سُڏڪن جا پڙڏا
زندگيءَ جي ڪَنن جا،
پردا ڦاڙي ڇڏيا آهن،
روح ۾ بي سُڪونيءَ جو،
عالم برپا آهي،
ماڻهن جي ريگذارن ۾ هلندي،
احساسن جا پيرَ،
ڦٽجي پيا آهن،
نفرتن پنهنجائپ جون،
نخون ويڙهي ڇڏيون آهن،
۽ دلين جا پڌرا پَٽَ،
انائن جي اُسُن ۾،
سڙي رهيا آهن،
چاهتن جي ڳچيءَ ۾،
مجبورين جا ڳَٽَ،
۽ حسرتن جي پيرن ۾،
مفلسيءَ جا زنجيرَ آهن،
زمين کان عرش تائين،
جنم وٺندڙ انيڪ،
وارتائن جون وُسعتون کڻي،
مان ازل ۽ ابد جي،
وچ واري صليب تي،
ٽنگيو پيو آهيان،
سماج جي چهري تي،
ذلتن جي آميزشين جو،
نقاب چڙهيل آهي،
هوا جي نَڪَ ۾،
ناڪيلي آهي،
حقن جي سُرٻاٽن تي،
ڪرفيو چڙهيل آهي،
سدا بهار آدرش،
بُکَ جي باھَ ۾،
سڙي خاڪ ٿي ويا آهن،
حوصلا مايوسي جي مونن ۾،
مُنهن هنيو ويٺا آهن،
۽ منهنجن ساهن ۾ مسلسل،
سُڏڪن جا پڙاڏا،
ٻُرندا رهن ٿا.