ٽيڙو جيون جو هي جهول، خالي خالي ٿو لڳي، پينوءَ جو ڪشڪول. سُپرين جي ڄڻ سارَ، لٽڪي پئي آ ڪنڌ تي، تيز تکي تلوارَ. ڪنڊا ڪنڊا راھَ، هاري ۽ مزدور جو، مستقبل اونداھَ. منهنجي زارو زار، پيرَ سنڀالي کڻ مٺا، ماڻهو ٿئي گِرنار.