سميتا پاٽل ڪهڙو سک پهچايو
اڄ جو هي پوني شهر تاريخي جاين، مندرن ۽ سڀ کان گهڻو تعليمي درسگاهن جي ڪري مشهور آهي. ممبئيءَ کان پوني اچڻ وقت جنهن به روڊ تان ڪار لنگهي ٿي، ته مون سان گڏ ويٺلن جئه موتياڻيءَ ۽ ڊاڪٽر مونا مون کي ڪاليج يا اسڪول ڏيکاريا ٿي، جيئن ڪاروي روڊ تان لنگهڻ وقت هن ٻڌايو ته هتي شمرائو ڪلمدي هائوس اسڪول، اڀي نَو اسڪول، SNDT عورتن جي يونيورسٽي، MIT جونيئر ڪاليج آف سائنس ائنڊ آرٽس، اڀا صاحب گاروار ڪاليج، DS هوميو پئٿي ميديڪل ڪاليج، مئٽرڪس بزنيس اسڪول جهڙا تعليمي ادارا آهن. پوني ۾ هفتو کن ۽ اهڙا ممبئيءَ ۾ ڏهه ڏينهن کن رهڻ دوران ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر ڏيڻ کان سواءِ ٻين به ڪيترن ننڍن وڏن اسڪولن ڪاليجن کي ڏٺم، انهن جي شاگردن ۽ استادن سان مليس. مون پاڻ به نوڪريءَ جا آخري ويهه سال کن ماستري ڪئي آهي، سو ڪنهن به تعليمي اداري جي ڊسيپلين ۽ تعليمي معيار جي خبر شاگردن جي ڳالهائڻ ٻولهائڻ مان ٿيو وڃي. آءٌ اهو ئي اندازو لڳائي سگهيو آهيان ته هتي انڊيا ۾ تعليمي معيار بيحد مٿاهون آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا انڊين، جيڪي واپار ۽ نوڪرين ڪري ولايت ۾ رهن ٿا، اهي به پنهنجا ٻار انگلينڊ يا آمريڪا ۾ پڙهائڻ بدران هيڏانهن انڊيا پنهنجي وطن موڪلين ٿا، خاص ڪري اسڪول ۽ ڪاليج ليول تائين، جتان هو گهٽ ۾ گهٽ MBBS,B.E ۽ پوسٽ گريجوئيشن تائين پڙهي وٺن، پوءِ ڀلي اعليٰ تعليم يعني Ph.D وغيره لاءِ ٻاهر وڃن. شاگردن جي رهائش لاءِ بيحد سٺو ۽ امن امان وارو انتظام آهي، جنهن ڪري ماءُ پيءُ کي پٺيان فڪر نٿو رهي. اهو ئي سبب آهي جو ڇوڪريون به هاسٽلن ۾ رهيون پيون آهن ۽ هُو شهر ۾ گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪرن ٿيون تڏهن به پاڻ کي محفوظ سمجهن ٿيون. مقامي انڊين ته ڇا ولايت کان آيل ٽوئرسٽ ڇوڪريون به هتي جي کنڊالا، هردوار، ڀيما شنڪر ۽ مهابليشور جهڙن ڳوٺن ۾ اسڪرٽ پايو پيون هلن.
هتي پوني، ممبئي توڙي بڙودا دهلي پاسي، ڪيترائي انگريزن، پارسين ۽ سنڌي هندن جا ٺهيل ناليرا اسڪول ۽ ڪاليج آهن. مثال طور ڪيترائي انگلينڊ جا جهونا ۽ ناليرا اسڪول جيڪي انگريزن انڊيا ۾ به سؤ سال کن اڳ ٺهرايا، انهن جو تعليمي معيار اڄ به اهڙو ئي بلند آهي، بلڪ ڪيترا تعليمي ادارا ته انگلينڊ جي ساڳين نالن وارن ادارن کان به بهتر آهن. اسان وٽ اوچين عمارتن، ٽاءِ وارين يونيفارمن ۽ وڏين فين جو فئشن ته وڌندو پيو وڃي پر تعليم جي معيار تي ڌيان نه پيو ڌريو وڃي. اسان وٽ سٺن ۽ devoted ٽيچرن جي به کوٽ آهي ته ساڳئي وقت ٻارن جي والدين کي بهeducate ڪرڻ جي ضرورت آهي ته هُو به پنهنجن ٻارن تي ڌيان ڏين، رڳو اسڪول جي مِسُن (ٽيچرن) تي نه ڀاڙين. گذريل ڏهن سالن کان اسان جي ملڪ ۾ اهو ٽرينڊ به آيو آهي ته شهرن توڙي ڳوٺن ۾ انگريزي نالن وارا اسڪول پيا کُلن، جيئن ماڻهو سمجهن ته اهي ولايتي اسڪول آهن ۽ پڙهائي سٺي هوندي.
انگريزن جي دور جو هڪ آڳاٽو ڪاليج فرگوسن هتي جي شيواجِي نگر ۾ آهي. جتان، پوني ۾ رهائش دوران، روز لنگهڻ ٿيندو هو. هي ڪاليج به هڪ سؤ سالن کان پراڻو آهي ۽ انڊيا جي ڏهن بهترين ڪاليجن مان هڪ آهي. هي 1885ع ۾ ان وقت جي گورنر سر جيمس فرگوسن جي نگراني هيٺ ٺهيو ۽ ان جي ئي نالي سان مشهور آهي. سر جيمس نالي ڏکڻ آسٽريليا ۾ “جيمس ٽائون” به آهي، جتي هُو 1868ع کان 1873ع تائين گورنر ٿي رهيو. سنڌ جي ميرپور خاص ضلعي ۾ به هن صاحب نالي جيمس آباد نالي شهر هو، جيڪو هاڻ ڪوٽ غلام محمد سڏجي ٿو. پاڻ 1880ع کان 1885ع تائين بمبئيءَ جو گورنر ٿي رهيو، انهن ڏينهن ۾ سنڌ “بمبئي پريزيڊنسيءَ” جو ڄڻ هڪ ضلعو هئي.
سرجيمس فرگوسن اسڪاٽلينڊ جي شهر اينڊنبرگ ۾ 1832ع ۾ ڄائو ۽ رگبي اسڪول ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان تعليم حاصل ڪيائين. هُو ٻه دفعا پارليامينٽ جو ميمبر به ٿي رهيو. ان بعد کيس آسٽريليا جو گورنر بنايو ويو. ان بعد نيوزيلينڊ جو ٿيو ۽ 1880ع ۾ هن کي بمبئيءَ موڪليو ويو. 1885ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ بعد هُو انگلينڊ آيو، جتي هُو وري هڪ دفعو هائوس آف ڪامن ۾ پارليامينٽ جو ميمبر ٿيو. 1907ع ۾ هُو جئميڪا جي شهر ڪنگسٽن ۾ موڪلون ملهائي رهيو هو ته ان وقت جي آيل زلزلي ۾ هُو دٻجي ويو. سر جيمس فرگوسن جو پٽ چارلس ۽ پوٽو برنارڊ فرگوسن پڻ نيوزيلينڊ جا گورنر جنرل ٿيا.
پوني جي هن ڪاليج (فرگوسن ڪاليج) جو افتتاح انگريزي جي مشهور شاعر وليم ورڊس ورٿ جي پوٽي ڪيو، جنهن جو نالو پڻ وليم ورڊس ورٿ هو. پاڻ انهن ڏينهن ۾ بمبئيءَ جي ايلفنسٽن ڪاليج جو پرنسپال هو. 128 سالن جي عرصي ۾ هن پراڻي ڪاليج مان خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا مشهور ماڻهو تعليم حاصل ڪري نڪتا هوندا، جن مان اسان جي هڪ دلپسند اداڪارا سميتا پاٽل به آهي. ڪاليج جي پرنسپال کِلندي ٻڌايو ته سونالي ڪلڪرني، پوجا باترا ۽ منجيري فدنيس به هتان گرئجوئيشن ڪئي آهي ۽ ملڪ جا ٻه سابق وزيراعظم نريشمارائو ۽ وي پي سنگهه به هن ڪاليج ۾ ئي پڙهيا آهن.
“ائين ته جنهن ڪاليج (ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو) مان آءٌ پڙهيو آهيان، ان مان اسان جي ملڪ جو صدر آصف علي زرداري، اسيمبلي جي اسپيڪر فهميده مرزا جو مڙس ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر آثم، لياقت جتوئي ۽ ڊاڪٽر ارباب رحيم به پڙهيا آهن پر جي اسان جي ملڪ جي ڪا ريما، صائمه يا ميرا جهڙي فلمي ائڪٽريس يا شازيا خشڪ، شهنيلا علي، ديبا سحر يا امبر جهڙي ڪا ڳائڻي ان ڪاليج مان پڙهي ها ته مون کي وڌيڪ فخر ٿئي ها.” مون کِلندي کيس چيو.
“ڇو ڀلا؟”پرنسپال صاحب حيرت مان پڇيو.
“ان ڪري جو سياستدان ته ڪڏهن جيلُن ۾ آهن ته ڪڏهن ريلُن ۾! ڪڏهن عوام لاءِ پيارا آهن ته ڪڏهن گارين لائق! پر فنڪار ته هميشه ماڻهن جون دليون جيتين ٿا. هُو پنهنجي فن ذريعي ڏکويل انسانن جي مُنهن تي مُرڪون پکيڙين ٿا.” مون چيو.
“پوءِ سميتا پاٽل سدا سرڳواسڻ هجي، ان ڪهڙيون توهان کي خوشيون پهچايون؟” ڪيمسٽري ڊپارٽمنٽ جي پوڙهي پروفيسر پرساد پڇيو.
“هائو يار! سوال ون ملين ڊالر جو ڪيو اٿانوَ،” مون مرڪندي چيومانس، “سميتا پاٽل جا آرٽ موويز ۾ غمگين ڪردار ڏسي دل کي آٿت ٿيندي هئي، ته هن دنيا ۾ اهڙا انسان به آهن، جن جي ڏکن غمن اڳيان اسان جون تڪليفون ڪجهه به نه آهن ۽ اهو سوچي دل کي راحت رسندي هئي.”
ان رات ممبئيءَ کان پوني اسان ڪاروي روڊ تي اچڻ بعد اهو سڌو وٺي اچي هڪ چوراهي وٽ پهتاسين، جتي ٻن پاسن کان فرگوسن ڪاليج روڊ (جنهن تي مٿي بيان ڪيل فرگوسن ڪاليج آهي) ۽ جنگلي مهاراج روڊ اچيو ٿا ملن ۽ ساڄي پاسي پوني جي ٻي مشهور ندي مُٿا (Mutha) مٿان سمڀاجي پُل آهي. سمڀاجي پُل ٽپڻ بعد اتان ٽي رستا ڦٽن ٿا. لڪشمي روڊ، تلڪ Tilak روڊ ۽ لال بهادر شاستري روڊ، اسان سمڀاجي (Sambhaji) پُل ٽپڻ بعد لڪشمي روڊ تي آياسين، جنهن جي پاسن کان شيواجي روڊ آهي، جتان مهاتما ڦول منڊي وٽان مرزا غالب روڊ به شروع ٿئي ٿو، پر اسان لڪشمي روڊ تي ئي رهياسين، تان جو اچي جواهر لعل نهرو روڊ کان نڪتاسين.
مُٿا نديءَ جنهن مٿان ٺهيل سمڀاجي پل ٽپي اسين لڪشمي روڊ تي آياسين اها پڻ پوني شهر مان وهي ٿي ۽ ٿورو اڳيان هتي جي ٻي ندي مُولا (Mula) سان ملي هڪ ٿيو وڃي ۽ هيءَ “مُولا ــ مُٿا” گڏيل ندي اڳتي هلي ڀيما نديءَ سان وڃيو ملي. اسان وٽ سڄو مدار سنڌو نديءَ تي آهي. ان کي جي ڪو مٿان روڪي ٿو يا وهڪرو گهٽائي ٿو ته سڄي صوبي جو فصل تباهه ٿيو وڃي ٻين اکرن ۾ ايڪانامي کي وڏو ڇيهو رسيو وڃي، پر هيڏانهن انڊيا جي ڪيترن ئي صوبن ۾ بارشون هڪ طرف پون ٿيون ته ٻئي طرف هر صوبي ۾ ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون نديون آهن. رڳو مهاراشٽرا صوبي ۾، جنهن ۾ ممبئي ۽ پوني جهڙا شهر اچيو ٿا وڃن، ويهارو کن نديون آهن. انهن مان هڪ جو نالو ڏهيسر به آهي. ڪجهه ٻيون نديون جن جا نالا ٻڌڻ ۾ آيا ٿي، جهڙوڪ گوداوري، پورنا، ڪنڊالي، واشي شتي، وائن گنگا، اندراوتي، مٺي، اوشيورا وغيره. مٺي ۽ اوشيورا نديون ممبئيءَ مان وهن ٿيون ۽ پووائي ۽ تلسي ڍنڍن کي پاڻي پهچائين ٿيون. جن ڍنڍن مان ممبئيءَ کي پاڻي سپلاءِ ٿئي ٿو. ڏهيسر ندي به ممبئيءَ جي مٿان اتر مان لنگهي ٿي ۽ گورائي ڪريڪ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، جيڪا ڪريڪ عربي سمنڊ ۾ ڇنڊجيو وڃي.