گرانٽ کان ڊو ميڊيڪل ڪاليج تائين
ممبئي موٽڻ تي مئڊم سرلا ناري ڪرپلاڻي سان ملاقات ٿي، هُوءَ به وڏي فخر سان ٻڌائي رهي هئي ته سندس مڙس ڊاڪٽر ناري ۽ پٽ ڊاڪٽر ديپڪ ٻئي ممبئيءَ جي گرانٽ ميديڪل ڪاليج جا گريجوئيٽ آهن. ڊاڪٽر ناري ڪرپلاڻي ٻه سال اڳ 80 ورهين جي ڄمار ۾ گذاري ويو سندس پيءُ ڊاڪٽر منگهن مل حيدرآباد جو مشهور ڊاڪٽر ۽ سرجن ٿي گذريو آهي. پاڻ وڏو قابل ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي ڊاڪٽر هيو، جنهن جي ساک حيدرآباد جا جهونا اڄ به ڏيندا آهن. هن وٽ جن ڊاڪٽرن ڪم سکيو، انهن جي به ماڻهو تعريف ڪن ٿا. ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي جي اوائلي شاگردن مان هالا نوان جو ڊاڪٽر محمد عابد ميمڻ به هڪ آهي. ڊاڪٽر عابد ٻڌايو ته ڊاڪٽر منگهن مل جو پٽ ڊاڪٽر ناري ڪرپلاڻي به هنن سان گڏ ڊو ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي، پر پوءِ ڊاڪٽر ناريءَ کي ممبئيءَ جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ملڻ تي سندس پيءَ ممبئيءَ موڪلي ڇڏيو. پوءِ سگهو ئي هندوستان جو ورهاڱو ٿيو، پر ڊاڪٽر منگهن حيدرآباد ۾ ئي رهيو. هتي اهو به لکندو هلان ته ڊو ميڊيڪل ڪاليج جي ان شروع واري بئچ ۾ ڊاڪٽر محمد عابد ميمڻ وارن سان گڏ لاڙڪاڻي (ڳوٺ وليد) جي ڊاڪٽر مسز اشرف عباسي به هئي. کيس وڏا ٻه ٻار حاجي منور علي عباسي ۽ انجنيئر اختر عباسي ڄاول هئا. ان بعد هن ڊو ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي. جيتوڻيڪ هوءَ ڳوٺ جي هئي، هڪ زميندار جي زال هئي، ته به هن پنهنجي ڪاليج ۾ اول پوزيشن حاصل ڪئي. سندس پٽ اختر عباسي، جيڪو ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ منهنجو ڪلاس ميٽ هو، اهو به پڙهائيءَ ۾ اهڙو ئي هوشيار هو.
هن 1963ع ۾ انٽر سائنس جي امتحان ۾ حيدرآباد جي سنڌ بورڊ (ان وقت سڄي سنڌ لاءِ اهو ئي سيڪنڊري بورڊ آف ايڊيوڪيشن هو) ۾ ٽاپ پوزيشن حاصل ڪئي.
بهرحال هتي پاڻ ممبئيءَ جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن بابت هتي ڪجهه مختصر احوال لکڻ ڪو بي مهل نه ٿيندو.
انگريزن جي اچڻ تائين، ڪٿي هيون يورپي دوائون يا ڊاڪٽر؟ ننڍي کنڊ توڙي اوسي پاسي جي ملڪن ۾ اهي ئي جڙيون ٻوٽيون، يوناني ۽ آيورويدڪ علاج ٿيا ٿي يا سُتي ڦڪيءَ ۽ ٽوڻي ڦيڻي تي ڪم هليو ٿي. برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ وارن انڊيا ۾ رهندڙ پنهنجن گورن (يورپين) جي علاج لاءِ انڊين ميڊيڪل سروس (IMS) 1764ع ۾ ئي قائم ڪئي. بمبئي، ڪلڪتي ۽ مدراس ۾ اسپتالون هيون، جن کي انگريز ڊاڪٽرن هلايو ٿي. 1835ع ۾ ڪلڪتي ۾ پهريون ميڊيڪل ڪاليج “ميڊيڪل ڪاليج بنگال” نالي انگريزن کوليو، جيڪو پوءِ ميڊيڪل ڪاليج ڪلڪتا جي نالي سان سڏيو ويو. انهي ئي سال مدراس ۾ به ميڊيڪل ڪاليج کوليو ويو. پورن ڏهن سالن بعد بمبئيءَ ۾ 1845ع ۾ هي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج کوليو ويو، جنهن لاءِ بمبئيءَ جي گورنر سر رابرٽ گرانٽ وڏي جاکوڙ ڪئي ته مقامي ماڻهو، جن کي انگريز Nativesسڏيندا هئا، اهي يورپي ميڊيڪل سائنس کان واقف ٿين ۽ ڊاڪٽر بڻجن.
سر رابرٽ گرانٽ 1834ع ۾ بمبئيءَ جو گورنر ٿيو ۽ هن پهرئين ڏينهن کان هن ڪاليج قائم ڪرڻ لاءِ هڪ طرف ڪلڪتي جي انگريز حڪومت سان لکپڙهه شروع ڪئي ته ٻئي طرف شهر جي معزز ۽ امير ماڻهن سان صلاح مشورا الڳ شروع ڪيا. سر جمشيتجي جيجي ڀائيءَ اسپتال ٺهڻ لاءِ هڪ لک رپيا ڏنا، جيڪي اڄ جي پنجاهه ڪروڙ رپين کان به مٿي ٿيا. گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج سان اٽيچڊ اها اسپتال جيڪا پارسي سيٺ جمشيتجي جيجي ڀائي جي نالي سان Sir J.J.Hospital سڏجي ٿي اڄ به مشهور آهي. ميڊيڪل ڪاليج ٺهڻ جو اجازت نامو پهچڻ کان هفتو کن اڳ بمبئيءَ جو هي گورنر سر رابرٽ گرانٽ گذاري ويو، پر اڄ تائين اهو ڪاليج سندس نالي سان قائم آهي. سر بارٽل فريئر وانگر سر رابرٽ گرانٽ به بمبئيءَ ۾ مشهور هو، جو هن بمبئيءَ جي سُڌاري ۽ واڌاري لاءِ ۽ عوام جي خدمت لاءِ ڪيترائي اهم ڪم ڪيا. سندس نالي گرانٽ روڊ ريلوي اسٽيشن به آهي. ان اسٽيشن ڏي ايندڙ رستي جو نالو هاڻ گرانٽ بدران مولانا شوڪت علي رکيو ويو آهي.
گرانٽ روڊ ريلوي اسٽيشن، بمبئيءَ جي ڏکڻ واري حصي ۾ آهي، جنهن سان شهر جون ڪيتريون ئي مشهور جايون ڳنڍيل آهن جهڙوڪ: گام ديوي، گرگائون، چوپاٽي، بابل ناٿ، مالابارهل، پيڊر روڊ، نانا چوڪ، چور بازار وغيره.
سررابرٽ گرانٽ 1779ع ۾ انڊيا ۾ ئي ڄائو، جتي سندس پيءُ چارلس گرانٽ “ايسٽ انڊيا ڪمپني” جي ڊائريڪٽرن جو چيئرمين هو. پاڻ 1795ع ۾ ڪئمبرج مان تعليم حاصل ڪئي هئائين ۽ مشهور وڪيل ۽ سياستدان ٿي رهيو. 1832ع ۾ پاڻ جج ائڊوڪيٽ جنرل چونڊيو ويو ۽ 1834ع ۾ بمبئيءَ جو گورنر مقرر ٿيو. جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ممبئيءَ جو هيءُ ميڊيڪل ڪاليج، جنهن لاءِ گورنر گرانٽ وڏي ڪوشش ڪئي، شروع ٿيڻ کان اڳ سندس اوچتو موت ٿي پيو. پاڻ پوني جي ويجهو دپوري (Dapori) شهر ۾ وئڪيشن ملهائي رهيو هو، ته مٿس مرگهي (Cerebral apoplexy)جو حملو ٿيو ۽ گذاري ويو. ڪاليج ٺهڻ تي انڊيا جي مشهور سنسڪرتي اسڪالر جگن ناٿ شنڪر شيٺ حڪومت کي اهو، Proposal ڏنو، ته هن ممبئي واري ميڊيڪل ڪاليج جو نالو گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج رکيو وڃي.
گرانٽ ڪاليج ۾ بنا ڪنهن ذات پات ۽ رنگ ڀيد جي 16 کان 20 سالن جي عمر جي هوشيار ۽ سٺي ڪردار وارن ڇوڪرن جو انٽري ٽيسٽ وٺي کين داخلا ڏني وئي ۽ پهرين بئچ پهرين نومبر 1845ع ۾ شروع ٿي. جيتوڻيڪ انهن ڏينهن ۾ (1843ع) ۾ سنڌ انگريزن جي حوالي ٿي چڪي هئي، پر سنڌ صوبي ڏي انگريزن به ڪو خاص ڌيان نه ڏنو. ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهو ٿا ته سنڌ ۾ پهريون ميڊيڪل ڪاليج “ڊو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي” هڪ سئو سالن کان پوءِ 1946ع ۾ کُليو. هي ڪاليج پهرين ڪجهه سالن لاءِ حيدرآباد ۾ ميڊيڪل اسڪول ٿي رهيو، جنهن کي پوءِ 1941ع ۾ ڊگري ڪاليج جو Status ڏنو ويو. ان بعد 1943ع ۾ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي، جنهن ڊوميڊيڪل ڪاليج جي رٿاپيش ڪئي. هن ڪميٽيءَ ۾ ان وقت جو وزيرِ صحت هرميندس واڌواڻي، سول اسپتالن جو انسپيڪٽر جنرل ڪرنل جي. اي. گري ۽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر اڀيچند پڻ شامل هو. هي ڪاليج ٻن سالن تائين N.J.V اسڪول جي بلڊنگ ۾ هلندو رهيو، ان بعد نومبر 1946ع ۾ اهو، اڄ واري بلڊنگ ۾ شفٽ ٿيو. اهو ئي حال باقي اڄ واري پاڪستان جو هو. البت لاهور ۾ فقط هڪ ميڊيڪل ڪاليج “لاهور ميڊيڪل ڪاليج” جي نالي سان هو، جيڪو 1860ع ۾ ٺهيو، جنهن جو درجو 1911ع تائين اسڪول برابر هو. 21 ڊسمبر 1911ع تي هن کي ڪاليج ۽ ڊگري ڏيڻ جي يونيورسٽيءَ جو درجو ڏنو ويو ۽ سندس نالو “ڪنگ ايڊورڊ ميڊيڪل ڪاليج” رکيو ويو.
اهڙيءَ طرح يونيورسٽين جو حال ڏسجي ته پاڪستان ٿيڻ وقت فقط پنجاب يونيورسٽي لاهور هئي، جيڪا انگريزن ڪلڪتا، مدراس ۽ بامبي يونيورسٽي ٺاهڻ بعد 1882ع ۾ ٺاهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته لاهور جي هيءَ يونيورسٽي تعليم جي اعليٰ ادارن مان هڪ هئي، جنهن سان ورهاڱي تائين موهندار ڪاليج پٽيالا، سينٽ اسٽيفن ڪاليج دهلي ۽ ٻيا ڪيترا انڊيا جا مشهور ڪاليج لاڳاپيل (affliated) هئا. ايشيا جا ٻه مشهور نوبل ايوارڊ يافته ڊاڪٽر هرگوبند خورانا ۽ ڊاڪٽر عبدالسلام هن يونيورسٽيءَ مان پڙهيا. ڊاڪٽر هرگوبند هن يونيورسٽيءَ مان 1943ع ۽ 1945ع ۾ B.Sc ۽M.Sc ڪئي ۽ کيس 1968ع ۾ فزيالاجيءَ ۾ نوبل پرائيز مليو ۽ ڊاڪٽر عبدالسلام 1946ع ۾ هن يونيورسٽيءَ مان مئٿس ۾ M.A ڪئي ۽ کيس 1979ع ۾ فزڪس ۾ نوبل پرائيز مليو.
اسان واري سنڌ يونيورسٽي، پاڪستان جي ٻيو نمبر جهوني يونيورسٽي آهي، جيڪا پاڪستان ٺهڻ (1947ع ) کان 1951ع تائين ڪراچيءَ ۾ رهي، جتي هن جو ڪم فقط امتحان وٺڻ هو. 1951ع ۾ حيدرآباد ۾ شفٽ ٿيڻ بعد هُوءَ هڪ مڪمل يونيورسٽيءَ وانگر ڪم ڪرڻ لڳي. ان بعد سندس سائنس جي فئڪلٽي 1961ع ۾ ڄامشوري واري نئين ڪئمپس ۾ شفٽ ٿي ۽ پوءِ 1970ع ۾ باقي ڊپارٽمينٽ به اوڏانهن شفٽ ٿي ويا.
انڊيا جي بامبي يونيورسٽي، اسان جي سنڌ يونيورسٽيءَ کان تقريباً هڪ سئو سال اڳ 1857ع ۾ وجود ۾ آئي. 1860ع ۾ گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٻيا ٽي ڪاليج (ايلفنسٽن ڪاليج، ڊيڪن ڪاليج ۽ گورنمنٽ لا ڪاليج، ممبئي) بامبي يونيورسٽيءَ طرفان recognize ڪيا ويا. گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج طرفان ڏني ويل G.G.M.C (گرئجوئيٽ آف گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج) ڊگري بدران بامبي يونيورسٽي L.M (لائسنس آف ميڊيسن) ڏيڻ لڳي، جنهن بعد L.M.&S. (يعني لائسنس آف ميڊيسن ائنڊ سرجري) ڊگري ڏيڻ لڳي ۽ پوءِ آخرڪار MBBS ڊگري (بيچلر آف ميڊيسن ۽ بيچلر آف سرجري) ٿي.
پهرين جنگِ عظيم کان پوءِ گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج بمبئيءَ ۾ شاگردن جو تعداد تمام گهڻو ٿيڻ لڳو، جنهن سان گڏ Sir J. J. هاسپيٽل ۾ سهولتون به وڌايون ويون اُن لاءِ سر جمشيت جي جيجي ڀائي (Sir Jamsetjee Jeejebhoy) جي ٽرسٽ طرفان وڏو چندو (donations) ڏنا ويا. 1892ع ۾ جي جي اسپتال ۾ جيڪو زنانو وارڊ ٺاهيو ويو، ان جو نالو پارسي وارڊ رکيو ويو، جو جمشيتجي پارسي هو. 1866ع ۾ بمبئيءَ جي هڪ ٻئي امير واپاري پارسيءَ “سر ڪواسجي جهانگير” جي طرفان ڏنل چندي مان اکين جي اسپتال ٺهرائي وئي. گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ۾ دائين ۽ نرسين جي پڙهائيءَ جي کوٽ هئي، سو انهن جي تعليم ۽ پرئڪٽس لاءِ موتلي بائي ۽ ڪاما البيلس اسپتال گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج سان 1923ع ۾ ملائي وئي. 1958ع ۾ GMC (گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج) ۽ J.J.H. (جمشيتجي جيجي ڀائي هاسپيٽل) جون عمارتون ڊاهي ست ماڙ بلڊنگ اڏي وئي. اڄ اها بائڪلا (Byculla) ۾ 44 ايڪڙن تي آهي، جنهن ۾ گهڙڻ لاءِ 14 دروازا آهن.
ممبئيءَ جي مشهور پيڊر روڊ تان ايندي ويندي ڊاڪٽر ديش مُک مارگ (روڊ) وٽ هڪ اتاهين عمارت جسلوڪ هاسپيٽل نظر اچي ٿي. هن اسپتال لاءِ ممبئيءَ جي هڪ سنڌي سيٺ لوڪومل پئسا ڏنا، پر ٺهرائڻ جو ڪم ڊاڪٽر شانتي لال مهتا جي حوالي ڪيو ويو هو، جيڪو گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج جو گرئجوئيٽ ۽ پهريون انڊين گولڊ ميڊلسٽ آهي. هن اسپتال جو نالو جسلوڪ سيٺ لوڪومل ۽ سندس زال جسوتي ٻائيءَ جي نالن تان ورتل آهي. هن اسپتال جو افتتاح 6 جولاءِ 1973ع تي اندرا گانڌيءَ (ملڪ جي وزير اعظم) ڪيو.