ڊاڪٽر ڪيلڪر ميوزيم ۽ شنيوار وادا
“سائين توهان جهڙي ليکڪ کي انڊيا جو هي مشهور ’راجا ڪيلڪر‘ ميوزيم ضرور ڏسڻ کپي.” چندروءَ چيو ۽ منهنجي جواب بنا هن پنهنجي لاءِ ۽ منهنجي لاءِ ٽڪيٽ به خريد ڪري ورتي. آءٌ نه نه ڪري ميوزيم ڏسڻ لاءِ گهڙيس، خاص ڪري جڏهن مون کي خبر پيئي ته چندروءَ ۽ هتي جي ماڻهن لاءِ ٽڪيٽ فقط 8 روپيه آهي ۽ اسان ڌارين لاءِ هن 80 رپيا ڀري آهي، ته هاڻ شريف ماڻهو چندروءَ جا پئسا حلال ڪرڻ لاءِ هي ميوزيم ڏسڻ ضروري ٿي پيو. پر يارو هيءَ شيءِ ته واقعي به ڏسڻ جهڙي آهي، جنهن لاءِ ٽي چار ڪلاڪ نه پر ٽي چار ڏينهن به ٿورا آهن! مون وانگر هوائي چڪر ڏيڻ وارا سڄي عمر حاتم طائيءَ جي جِنَ وارو سوال ورجائيندا رهندا ته هڪ دفعو ڏٺو اٿم ٻيو دفعو ڏسڻ جي حسرت آهي. توهان، جيڪڏهن تاريخ، ميوزڪ، آرڪيالاجي جهڙين شين جا شوقين آهيو ته پوءِ هن “رجا ڊِنڪار ڪيلڪر ميوزيم” لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ٽي ڏينهن پاڇي ڪري اچو. نه ته به 80 رپيا خرچ ڪري مون وانگر تڪڙو چڪر ڏئي گهٽ ۾ گهٽ ڊنڪار ڪيلڪر جي تعريف ڪري، هن جي روح کي خوش ڪري سگهو ٿا، جنهن اڪيلي ماڻهوءَ پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري، هندستان جي ڪنڊ ڪنڊ مان هي تاريخي شيون گڏ ڪيون آهن! جن جو تعداد ويهه هزار کن ٿئي ٿو ۽ جنهن لاءِ هُو پنهنجي زندگيءَ جا سٺ سال ڳوٺ ڳوٺ، گهٽي گهٽي رُليو. لڳي ٿو ته انگريزن وانگر انڊيا ۾ به اهڙن سخي مرهٺن، گجراتين، پارسين، ڪرسچنن، سنڌي هندن جو وڏو تعداد آهي، جيڪي عوام جي ڀلائي، تعليم ۽ صحت لاءِ پنهنجو ڌن اسڪول ڪاليج، اسپتالون، مندر، ميوزيم ۽ مسافرخانا ٺاهڻ ۾ لڳائين ٿا.
ڊاڪٽر راجا ڊنڪار ڪيلڪر، جنهن کي هتي جا ماڻهو، پيار مان “ڪاڪا” به سڏين ٿا، 1896ع ۾ پوني ۾ ڄائو ۽ 94 ورهين جي ڄمار ۾ 1990ع ۾ وفات ڪيائين. ميوزيم جي گائيڊ ٻڌايو ته “ڪاڪا ۽ سندس زال ڪملاٻائي ڪيلڪر (جيڪا کانئس 6 سال ننڍي هئي ۽ 1980ع ۾ وفات ڪيائين) کي فقط هڪ ڌيءَ ريکا هري آهي جنهن کي پرڀا تائي به سڏين ٿا.”
“ڊاڪٽر ڪيلڪر کي راجا نالي هڪ پٽ به هو جيڪو ننڍي ڄمار ۾ گذاري ويو، جنهن جو ڊاڪٽر ڪيلڪر کي ايڏو ته صدمو رسيو جو هن سوچيو ته آخر هي ڌن دولت ڪنهن لاءِ پيو ميڙيان؟”
“پوءِ؟” مون گائيڊ کان پڇيو.
“ڪاڪا صاحب سوچيو ته اهو ڪي ڪريان جنهن سان منهنجو ۽ منهنجي پٽ جو نالو ٿئي ۽ عوام ۽ وطن کي هميشه فائدو رسي.” گائيڊ ٻڌايو، “هُو باقي عمر انڊيا جي هڪ هڪ شهر ۾ رلندو رهيو ۽ هن کي جتي به ڪا جهوني ۽ تاريخي شيءِ نظر آئي ٿي، اها خريد ڪيائين ٿي.”
ڊاڪٽر ڪاڪا واقعي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد هي ميوزيم ٺاهڻ ۾ وقف ڪري ڇڏيو. اڄ روزانو هزارين سياح، ريسرچ ڪندڙ شاگرد، تاريخ جا ڄاڻو انڊيا جي شهر شهر ۽ دنيا جي مختلف ملڪن کان هن ميوزيم کي ڏسڻ لاءِ اچن ٿا، جيڪو ڪاڪا صاحب 1962ع ۾ مهاراشٽرا صوبي جي هڪ سرڪاري ڊپارٽمينٽ آرڪيالاجي حوالي ڪري ڇڏيو. اسان وٽ سرڪاري شين جو قدر نه ڪيو ويندو آهي، اهڙن عجائب گهرن، لئبريرين، ميوزيمن ۽ قيمتي پکين ۽ جانورن جي سنڀال لاءِ مقرر ڪيل آفيسرن کي فقط پنهنجي پگهار وٺڻ سان واسطو هوندو آهي. هي ميوزيم ڏسي مون کي پير حسام الدين راشديءَ سان ٿيل پنهنجي آخري ملاقات ياد ٿي اچي. رات جي مانيءَ تي اسان کان سواءِ هدايت بلوچ، افتخار عارف ۽ مهتاب اڪبر راشدي ۽ هن جو گهر وارو پڻ هئا. پير حسام الدين صاحب ڏاڍي ڏک مان چيو ته، “پير علي محمد راشدي صاحب جون ۽ پنهنجيون پڻ، ڪيتريون ئي شيون سنڌ جي هڪ سرڪاري اداري کي Donate ڪيون اٿم، ته جيئن هُو ان جو خيال ڪن، قدر ڪن ۽ ايندڙ ٽهي کي انهن ذريعي تاريخي ۽ ادبي معلومات رسائين، پر افسوس جو هيترن سالن بعد ڄامشوري وڃي ڏٺم ته اهي شيون جيئن جو تيئن کوکن ۾ پيون آهن، ٿي سگهي ٿو ڪيترن کي اڏوهي به لڳي وئي هجي...”
اسان وٽ اهو ئي حال تاريخي جاين جو آهي. حيدرآباد جو پڪو قلعو ڏسو، موهن جو دڙو، ڪوٽڏيجي ڏسو... انهن شين جي ٺاهه جوڙ بدران ڀڃ ڊاهه گهڻي آهي، ماڻهن ويندي مڪليءَ جي قبرستان تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي... ڪنهن کي درد نٿو ٿئي.
پوني جو هي راجا ڪيلڪر ميوزيم 36 حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن ۾ مختلف آرٽ جون آڳاٽي دور جون شيون رکيل آهن. ٿانوَ ٿپا، ديڳڙا، شمعدان ۽ ڏيئا، دٻا، مخبا، قلمدان، سوپاريون ڀڃڻ جا ڪرئڪر، پاندان، پيڪدان، جيڪي مختلف زميندارن، جاگيردارن ۽ نوابن جي درٻار ۾ استعمال ٿيا ٿي. مختلف هٿيار، نيزا، تير ڪمان، ڍالون، بندوقون، توبچيون وغيره، جيڪي مختلف ڌاتن، مڇيءَ جي ڇلرن ۽ مانگر مڇ جي کَلُن مان ٺهيل آهن ۽ مغلن ۽ مرهٽن جي دورِ حڪومت ۾ استعمال ٿيا ٿي.
ميوزيم جي پهرين ماڙ تي مختلف قسمن جا ميوزڪ جا ساز ۽ سُرندا آهن، مون کي پڪ آهي ته محمد قاسم ماڪا، نصير مرزا ۽ مرحوم ممتاز مرزا جهڙا ميوزڪ جا ڄاڻو هي شيون ڏسي وڌيڪ enjoy ڪري سگهن ها. ڪي ڪي ته عجيب Collections آهن، جيئن ته مختلف قسمن جا تالا جيڪي مختلف ماپن ۽ شڪلين جا آهن، هڪ تالي ۾ زال مڙس ڀاڪر ۾ اچيو وڃن ۽ اهڙا ئي عجيب ۽ اوگهڙ وارا Nut Cracker پڻ آهن. ٻين شين کان علاوه هڪ ڪمرو “مستاني محل” نالي پڻ آهي. “مستاني” مرهٺا حاڪم باجي رائو پيشوا جي ڪنيز هئي. ان جي ڪمري سان بلڪل ملندڙ جلندڙ ڪمرو ڊاڪٽر ڪيلڪر هن ميوزيم ۾ ٺاهيو آهي، بهرحال ههڙي ميوزيم ڏسڻ لاءِ ان جو شوقين ۽ قدردان هجي ۽ ٻيو ته هن وٽ وقت ئي وقت هجي. اسان جي ذهن تي ڪا فلم ڏسڻ جو پروگرام ڇانيل هو ان ڪري اتان نڪري شيوا جي نگر ۾ Man gala سئنيما وياسين، جتي مرهٺي فلم هلي رهي هئي. ان بعد يونيورسٽي روڊ تي (راهول) سئنيما ٿيٽر ۾ جائزو وٺڻ آياسين، آخر ۾ موليڏنا روڊ تي West End سئنيما ۾ اچي “جوڌا اڪبر” فلم ڏٺي سين.