غلامي عيد جي پرھَ، ننڊ مان اُٿي، شبنمي لباس پهري، فطرتي رنگن سان، پاڻ سنواري آئي آ، پوري ماحول جي طبيعت، ننڍڙي ٻار جئان ٿي پئي آهي، خوش مزاج، کيچلي، ۽ مُرڪن سان مهڪندڙ، پر مون ۾، منهنجي سنڌ جي، غلاميءَ جو احساس، تڙپي رهيو آهي.