الطاف شيخ ڪارنر

هلي ڏسجي هندستان

هن سفرنامي ۾ الطاف شيخ هندستان وڃي ٿي اچڻ دوران مشاهدي ۾ آيل ڳالهين کي تفصيل سان لکيو آهي ۽ گڏوگڏ اُتي جي سنڌين بابت پڻ ڪافي معلومات ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندستان تي لکيل هي تفصيلي سفرنامو پڙهڻ وٽان آهي.
  • 4.5/5.0
  • 6162
  • 1165
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book هلي ڏسجي هندستان

وينا vs هيلن

سچي ڳالهه اها آهي، ته پوني ۾ وينا شرنگي سان ملاقات کان اڳ مون نه سندس ڪو ڪتاب پڙهيو هو ۽ نه ڪا هن جي فئملي ۽ سندس انڊيا ۾ نوڪريءَ جي ڄاڻ هيم. مون سندس نالو 1989ع ڌاري ملائيشيا ۾ هڪ سنڌي اديب کان ٻڌو، جيڪو هن سان سنگاپور يا شايد دهليءَ ۾ ملي آيو هو ۽ سندس ادبي خدمتن کان وڌيڪ، هن جي سونهن سوڀيا جي تعريف ڪري رهيو هو. ايتريقدر جو مون سان گڏ ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ درٻيلي جي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم هن کي چرچي ۾ چيو ته وينا شرنگي مڃون ٿا ته سنڌي ليکڪائن ۾ حَسِين هوندي، پر هُوءَ ڪيترا جهاز لانچ (Launch) ڪري سگهي ٿي؟ ان تي هُو مُنجهي پيو هو ته ڪهڙو جواب ڏيان.
جيئن گرمي يا سرديءَ جو درجهءِ حرارت (پد) ٿرماميٽر جي ڊگرين ذريعي ٻڌايون ٿا، يا اسٽيٿا اسڪوپ ذريعي دل جي ٿڙڪڻ جو انگ ٻڌايون ٿا، بلڪ ڪنهن مقرر يا معياري شيءَ سان ٻي شيءِ جي ڀيٽ ڪريون ٿا، تيئن اڄ کان پنجاهه سال کن اڳ جڏهن بنگلاديش جي شهر چٽگانگ ۾ جهازرانيءَ جي تعليم وٺندا هئاسين ته اسان لاءِ حسن جو معيار “هيلن” هوندي هئي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندس عاشق هڪ هزار جهاز لانچ ڪرايا هئا يعني مقابلي لاءِ هُو هڪ هزار جهاز ويڙهاڪن ۽ جنگجو سپاهين جا ڀري ويو هو.
جهاز سمنڊ ۾ هلڻ کان اڳ پهرين خشڪ گوديءَ ۾ ڪاٺي ڪاٺي ڪري ٺاهيو وڃي ٿو. ان بعد جهاز کي خشڪ گوديءَ مان ڌڪو ڏيئي سمنڊ ۾ لاٿو وڃي ٿو ۽ ان عمل کي جهاز جي لانچنگ سڏجي ٿو.
يوناني مِٿ ۾ هيلن جو قصو مشهور آهي ته هُوءَ بيحد سهڻي هئي، جنهن سان هر رياست جو شهزادو شادي ڪرڻ لاءِ آتو هو بهرحال هن جي شادي مينيلوس سان ٿي، جيڪو مائٽن کي اڪيلو ٻار هجڻ ڪري اسپرٽا (Sparta) سلطنت جو بادشاهه ٿيو. ڪجهه سالن بعد ٽراءِ (Troy) بادشاهت جو شهزادو پئرس (جيڪو اليگزنڊر به سڏيو ويو ٿي) هيلن سان شادي رچائڻ لاءِ اسپرٽا پهتو. ڪن جو چوڻ آهي ته حَسِين ترين ديوي يعني هيلن پاڻ به پئرس کي چاهيو ٿي ۽ پنهنجي پهرئين مڙس ۽ ان مان ڄاول ڌيءَ کي به ڇڏڻ لاءِ تيار هئي. سندس يار پئرس کيس اسپرٽا مان ڀڄائي، پنهنجي شهر ٽراءِ ۾ وٺي آيو. بعد ۾ مينيلوس ٻين يوناني بادشاهن کي به شامل ڪري، ٽراءِ شهر تي حملو ڪيو، جنهن لڙائيءَ کي “ٽروجن جي لڙائي” (Trojan War) سڏجي ٿو. هن قصي ۽ لڙائيءَ جو تفصيلي احوال هومر پنهنجن ٻن ڊگهن نظمن Epic Cycle ۽ Iliad ۾ ڪيو آهي.
1927ع ۾ جڏهن اڃا آواز واريون فلمون نه نڪتيون هيون، ته The Private life of Helen تي فلم ٺهي هئي، جيڪا جان ارسڪن جي ناول Helen of Troy تان ٺاهي وئي هئي، پر هيلن کي گهڻو مشهور انگريز شاعر ڪرسٽافر مارلوو پنهنجي شعر “دي فيس دئٽ لانچڊ...” ذريعي ڪيو، جنهن جون پهريون ٽي سٽون اسان کي به اسڪول جي ڏينهن کان ياد آهن، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته شاعر کي خواب ۾ يا شايد خيالن ۾ جڏهن هيلن سندس سامهون بيٺل نظر آئي ته هن چيو:
ڇا هي آهي اهو چهرو, جنهن لاءِ هڪ هزار جهاز لاٿا ويا؟
۽ ايليم شهر جا آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ ٽاور ساڙيا ويا؟
منهنجي مِٺي هيلن!
پنهنجي هڪ چُميءَ سان مون کي به لافاني بنائي ڇڏ.
Was this the face that launch’d a thousand ships,
And burnt the topless towers of llium?
Sweet Helen!
Make me immortal with a kiss.
هيلن کي حاصل ڪرڻ لاءِ يونان جا بادشاهه ٽروجن جي لڙائيءَ ۾ خبر ناهي ڪيترا جهاز هاڪاري ويا هئا، پر هتي شاعر ڪرسٽافر مارلوو پنهنجي شاعراڻي خيال کان هڪ هزار جو انگ استعمال ڪيو آهي، جيڪو اسان جهڙن جهازرانن، هيلن جي سونهن جو معيار رکيو آهي، جيڪا يوناني mythology جي ديوين ۾ حسين ترين راڻي (ديوي) مڃي وئي ٿي.
پاڻ هتي سنڌيءَ جي مشهور ليکڪا، شاعره ۽ مٺي سُر واري وينا شرنگي جي ڳالهه پئي ڪئي، ته پوني ۾ ساڻس ملڻ تائين مون کي هن بابت گهڻي ڄاڻ نه هئي. مون سندس نالو اڄ کان 20 سال اڳ ملائيشيا ۾ هڪ سنڌي اديب کان ٻڌو، جنهن وينا جي حُسن جي به تعريف ڪئي هئي. پوني ۾ پهرئين ڏينهن نيرن تي جن ٻين سنڌي اديبن، شاعرن ۽ فنڪارن سان ملاقات ٿي، انهن ۾ وينا شرنگي به شامل هئي، پر ان وقت ماڻهن جي ميڙاڪي ۾ آءٌ وينا جو نالو ٻڌي سگهيس ۽ نه سندس شڪل ياد رکي سگهيس. شام جو آءٌ گيسٽ هائوس جي ٻاهران ساڌو واسواڻي چوڪ وٽ بيهي ساڌوءَ جي مورتيءَ جي تصوير ڪڍي رهيو هئس، ته پري کان هڪ عورت جيڪا ڪٿان خريداري ڪري موٽي رهي هئي ۽ سندس هٿ ۾ شاپنگ بئگ هئي، منهنجي ويجهو اچي سنڌيءَ ۾ چيو، “الطاف صاحب توهان مورتيءَ جي اڳيان ٿي بيهو ته توهان جي ڪئميرا سان توهان جي تصوير ڪڍان.”
دراصل مون به اهو ئي چاهيو ٿي ته ڪو راهه ويندڙ منهنجي تصوير ڪڍي. هن عورت کي خبر ناهي ڪيئن اها ڳالهه دل ۾ آئي! ۽ ڇا هن سان پهرين ڪٿي ملاقات آهي، جو هُوءَ منهنجي نالي کان به واقف لڳي ٿي. مون لاءِ اها حيرت جي ڳالهه هئي. ان ڪري هن جيئن ئي فوٽو ڪڍيو ته چيومانس، “معاف ڪجو مون توهان کي نه سڃاتو؟”
“اڃا صبح ته نيرن تي مليا آهيون. آءٌ وينا شرنگي آهيان ۽ دهليءَ کان هتي آئي آهيان.”
“وينا شرنگي!” مون کي ملائيشيا جي ڳالهه ياد اچي وئي. مون هن کي غور سان چتائي ڏٺو. سٺ سالن جي عمر ۾ به هُوءَ سنهي، سمارٽ ۽ سهڻي لڳي رهي هئي.
مون کيس کِلندي ملائيشيا واري ڳالهه ٻڌائي ۽ پوءِ چيومانس، “توهان ته اڄ به سؤ ٻه سؤ جهاز لانچ ڪرائي سگهو ٿا.”
وينا منهنجي چرچي کي وڏي دل سان چرچي طور ئي ورتو ۽ ٻڌايو ته سندس ماءُ پنهنجي وقت جي هڪ بيحد سهڻي عورت هئي.
ان ۾ڪو شڪ ناهي ته وينا شرنگيءَ جي ماءُ مئڊم ستي ديوي جيٽلي خوبصورت ناري ٿي گذري آهي، جنهن لاءِ وينا پنهنجي اسپين، انگلينڊ ۽ آمريڪا واري سفرنامي “وايون وڻجارن جون” ۾ صفحي 98 تي لکيو آهي ته، “امڙ جي جوانيءَ جون تصويرون ڏسي لبن تي واهه! واهه! اچيو وڃي. اکيون وڏيون ويڪريون. رونش ٺاهوڪا. قد بت تمام سٺو. چهرو چنڊ جهڙو خوبصورت! خوشبوءَ سان ته کين بيحد پيار هو...”
پوني ۾ رهائش دوران هڪ ڏينهن وينا شرنگيءَ کي چيم، “وينا هڪ ڳالهه ته ٻڌائي؟”
“ڪهڙي؟” هن پڇيو.
“تون شادي شده نه آهين؟”
“نه. مون شادي نه ڪئي.” وينا چيو.
“ڇو ڀلا! توهان جهڙي سهڻي ۽ تعليم يافته کي ڪو پسند جو ڇوڪرو نه ملي سگهيو ڇا؟ اولاد بهتر تربيت يافته هجڻ لاءِ توهان جهڙين عورتن کي ته ضرور شادي ڪرڻ کپي.”
“دراصل ڳالهه اها ناهي ته مون شادي نٿي ڪرڻ چاهي.” وينا ٻڌايو، “ڳالهه اها آهي ته اسان هندن ۾ ذات پات جو وڏو چڪر آهي. اسين برهمڻ آهيون ۽ هتي نئين ڏيهه ۾ ڪو جوڳو ڇوڪر ڳولڻ مشڪل ٿي پيو. ڪو برهمڻ ڇوڪر مليو به ٿي، ته هن جي مائٽن کي وهم ۽ وسوسا ٿي ٿيا ته خبر ناهي هيءَ اڪيلي ڇوڪري، جنهن جا والدين سنڌ ۾ آهن، برهمڻ جاتيءَ سان تعلق رکي ٿي يا نه... ۽ ائين پوءِ وقت جو پکيئڙو اُڏرندو رهيو ۽ اچي هيءَ عمر ٿي آهي.”
وينا شرنگيءَ جي ڪويتائن جو ڪتاب “اجنتا جي مُورت” هند سنڌ ۾ بيحد مشهور آهي، جنهن جا ڪيترائي حصا اڙدو ۽ هنديءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪا آهن. نموني خاطر سندس هڪ ڪويتا ڏئي رهيو آهيان، جيڪا لاهور مان نڪرندڙ اڙدو رسالي ’ماهِه نو‘ ۾ پڻ “بابل کے آنگن میں” جي عنوان سان ڇپجي چڪي آهي:
منهنجي سفر جو آغاز،
۽ منهنجي منزل جو انت،
امڙ تنهنجو غير موجودگيءَ ۾،
ان وقت ٿيو جڏهن،
ورهين پڄاڻان،
پنهنجي اباڻي اڱڻ ۾ پير پاتم.
ويڙهيچن ۾ اهڙو واءُ وريو،
جنهن پنهنجي نفرت جي دز سان،
رشتن ناتن کي لَٽي ڇڏيو.
سڀ ڪجهه پنهنجو هوندي به،
پنهنجو ڪجهه به نه آهي،
اباڻن جي سائي جي محرومي،
تصور ڪندي ئي،
اکڙين مان آب ڇلڪڻ بدران،
موتي بڻجي،
اتي ئي اٽڪي پيو.
اڌمن جي آنڌي،
طوفان جو روپ ڌاري،
من اندر پيهي ويو.
۽ وينا شرنگيءَ جي پسند تي سندس هڪ ٻي ڪويتا جون چند سٽون:
مان گهاٽي وڻ جي ڇانوَ آهيان،
هر راهي رهگذر لاءِ،
راحت آهيان،
پر پوءِ به هر ڪنهن،
منهنجا ڇوڏا لاٿا آهن.
وينا شرنگيءَ کي ننڍي هوندي کان ئي ادب، تقرير ۽ تحرير سان شوق هوندو هو. هُن ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ تمام گهڻو جاکوڙيو آهي. مارئي تنظيم کان علاوه پاڻ دهلي سنڌي اڪيڊميءَ جي گورننگ باڊي ۽ لٽريري ڪميٽيءَ جي ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏيندي رهي آهي. پاڻ هند توڙي سنڌ ۾ منعقد ٿيل، ڪيترين ڪانفرنسن ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ شرڪت ڪري چڪي آهي. ان کان سواءِ 1990ع ۾ آمريڪا ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا SANA طرفان سڏايل ڪانفرنس ۽ 1995ع ۾ ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان لنڊن ۾ سڏايل ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪري چڪي آهي.
وينا شرنگيءَ کي ادبي ۽ فني خدمتن عيوض ڪيترائي انعام، ايوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ ملي چڪا آهن. جن ۾ 1994ع ۾ دبئيءَ جي ايسٽوري ٻائي فائونڊيشن طرفان مليل “Women of the year” جو خطاب، 1995ع ۾ ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻيءَ جي ياد ۾ مليل گولڊ ميڊل ۽ آل انڊيا سنڌي سدا رنگاڻي جي ياد ۾ مليل گولڊ ميڊل ۽ آل انڊيا سنڌي ڪلچرل سوسائٽي جئپور راجستان طرفان مليل ٽرافي شامل آهي. کيس بينظير ڀٽو صاحبه جي انٽرويو وٺڻ جو اعزاز پڻ حاصل آهي.