شاعري

آلا نيڻ آڪاش جا

. هي ڪتاب ”آلا نيڻ آڪاش جا“ نئين ٽهي جي خوبصورت شاعر وسيم آڪاش سيتائيءَ جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو آهي. ان کان اڳ سندس شاعريءَ جي پهرين مجموعي’’هوائن ڇير ڇمڪائي‘‘ جي ادبي حلقن ۾ خوبصورت پذيرائي ٿي.
Title Cover of book آلا نيڻ آڪاش جا

مُهاڳ

ڇيت آڪاش کي لڳي دل ۾

رابرٽ فراسٽ (1874_1963ع) چيو هو، ’’ڪهاڻي لکڻ وقت جيڪڏهن ليکڪ جي اکين ۾ ڳوڙها نه آهن ته پڙهڻ واري جي اکين ۾ به ڪو نه هوندا‘‘، اها ساڳي ڳالهه نه رڳو ڪهاڻيڪار سان بلڪه هڪ شاعر سان به لاڳو آهي، جيڪڏهن ڪنهن شاعر اکين ۾ آب آڻي سٽون نه سرجيون آهن ته پوءِ هُو پڙهندڙ جي به اکين ۾ ڳوڙها نه آڻي سگهندو،
شاعر زندگيءَ جا سمورا دُک درد ڀوڳي ٿو، هڪ عام انسان وانگر هو به ان ئي معاشري جو فرد آهي، جيڪو انسان سوز ۽ اذيت ناڪ آهي، ان ڪري لازمن هُــو هڪ درد ۽ ڪرب جي ڪيفيت مان گذري ٿو، پنهنجو مُشاهدو ۽ تجربو بيان ڪري ٿو، زماني جي سفاڪين کي سامهون آڻي ٿو، لکڻ وقت به هُن جي حساس دل خون جا ڳوڙها ڳاڙي ٿي، هُن کي جو زماني ڏنو آهي، اُهو ئي لفظن جي روپ ۾ موٽائي ٿو، ان ڳالهه کي ساحر لڌيانوي هن سٽن ۾ سميٽيو آهي،
دنيا نے تجربات و حوادث کي شکل ميں،
جو کچھ مجھ ديا ہے وه لوٹا رها هوں میں۔
اها ساڳي ڳالهه هڪ فارسي شاعر به ساڳي انداز سان بيان ڪئي آهي،
ازبرون لب ندانم چه شود، ليک آگهم،
کزتهه دل تالبم افسانه درخون مي رود.

جنهنجو مطلب اهو آهي ته ’’جو به سخن منهنجي چپڙن کان ٻاهر اچي ٿو، ان لاءِ نه ٿو ڄاڻان ته ڇاهي، فقط ايتري خبر پوي ٿي ته دِل جي عميق گهرائين مان منهنجي چپڙن تائين جيڪا ماجرا اچي ٿي، سا منهنجو ڪليجو چيري رت سان رڱجي ٻاهر نڪري ٿي.‘‘
شاعر شعر چوڻ وقت جنهن پيڙا مان گذري ٿو، ان ڪيفيت کي مٿئين شعر بلڪل چٽو ۽ واضح ڪري بيهاريو آهي، شاعر معاشري جي عام ماڻهو کان وڌيڪ حساس فرد آهي، ان جي حساسيت ئي ان جي ڀوڳنا جو سبب آهي ته هُو پنهنجي دُک درد سان گڏ پراوا دُک درد به ڀوڳي ٿو، پراوا ڳوڙها به پنهنجي ڳلي تي کڻي ٿو، شاعر جي ذهن ۾ جيسين تجربن ۽ مشاهدن جا طوفان نه ٿا اُڀرن جيسين پورن ۽ پيڙائن، غمن ۽ گوندرن جون آنڌيون نه ٿيون گُهلن، تيسين هُو درد ناڪ ۽ دلين کي جهوريندڙ گيت، غزل جوڙي نه ٿو سگهي، بقول شيخ اياز جي ته،


جنهن وقت گَهٽا ڪا گرجي ٿي،
ان وقت ئي موتي سپجن ٿا.


شاعر حالتن کان متاثر ٿي سوچن جا صليب کڻي مفهوم ۽ فحزون بڻجي تڙپي تڙپي پنهنجي اندر جي ڳالهه ڳوڙهن جي ڇانءَ ۾ ڪري ٿو، تڏهن ته ان جي لفظن ۾ جان پوي ٿي ۽ متاثر ڪندڙ هجن ٿا،
وسيم آڪاش پاڻ به چوي ٿو ته،


گيت سرجن ٿا رت ولوڙڻ سان،
شاعريءَ لئه گيان ٿو گُهرجي.

شاعر کان جيڪڏهن سموريون شيون کَسي، کيس هر ڳالهه کان محروم، بيوس، بيڪس ۽ لاچار ڪيو وڃي ته هڪ شيءِ هُن وٽ باقي رهجي وڃي ٿي، اُها آهي ’’آئينو‘‘ جيڪو عام آئيني کان بنهه عجيب ۽ مختلف آهي، ان آئيني ۾ موجوده معاشري جا سمورا جهول، اوگڻ، اوڻائيون، بدصورتيون ۽ بي اعتداليون هجن ٿيون، آئيني ۾ اُهو نظر ايندڙ معاشرو، ڪيترو انسان سوز، اذيت ناڪ، پورهيت دشمن هجي ٿو، ۽ عام انسانن جي حقن جو غاصب آهي، سڄو سارو بي نقاب ٿي سامهون بيهي ٿو، ان معاشري ۾ ڪيتري وحشت ۽ بربريت آهي، ان معاشري کي قائم رکندڙ قوتون ڪيتريون بي رحم ۽ بي درد آهن، انسانذات جي دُکن دردن پيڙائن ۾ اضافو آڻڻ ۾ ڪيتريون اڳ کان اڳڀريون بڻيون بيٺيون آهن، سو سڀ چٽي طرح نظر اچي ٿو.
وسيم آڪاش سيتائي وٽ به اهو آئينو آهي جنهن ۾ سماج جو سڄو سارو بدنما چهرو ظاهر نظر اچي ٿو، هو ڪيترو سفاڪين سان ڀريل آهي، وسيم آڪاش وٽ جو تخليقي ’’ آئينو‘‘ آهي، ان ۾ اسان جي معاشري جو هڪ زاويو ته مٿئين نظم ۾ جيڪو هُن ’’روشنيءَ جو بدن‘‘ جي عنوان سان لکيو آهي، اچي ٿو وڃي، پر سندس آئيني ۾ اهڙا کوڙ سارا زاويا ۽ اولڙا آهن، هن پنهنجي آس پاس جي حالتن کي تمام ويجهو ٿي وڃي ڏٺو آهي، معاشري جا سمورا ڀيانڪ ۽ بڇڙا روپ هن پنهنجي تخليقي آئيني ۾ عڪس بند ڪيا آهن، جنهن مان پتو پوي ٿو ته هُن شاعري کي فقط قافيه رديف جي راند ناهي سمجهيو، مگر هڪ حقيقت پسند ٿي پنهنجي اندر جي سموري محسوسات کي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيو آهي، هي به هُن جي جذبي، جاکوڙ، ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ ذهني ولوڙ جي ترجماني ڪندڙ سٽون آهن، جيڪي پڙهندڙن کي سمجهڻ ۽ سوچڻ تي مجبور ڪن ٿيون. غزلن مان چند سٽون:

ڄڻ پيو قتل گاھَ ۾ گهاريان،
امن جو ڪو نشان ٿو گُهرجي.
پيار انسانيت سان آ پنهنجو،
ڪو وڏيرو نه خان ٿو گُهرجي.
_
چاهتن جا گُلاب بستيءَ مان،
وقتَ پاڙئون پَٽي ڇڏيا آهن.
بيوسين حوصلا حياتيءَ جا،
باز وانگر جَهٽي ڇڏيا آهن.
_
نه جنهن ۾ تازگي آهي،
اُها ڇا زندگي آهي.
ٽنگي سڀ ٽياس تي جذبا،
ڪئي مون خودڪشي آهي.
_
گُهٽ جو گهر تي ڪڙو آهي چڙهيل،
موت جو ٿر تي ڪڙو آهي چڙهيل.
ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي پڙلاءَ جو،
امن جي تر تي ڪڙو آهي چڙهيل.
_
چچري ويو تمدن جو وجود ڪو،
تهذيب جو به سِر، ڌڙ کان لٿل هُيو.
ڇاڇا عذاب ڀوڳي ڀونءِ ٿي پئي،
ڇالاءِ سنڌڙيءَ جو تر تتل هُيو.
_
لفظ تڙپن ٿا سوچ جي رڻ ۾،
شاعريءَ جو بدن رهيو گهائل.
ٽياس تي هون ٽنگيل تمنائون،
زندگيءَ جو بدن رهيو گهائل.
ڇيت آڪاش کي لڳي دل ۾،
عاشقيءَ جو بدن رهيو گهائل.
_
وسيم آڪاش سيتائي طبعن حساس ۽ انسان دوست آهي، ان ڪري اُن جي شاعري مختلف شعري حالتن ۽ صنفن ۾ اندروني احساسن، زماني جي تلخين ۽ دُکن جي ترجمان آهي، سندس انداز بيان به خوبصورت، نرالو، منفرد، پرسوز ۽ دلنشين آهي، وٽس ڳالهه ڪرڻ جو ڏانءُ آهي، سندس ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وارا خيال به ڌرتيءَ سان سچي محبت واري جذبي ۽ رنگ ۾ رنگيل آهن، وسيم آڪاش پنهنجي شاعريءَ ۾ خوبصورت تشبيهن ۽ ترڪيبن کان به ڪم ورتو آهي، جئين بحرمخفف_ خفيف ( فاعلاتن مفاعلن فعلن ) ۾ چيل غزلن جون هي معنيٰ خيز سٽون؛
دوست ئي راھَ ۾ رکي پٿر،
تهمتن جا هڻي ويا نشتر.
_
منهنجي تدفين ٿي، هليا وِيا هو،
قل پڙهي، گُل رکي. هليا وِيا هو.
_
ڇو نصيبن جي ريگذارن ۾،
پنهنجي رولاڪين کي روليان ٿو.
_
زندگاني خزان جي موسم آ،
عمر سان گڏ ڇڻي ويو ڪوئي.
_
پنهنجي وجداني ڪيفيت اندر،
مون خدا کي ڏسي ڇڏيو آهي.
_
شاعريءَ جي نفيس چولي تي،
ڀرت فڪري ڀرڻ سِکون ٿا پيا.
_
ماڻهپي کي ڪُهي ويا ماڻهو،
شهر ويران ٿي پيوآهيان.

’’تهمتن جا نشتر‘‘، ’’نصيبن جا ريگذار‘‘، ’’عمر سان گڏ ڇڻڻ‘‘، ’’شاعريءَ جو نفيس چولو‘‘، ’’فڪري ڀرت ڀرڻ‘‘، ’’ماڻهپي کي ڪهڻ‘‘ جهڙا تشبيهي ۽ ترڪيبي اجزا هن جي شاعريءَ ۾ هر هنڌ پکڙيل آهن،
سيتاروڊ جي هن سهڻي، سيبتي، شانائتي، مانائتي شاعر جو ڪلاکيتر ۾ پنهنجي پهرين پورهئي ’’هوائن ڇير ڇمڪائي‘‘ کان پوءِ ٻيو پورهيو ’’آلا نيڻ آڪاش جا‘‘ نهايت ئي نيڪ فال ۽ سڀاويڪ آهي.
شاعر جو ايترو تيزيءَ سان لکڻ سان پنهنجو پاڻ تي اڻ سُهائيندڙ اثر ضرور پوندو آهي، ۽ ساڳي وقت هو غير معياري ۽ عاميانه شاعري جو شڪار ٿيندو ويندو آهي، پر مون کي ائين نه ٿو لڳي ته ڪٿي وسيم آڪاش جي شاعري ڌَڪي آهي يا مُڏي ٿي آهي، سندس هي مجموعو به معياري تخليق جو ئي غماز آهي.
لازمن سندس آس پاس جا شاعر وسيم تي رشڪ کائيندا ته هو ادب ۾ ايتريون تيز ٻرانگهون ڪئين ۽ ڇو ٿو پائي، پر اهو سڀ وسيم جي پنهنجي محنت، مشق آزمائي، فهم ۽ ادراڪ تي ٻَـڌل آهي، جنهن تي اُنهن کي ايترو سوچڻ نه کپي، وسيم آڪاش جي شاعري شعريت، غزليت، معنويت سان گڏ موسيقيت جي مٺاس سان همڪنار آهي، عين ممڪن آهي ته هو پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان پنهنجي انفراديت ضرور اُجاگر ڪري وٺندو، ڇو ته هُن ۾ پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان گڏ عصري تقاضائن ۽ زميني حقيقتن کي سمجهڻ جو ڀرپور شعور آهي، سندس بي چين ڪيفيت ۽ سيمابي طبيعت، عاشقانه انداز فڪر واري صلاحيت کيس گهڻو ڪجهه ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ اُتساهيندي ۽ اُڀاريندي رهي ٿي.

عشق تعمير ٿو شعور ڪري،
عشق رهبر ۽ رهنما آهي.
اڻ ڳڻين آزمائشن جي حد،
وقت جيڏي اڃا ڊگهي آهي.

فصيح ۽ سليس زبان، عاشقانه سوز و گداز ۽ جذبي جي شدت هن کي پنهنجي معاصر شاعرن ۾ منفرد مقام ڏيڻ جي ضامن آهي، لفظن جي شيريني، خوبصورتي، فڪري بيباڪي کيس مانوارو مقام بخشي رهي آهي، وسيم پاڻ کي قابل، مهربان، مانائتن ۽ صاحب طرز شاعرن جي درميان رکي وٽانئن هميشه پرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان کان علاوه هو پنهنجن همعصر دوست شاعرن جيڪي پڻ نئين فڪر ۽ اسلوب سان واڳيل آهن، جي محفلن جو روح روان آهي، جن جي صحبت سندس قلم ۽ ڪلا کي متحرڪ رکندي پئي اچي.
فن ۽ فڪر جا ڇيڙا ملائيندڙ هي باذوق ۽ بافهم شاعر پامردي سان تخليقي سفر طئه ڪري رهيو آهي، شاعريءَ جي نون روايتن جو بغور مطالعو ڪندڙ ۽ حالتن جو گَهرو مشاهدو ڪندڙ پنهنجي هن ڳوٺائي شاعر سان منهنجون ڪي ئي اُميدون ۽ نيڪ خواهشون وابسته آهن. ’’سيتا‘‘ جي مٽيءَ جو خمير هونءِ به عالماڻو ۽ شاعراڻو آهي، ان ڪري وسيم آڪاش سيتائي هڪ ڏينهن ضرور سنڌي شاعريءَ جو آڪاش ٿي ڏيکاريندو.

بشير سيتائي
15.06.2015