اداسيءَ جو مقتل
وڻن جون لامون،
لامن تي ويٺل پکي سوڳ ۾ آھن،
ھوا وکون نه ٿي کڻي سگھي،
موسم جا ھڙئي رنگ،
ھيڊا ٿي ويا آھن،
فطرت جو منھن مونن ۾ آھي،
وقت چُرڻ پُرڻ ڇڏي ڏنو آھي،
تنھنجي غير موجودگيءَ،
اداسيءَ جو مقتل،
برپا ڪري ڇڏيو آھي،
تنھنجن ڪچھرين جي،
عالماڻن فلسفن جا پڙاڏا،
منھنجن ڪنن ۾ ٻُري رھيا آھن، 1981
۾، مولوي عبدالغفور سيتائيءَ کان،
"ايوارڊ آف ريڪگنيشن" وٺندي،
سندس قول،
"سچ لکو ۽ اوچي ڳاٽ جيئو"
جو مانُ، تو وڏي شان سان رکيو آھي،
مُئل ڍور جھڙي بدبودار،
ڪوڙھ ورتل سماج،
۽ اُن جي ڪِرڀَ ڏياريندڙ،
روايتن، رسمن، رواجن،
۽ انڌن عقيدن سان تنھنجي جنگ،
ڀلي کڻي بنا نتيجي ختم ٿي وئي ھجي،
پر آخري پَساھَ تائين،
تنھنجن اصولن ۽ آدرشن جي،
ثابت قدمي،
توکي امرتا بخشڻ جي ضامن آھي،
ادب جي کيتيءَ منجهه،
تنھنجي فڪري ڦلواڙيءَ جي،
سندرتا ۽ سُڳنڌ،
ٻوليءَ جي وشال آڪاش کي،
سنواري ۽ واسي ڇڏيو آھي،
توتي آخري نظر وجھندي،
توکان موڪلائيندي،
مون وانگي،
ڪوِتا نگر جي ھر قلمڪار سان گڏ،
"عمر خيام" جي رُباعين جي اکين مان،
ڳوڙھا ڳڙي رھيا آھن،
"سيتا" جي ڏند ڪٿا جا،
اوائلي ڪردار،
"ديوڪي" ۽ "ساکرو" به روئي رھيا آھن،
۽ تنھنجي سيتا جي گھٽين جون اکيون،
توکي ڳولي رھيون آھن.