي جو ٻيو وڏو شهر پوني (انهن ڏينهن ۾ پونا سڏيو ويو ٿي) پڻ بمبئيءَ کان گهٽ نه هو، خاص ڪري تعليمي ادارن ۽ موسم جي خيال کان. هينئر آءٌ جيڪو احوال يا سفرنامو لکي رهيو آهيان، اهو به ان صوبي مهاراشٽرا جو آهي.
هندستان جي ورهاڱي وقت پاڪستان ۾ چار صوبا هئا. انڊيا ۾ جيڪي صوبا هئا انهن جي انتظاميا جي خيال کان، ڪجهه ڪاٽ ڪوٽ ڪري اڄ 28 صوبا يا رياستون (States) ٺاهيون ويون آهن. پنجاب ۽ بنگال صوبي جا اڌ ڪري بنگال جو الهندو ۽ پنجاب جو اڀرندو اڌ انڊيا کي ڏنو ويو. انهن ٻن صوبن کان علاوه ٻيا صوبا يا رياستون ڪجهه هن ريت آهن: هماچل پرديش، ڄمون ۽ ڪشمير، هريانا، اتر پرديش (جنهن کي اسان وٽ ’يوپي‘ سڏين ٿا)، تامل ناڊو، مڌيا پرديش، ڪيريلا، ڪجهه بنگلاديش ۽ برما جي پاسي وارا صوبا: ميگهالايا، آسام، ناگالئنڊ، ميزورام، بِهار، اونچل پرديش، ڪرناٽڪا، آنڌرا پرديش... وغيره
پاڻ هتي رڳو مهاراشٽرا جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، جيڪو گجرات ۽ راجستان وانگر سنڌ سان مليل کڻي ناهي، پر باءِ روڊ يا باءِ سِي چڱو ويجهو آهي. وچ ۾ فقط هڪ صوبو گجرات اچي ٿو. انڊيا جا ڪجهه صوبا منيپور، ميزورام ۽ ناگالئنڊ جهڙا کڻي ننڍا آهن، پر ڪيترا اسان جي سنڌ ته ڇا پنجاب صوبي کان به وڏا آهن. انهن وڏن صوبن مان ممبئي ۽ پوني شهرن وارو هي صوبو (رياست) مهاراشٽرا به ڪافي وڏو آهي، جنهن جي پکيڙ ٽي لک چورس ڪلوميٽر آهي يعني سنڌ کان ٻيڻو ٿيو، جنهن جي ايراضي هڪ لک چاليهه هزار چورس ڪلوميٽر آهي. پنجاب جي سمجهو ته ٻه لک آهي ۽ سڄي پاڪستان جي اٺ لک آهي.
مهاراشٽرا صوبي جي وري آدمشماري ٿي ڏسجي ته اسان جي سڄي پاڪستان جي آدمشماريءَ جي اڌ جيتري آهي. گذريل سال پاڪستان جي آدمشماري 18 ڪروڙ هئي ۽ مهاراشٽرا جي 10 ڪروڙ هئي! ان ڪري ته آءٌ جيڪي انڊيا مان نه ٿي آيا آهن، انهن کي چوندو آهيان ته اسان جا شهر ماڻهن سان ضرور ڀريا پيا آهن پر بمبئي، ڪلڪتي، دهلي، پوني ٿو اچجي ته لڳي ٿو ته اسان جي ڪراچي، لاهور ۽ حيدرآباد ۾ جهڙي چپ چپات لڳي پيئي آهي. ساڳئي وقت انڊيا جي حڪومت کي به داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي، جيڪا هيڏي عوام هوندي لا ۽ آرڊر جي حالت چڱي خاصي بهتر رکيو ويٺي آهي، جو مقامي توڙي ڌاريان ٽوئرسٽ بنا ڊپ ڊاءَ جي ڏينهن رات پيا گهمن ڦرن!
مهاراشٽرا پکيڙ جي حساب کان انڊيا جي ٽيون نمبر وڏي رياست آهي. پهريون نمبر راجستان آهي ۽ ٻيو نمبر مڌيا پرديش آهي، پر آدمشماريءَ ۾ مهاراشٽرا ٻئي نمبر تي اچي ٿو. پهرئين نمبر تي اتر پرديش آهي جنهن جي آدمشماري 17 ڪروڙ آهي. ٽئين نمبر تي بهار جي 8 ڪروڙ آهي. اتر پرديش اهو صوبو (رياست) آهي جنهن ۾ لکنؤ، آگره، ڪانپور، مٿرا، علي ڳڙهه، الهه آباد اچي ٿا وڃن ۽ دهلي به ان ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
مهاراشٽرا رياست جو اولهه وارو سڄو حصو عربي سمنڊ تي آهي ۽ ممبئي نه فقط مهاراشٽرا جو پر سڄي انڊيا جو وڏو، خوبصورت ۽ مشغول ترين بندرگاهه آهي. مهاراشٽرا جي سمنڊ واري پاسي اتر ۾ گجرات آهي ته ڏکڻ ۾ ڪرناٽڪا، جنهن جي هيٺان مئنگلور، ڪاليڪٽ ۽ ڪوچين جهڙا تاريخي ۽ پراڻا بندرگاهه آهن. مهاراشٽرا جي باقي خشڪي وارن پاسن کان ڏسجي ته گجرات کان پوءِ مڌيا پرديش، ڇتيس ڳڙهه ۽ انڌرا پرديش رياستون آهن. ڇهتيس ڳڙهه صوبي جو نالو منجهس موجود ڇٽيهه (36) قلعن (Forts) مان پيو. هي صوبو سن 2000ع ۾ مڌيا پرديش مان ڪجهه حصو ڪڍي ٺاهيو ويو. ان ئي سال ٻه ٻيا به صوبا ٺاهيا ويا هئا. هڪ جهرکنڊ جيڪو بهار صوبي جي ڏاکڻن ضلعن مان ٺاهيو ويو، ٻيو اترکنڊ (جيڪو پهرين اتر آنچل سڏبو هو) جيڪو اتر پرديش جي جابلو علائقي کي ڌار ڪري ٺاهيو ويو.
پوني يونيورسٽي مان موٽڻ وقت بس اسٽاپ تي اچي بيٺس. يونيورسٽيءَ وارن ساليانو اسپورٽس فنڪشن ملهائڻ بعد چار ڏينهن جي موڪل ڪئي هئي، سو شاگرد پنهنجن گهرن ڏي روانا ٿي ويا هئا ۽ بس لاءِ انتظار ڪندڙ ماڻهن جي ڊگهي قطار نه هئي. منهنجي اڳيان بيٺل ڇوڪري جاگرافيءَ جي شاگردياڻي شوويتا بينر جي هئي. هن ٻڌايو ته شوويتا جي معنيٰ خوش قسمت (Lucky) آهي ۽ سندس تعلق مدناپور جي ڀرسان هڪ ڳوٺ سان آهي. بس جي اچڻ تائين وقت پاس ڪرڻ لاءِ پڇيومانس ته هُوءَ چئن ڏينهن جي موڪل ۾ ڳوٺ نه وئي.
“سر! مدناپور ڪو هتان ويجهو آهي! ويسٽ بنگال ۾ آهي ڪلڪتي ڀرسان.” هن ٻڌايو.
“ڪمال آهي! پوءِ اتي يا ڀر وارن رياستن بهار يا اوڙيسا ۾ ڇو نه پڙهينءَ؟”
“منهنجو پيءُ ٽپال کاتي ۾ هو ۽ ٽن سالن کان هتي پوني ۾ هو. هاڻ پٽنا ۾ بدلي ٿي اٿس ۽ آءٌ آخري سال ۾ هجڻ ڪري هتي ئي تعليم جاري رکڻ چاهيان ٿو.” هن ٻڌايو. آءٌ سندس مسئلو سمجهي ويس ۽ ڪجهه افسوس محسوس ڪيم ته جڏهن ٻيا پنهنجن مائٽن ڏي هليا ويا آهن، ته هيءَ هتي هاسٽل ۾ ائين بور ٿي رهي هوندي جيئن تعليم دوران اسان ڪراچيءَ جا شاگرد ننڍين موڪلن ۾ چٽگانگ ۾ بور ٿيندا هئاسين. سال ۾ فقط هڪ دفعو ڀاڙو ڀري هوائي جهاز يا پاڻيءَ واري جهاز رستي ڪراچيءَ اچبو هو.
“انڊيا، چين ۽ آمريڪا جهڙن وڏن ملڪن جا اهي مسئلا ضرور آهن،” مون هن کي چيو، “سنگاپور، هانگ ڪانگ يا يورپ جي ملڪن جا ماڻهو ان بابت سوچي به نٿا سگهن.”
“ڏسو نه ڪيڏي حيرت جهڙي ڳالهه آهي!” شوويتا چيو ۽ ان سان گڏ، جاگرافيءَ جي شاگردياڻي هجڻ جي ناتي هن پنهنجي ملڪ (انڊيا) جي مختلف رياستن جي وڏائيءَ (گهڻي پکيڙ) جي ڀيٽ يورپ، آفريڪا ۽ آمريڪا جي ملڪن سان ڪئي، جيڪا پڙهندڙن لاءِ ضرور دلچسپ ثابت ٿيندي.
راجستان جي ايراضي 343000 چورس ڪلوميٽر آهي، يعني انڊيا جو هي صوبو جرمنيءَ جيڏو ٿيو. اهڙيءَ طرح مڌيا پرديش عمان جيڏو آهي. مهاراشٽرا اٽليءَ جيڏو، انڌرا پرديش نيوزيلينڊ جيڏو، اتر پرديش برطانيا جيڏو يعني انگلينڊ ۽ اسڪاٽلئنڊ کي ملائجي ته ان جيڏو. گجرات، اولهه آفريڪا جي مالڪ سينيگال جيڏو آهي ۽ ساڳي سائيز ڪرناٽڪا صوبي جي به آهي. انڊيا جو صوبو ڇتيس ڳڙهه وچ ايشيا جي ملڪ تاجڪستان جيڏو آهي ۽ تامل ناڊو سڄي يونان جيڏو. بهار اوڀر يورپ جي ملڪ هنگريءَ جيڏو ۽ ارونچل پرديش آسٽريا جيڏو. جهرڪنڊ ۽ آسام، اولهه يورپ جي هڪ ٻئي ملڪ چيڪ جيڏو آهي. يعني جهرڪنڊ به چيڪ جيڏو آهي ته آسام به چيڪ جيڏو آهي. اهڙي طرح ميگهالايا به بيلجيئم جيڏو آهي ته منيپور به بيلجيئم جيڏو آهي، وغيره وغيره. انڊيا جي ايڏي Vastness ۽ هر صوبي جو پنهنجو پنهنجو ڪلچر، ماڻهن جون شڪليون، ويس وڳا ۽ بدليل موسمون ڏسي حق تي رڊيارڊ ڪپلنگ چيو ته انڊيا ملڪ اندر ملڪن جو نالو آهي.
انڊيا جون 28 رياستون (صوبا) آهن ۽ ست کن يونين ٽيريٽريز آهن، جيئن انڊا مان ۽ نڪوبار ٻيٽ (جيڪي ڪنهن زماني ۾ ڪاري پاڻيءَ جي نالي سان سڏبا هئا ۽ انگريز حڪومت ۾ خطرناڪ قيدين ۽ ملڪ جي آزادي گهرندڙ سياستدانن کي سزا خاطر اوڏانهن موڪليندا هئا بهرحال اڄ اهي ٻيٽ خوبصورت ۽ ٽوئرسٽ اسپاٽ آهن) اهي خليج بنگال واري پاسي آهن ۽ اسان واري پاسي، يعني عربي سمنڊ ۾ لکديپ ٻيٽ آهن. دمن، ديو ۽ گوا تي پورچوگالين جو قبضو هو ۽ پانڊيچيري تي فرينچن جو.. اهڙيءَ طرح چندي ڳڙهه، دادرا ۽ نگار حويلي وغيره پڻ انڊيا جون Union territories آهن.