شاعري

آلا نيڻ آڪاش جا

. هي ڪتاب ”آلا نيڻ آڪاش جا“ نئين ٽهي جي خوبصورت شاعر وسيم آڪاش سيتائيءَ جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو آهي. ان کان اڳ سندس شاعريءَ جي پهرين مجموعي’’هوائن ڇير ڇمڪائي‘‘ جي ادبي حلقن ۾ خوبصورت پذيرائي ٿي.
Title Cover of book آلا نيڻ آڪاش جا

احساسن جا وهڪرا

احساسن جا وهڪرا خيالن جي تيز ڌارائن ۾ شامل ٿي، جڏهن اظهار جي خوبصورت سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن ٿا، ته جهومانيندڙ رچنائن جا موتي، لفظن جي صورت اختيار ڪري ، ڪاغذي اڀ تي خوبصورت پکين ۽ پوپٽن جيئن اڏامندا محسوس ٿيڻ لڳندا آهن. لکڻين جا اهڙا نقش نگار ئي معياري تخليق جي ضمانت هجن ٿا. تخيل جي پيوند ڪاريءَ لاءِ گهربل ادبي احساس منجهان ڦٽي نڪتل، اسم ئي ٻوليءَ جي ارتقا ۽ سونهن توڙي سوڀيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. بي ڊولي تخليق ٻوليءَ جي خدمت نه بلڪه ٻوليءَ سان دشمنيءَ جي مترادف آهي. ننگن احساسن کي تخليقي ۽ ادبي لباس اوڍائڻ جو نالو ئي ادب آهي. جذبن جي اٿاهه ساگر کي ڪنهن اصولي سٽاءُ ۾ پابند ڪرڻ کي ئي شاعراڻي ڪاريگري ۽ فن جو ڪمال چئبو آهي . نه ته هوند ڍڳ ڪتابن جا غير معياري تحريرن سان ڀريا پيا آهن. پر انهن جو ڪو به تخليقي، ادبي ۽ سماجي ڪارج سامهون نه اچي سگهيو آهي. روح جي پاتال منجهان نڪتل لفظ ، جڏهن فني ۽ فڪري اوچائين کي ڇهڻ لڳندا آهن ، ته ڪنهن به ٻوليءَ جو ادب انهن تخليقن تي ناز ڪرڻ لڳندو آهي. ۽ پوءِ اهي فطري احساس پنهنجي جڳهه پاڻ ٺاهيندا آهن. انهن احساسن کي مڃتا جي ڌارائن ۾ شموليت اختيار ڪرڻ کان ڪوبه روڪي ڪونه سگهندو آهي. هر اها تخليق جيڪا معياري مواد ۽ مٿڀرو تخيل نه ٿي آڇي، سا پاڻمرادو ئي پنهنجي انت ڏانهن ڪهي ٿي وڃي. هر اهو سٽاءُ جيڪو اصولي گهاڙيٽن جي لتاڙ جو مرتڪب بڻجي ٿو ، سو گهڻي دير جيئرو نه ٿو رهي سگهي. سدا حيات تخيل لاءِ سدا حيات اصولي گهاڙيٽن جي پوئواري تمام ضروري آهي.
منهنجي ان ذاتي راءِ سان ڀلي ڪو سهمت نه به هجي ، پر منهنجي نظر ۾ سٺو شاعر فقط اهو ئي آهي جيڪو فڪر کي فن جي سراڻ تي چاڙهڻ جو ڏانءُ ڄاڻڻ کان وٺي ، مختلف هيئيتي تجربن تائين پنهنجي داخلي ڦهلاءُ منجهان، تخليق جون نت نئيون ڪائناتون جوڙڻ جو ، فني ڍنگ به بخوبي ڄاڻندو هجي. ان جا ليک سماجي ۽ علائقائي بناوتن جي حدبنديءَ کان ٻاهر ۽ بنهه اوپرا به نه هجن . فڪر پنهنجي ئي مٽيءَ منجهان ، اهڙو ته ڳوهجي جو سموري دنيا ان کي پنهنجي ويجهو محسوس ڪري .
سيتا نگريءَ جو نوجوان سرجڻهار وسيم آڪاش سيتائي به سنڌ جي ادبي حلقن ۾ پنهنجي نانءُ ۽ پنهنجي مخصوص تخليق سان سڃاتو ويندڙ اهو شاعر آهي ، جنهن پنهنجي چنڊ نما تحريرن ، فڪر ۽ فن ذريعي سنڌي شاعريءَ جي وسيع ڪئنواس تي گهري ڇاپ ڇڏي آهي . علم عروض جو هي بهترين ڄاڻو شاعر غزل ، وائي ، نظم ، بيت ۽ ٻين ڪيترين ئي ، معروف توڙي غير معروف صنفن جي بنيادي گهرجن کان بخوبي واقف آهي ، عروض جي بنيادي معلومات کان ويندي ، ان جي مڪمل رچاءُ تائين پهچ رکندڙ هن صاحبِ ادراڪ تخليقڪار وٽ آوازن جي ادائگي جو علم ، وزن ، بحر ، تقطيع ، جزياتي ترڪيبون ، مستعمل ۽ غير مستعمل بحر جي تفريق ، زحاف ۽ ان جا اصول ، قافيا ، قافين جا شرط ۽ قافين جا عيب ، رديف جو جاندار استعمال ۽ ان سان نڀاءَ جون علمي حجتون ، مطلب ته شاعريءَ جي علم سان لاڳاپيل گونان گون معلومات تعريف جي حد تائين ججهي مقدار ۾ آهي .
وسيم آڪاش انهن ٿورن شاعرن منجهان هڪ آهي ، جيڪي ڪنهن به بحر ۾ رهِي ان کي مترنم انداز سان ڀرپور نموني نڀائي ڄاڻن . هر بحر جا ڪيترائي اوزان اهڙا آهن جن کان اڄ جو تخليقڪار ايئن ووُن وڃي ٿو جيئن ڪانءُ ڪمان کان ، پر وسيم آڪاش اهي اهنجا وزن کڻي ، انهن تي ڀرپور طبع آزمائي ڪري ، فني پختگيءَ جي حوالي سان پڻ ، پاڻ کي لاتعداد شاعرن کان الڳ ڪري ورتو آهي . مرضيءَ جو وزن کڻي ان ۾ بيپناهه ترنم ۽ رواني پيدا ڪرڻ وسيم آڪاش جي شاعراڻي هنر ۽ ڪمال جا خوبصورت مثال آهن . جيئن هيٺ هُن بحر مضارع (مسدس) جي وزن : مفعول فاعلات مفاعيل فاعلن تي ڪيڏي نه ڪمال جي مترنم خيال آرائي ڪئي آهي .
مون کان پري نه ٿيءُ، حياتي آ بي بقا،
وکريل وجود ڪير سهيڙيندو تو سوا.
اهڙي طرح وسيم مشڪل کان مشڪل تر بحر ۽ وزن کڻي ، فني طور تي اڳتي وڌندو نظر اچي ٿو. فني طور تي هڪڙي هنڌ بيهي وڃڻ کي موت سمجهندي ، هُو منفرد سٽاءُ جي جستجو ۾ سرگردان رهي ٿو . ۽ پوءِ بحر رمل ( مسدس) جي اهڙي ڏکيي وزن : فاعلاتن فعِلاتن فعلن تي به هيٺيون خوبصورت غزل سرجي ٿو وٺي.
زندگي پنهنجي فنا ڪير ڪري،
عشق جو سجدو قضا ڪير ڪري.
مختلف بحر ۽ وزن تي آڌاريل اهڙيون ڪيتريون ئي لکڻيون وسيم آڪاش جي هن خوبصورت مجموعي توڙي هن کان اڳ ۾ ڇپيل شاعريءَ جي ڪتاب ”هوائن ڇيرڇمڪائي“ ۾ پڙهي سگهجن ٿيون . وسيم آڪاش توري تڪي لکندڙ هڪ با شعور سرجڻهار آهي . اختصار مان ڪم وٺندي هتي رڳو وسيم آڪاش جي ٻن اسمن کي فني پختگيءَ جي مثال طور کنيو آهي . نه ته هوند وسيم آڪاش جي سموري شاعريءَ جو جيڪڏهن مفصل فني تجزيو ڪبو ته وسيم آڪاش هلندڙ ٽهيءَ جو نمائنده شاعر ٿي سامهون ايندو ۽ بلاشبه وسيم آڪاش هلندڙ وقت جي ڏات ڌڻين ۾ هڪ سٺي ادبي ساک رکندڙ ۽ تمام گهڻو سگهارو شاعر آهي .

تاريخ جي پنن تي هئا داغ خون جا،
جيئن رات ڪا اماس جي ، ايئن سنڌ جي ڪٿا.

سنڌ ڌرتيءَ سان لاڳاپيل اذيتن جي طويل ڪٿا کي ، احساساتي انداز سان شعر جي محدود ايراضيءَ ۾ وسعتن سان اوتڻ ، سواءِ حب الوطنيءَ ۽ قومي شعور سان گهري وابستگيءَ جي ناممڪن آهي . ديس سان ٿيندڙ انياءُ جا پيرا هر دور انديش ڪويءَ پنهنجي پنهنجي انداز سان کنيا آهن . جيڪي فطري طور تي جذباتيت تي ئي آڌاريل آهن . پر اهي اظهار جن ۾ اتهاسي هڳاءُ ۽ اتساهڪ حقيقت نگاريءَ جا جز شامل رهيا آهن ، سي پويان ايندڙن لاءِ مشعلِ راهه جي حيثيت رکندڙ رهيا آهن . وسيم آڪاش به اهڙا اتهاسي شعر تخليق ڪري جهڙوڪر ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جو قومي قرض لاهڻ جي ڪوشش ڪئي هجي .
عربن جي دؤر شور لتاڙيو جو ديس کي،
ڏاهر جي پاڪ سنڌ جا اڊڙي بَکيا وَيا.
تاريخ جي حساس ترين واقعن کي منظوم انداز سان پيش ڪرڻ تمام ڏکيو عمل هجي ٿو ، ان لاءِ تحقيقي اک ڌارڻي ٿي پوي ۽ ان دؤر جي معروضيت ۾ اوناهين تائين گهڙڻو ٿو پوي ، مطالعاتي ۽ مشاهداتي طرز سان ڳالهه کي بيان ڪرڻو ٿو پوي ، وسيم آڪاش ماضيءَ جي حقائق ۾ لهِي ، جنهن فهم ۽ ادراڪ سان قومي وحدت مٿان ٿيندڙ تاريخي هلان کي چٽيو آهي ، ان لاءِ وسيم آڪاش جس لهڻي . هر باشعور فرد مٿان مادرِ وطن جون عائد ٿيندڙ قومي ذميواريون ان کي اکيون ٻوٽي آرامي ٿيڻ نه ٿيون ڏين . ايئن وسيم آڪاش به پاڻ مٿان لاڳو ٿيندڙ قومي ذميوارين کي پنهنجي شاعريءَ ۾ نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي .
دل چاهي ٿي ته وسيم آڪاش سيتائي جي هر تخليقي پهلوءَ تي دل کولي ڳالهائجي ، ان جي فڪري اڏام تي الڳ سان روشنيءَ وجهجي ، ان جي تخليقي روش ۽ اسلوب کان ويندي ، مبهم ۽ غير مبهم فني لوازمات تي خوب لکجي ، پر تاثراتي صفحن جي گنجائش موجب ايترو ئي ممڪن آهي . ڇاڪاڻ ته وسيم آڪاش جو خوبصورت تخيل رڳو مٿي ڏنل مختصر جائزن تائين محدود ناهي . هن جي خيالن ۾ فڪري همه گيريت جا ڪيترائي عڪس موجود آهن .


جميل سومرو
ڏهرڪي