پنهنجي پاران:
مون کي سڀ کان وڌيڪ مشڪل ڪم پنهنجي لاءِ ٻه اکر لکڻ لڳندا آهن، مان هميشه پنهنجو پاڻ سان مخاطب ٿيندي ئي مُنجهي پوندو آهيان، مون پاڻ سان پنهنجي عمر جو سمورو وقت گڏ گذاريو آهي، ۽ ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته مان پاڻ کي پاڻ ئي درد ڏيندو آهيان، گهاءَ ڏيندو آهيان ۽ پاڻ ئي پنهنجو مَسيحا هوندو آهيان، جڏهن به مون تي دردن ۽ پيڙائن جي رات لهندي آهي ته، اڪيلائي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري اذيتن جي تيز ڌار ڇُريءَ سان منهنجي روح کي ڇيهون ڇيهون ڪري ڇڏيندي آهي، ۽ منهنجو وجود لَهو لَهو ٿي پوندو آهي، تڏهن مان ڏاڍو اداس ٿي ويندو آهيان، پريشان ٿي ويندو آهيان، ۽ ائين ئي پنهنجي حصي جي ڀوڳنائن جا بَرَ جهاڳيندو رهندو آهيان.
شاعريءَ جي پناھَ منهنجي نراس من جي چپن تي مُرڪون پکيڙيون آهن، شاعريءَ منهنجن بي نانءُ اُڌمن ۽ احساسن کي نانءُ ڏنو آهي، شاعريءَ منهنجي دل، جسم، روح ۽ وجود جي زخمن تي آٿتن جا پَها رکيا آهن، ۽ شاعريءَ ئي مون کي پنهنجي لوازمات مان ڄڻيو آهي، هي منهنجو ٻيو جنم آهي، ۽ منهنجي نئين جنم کي فطرت جيڪا به ڏات ڏني آهي، سا مون به اُن کان اکين سان ورتي آهي،
منهنجو پهريون شاعري مجموعو ’’هوائن ڇير ڇمڪائي‘‘ سال 2014ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپجي پڌرو ٿيو، جنهن کانپوءِ سيتاروڊ جي سرجڻهارن جو گڏيل شاعري جو مجموعو ’’ڏهر منجهه ڏيئا‘‘ مرتب ڪيو، جيڪو سال 2015ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ سيتاروڊ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو، ۽ هاڻي سال 2016ع ۾ منهنجن ڪچن ڦڪن شعرن جو جھڳٽو ’’آلا نيڻ آڪاش جا‘‘ اوهان پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي، منهنجا خيال، احساس، جذبا، اُڌما، ۽ منهنجون ڀوڳنائون اوهان جي نظر آهن.
شاعري سڄي عمر جي رياضت آهي، ۽ منهنجي شاعري منهنجو ’’مافي الضمير‘‘ آهي. منهنجي هن وقت تائين جيڪا به شاعري فن ۽ فڪر جو امتزاج ٿي ادبي کيتر ۾ اُسري آئي آهي، سا ڪيتري لاڀائتي آهي؟ اهو اوهان سُخن شناس پڙهندڙن، ادب ذوق، اديب، شاعر ۽ نقاد دوستن تي ڇڏيان ٿو.
منهنجي هن ڪتاب جو مُهاڳ بشير سيتائي صاحب لکيو آهي، جيڪو هن وقت اسان کان هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو آهي، سندس وفات کان ٻه ٽي ڏينهنَ اڳ جڏهن منهنجي سائين سان فون تي ڳالهه ٿي هُئي، تڏهن به چيائين پئي ته ’’وسيم! ڪتاب ڇپائڻ ۾ ڏاڍي دير لڳائي اٿئي!‘‘ مون چيو:’’ها سائين، بس هاڻي مهيني اڌ ۾ ڇپجي ويندو‘‘، ۽ جڏهن هڪ هفتي کان پوءِ اڄ هن ڪتاب ۾ ’’پنهنجي پاران‘‘ ۾ لکندي سائين بشير سيتائي جا ٿورا مڃي رهيو آهيان، ته منهنجون اکيون آليون ٿي ويون آهن، ۽ منهنجي هن شاعري مجموعي جو نانءُ ’’آلا نيڻ آڪاش جا‘‘ به بشير سيتائي صاحب ڏنو، ’’ٿورا مَ ٿورا، مون تي ماروئڙن جا.‘‘
مان محترم خليق ٻگهيو ۽ جميل سومرو جو به نهايت ٿورائتو آهيان، جن منهنجي ڪتاب تي محبتن جي اظهار جهڙا تاثر لکيا، مون کي پنهنجو پيار ڏنائون، ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل لکندڙ مانوارن سائين ع.غ تبسم، محمد دين راڄڙي، معصوم بخاري ۽ وشال جي پيار جو پڻ ٿورائتو آهيان. پنهنجي پياري دوست غلام مصطفيٰ گهائل ۽ ربنواز سولنگي جو به ٿورائتو آهيان جنهن پنهنجو پيار به مون تي واريو. سعيد سومرو جو به ٿورائتو آهيان جنهن خوبصورت ٽائيٽل کان وٺي ڇپائي تائين ساٿ ڏنو.
۽ مون کي هر وک تي اُتساهيندڙ، مون کي پنهنجو پيار ڏيندڙ ساس سيتاروڊ جا دوست قادر بخش ’’قلندڙ‘‘، ’’مجبور‘‘ ميمڻ سيتائي، منصور سيتائي، ’’مشهور‘‘ ميمڻ، قمر ڀان، احمد نواز سولنگي، ’’غريب گل‘‘ سيتائي، سليمان سومرو، آصف خاصخلي سيتائي، منظور سيتائي، عزيز سيتائي، شاڪر عزيز سيتائي، ذاڪر سيتائي، فياض منصور، منور ملاح سيتائي، نويد سخيراڻي، عاجز فهيم سيتائي، راشد سومرو ۽ امجد علي ميمڻ، سعيد ميمڻ، (ڪهڙا نالا کڻي ڪهڙا کڻجن) مان سڀني پريُن پيارن سڄڻن ساٿين جو دل جي گهراين سان شُڪر گذار آهيان.
وسيم آڪاش سيتائي
Cell; 03334511338
سيتاروڊ_سنڌ 10.02.2016