زندگيءَ جو ٽيون حصو سج
مان پاڻ کي ڪٿي،
وڃائي آيو آهيان،
اکين جي جَرَ تان،
خوابن جا پکي،
اُڏامي ويا آهن،
اُميدن جي وڻن جو ٻورُ،
سُڪي ڇڻي ويو آهي،
فصاحت ۽ بلاغت کي،
غلاظت ڳهي رهي آهي،
۽ مقدر بدنصيبيءَ جو،
بي ڪفن لاش ٿو اوڳاڇي،
غلامي مُئل ڍور نما آهي،
جنهن جي بدبوءِ،
پوئين صديءَ جي پيري سان،
هن صديءَ ۾ پهتي آهي،
قومي ڌارا ۾،
ڌڙن جي لڳل سُرنگهه،
رهبرن جي مُفادن جي ٿوهرن جي،
جنم ڀومي آهي،
ڪاري رات،
سوچن جي لاٽن جا،
ڪنڌ لاهي رهي آهي،
روح جسم جي قيد ڀوڳيندي،
هاڻي ٿڪجي پوڙهو ٿي پيو آهي،
۽ مان عمر جي پرھَ پوئتي ڇڏي،
شام جي جزيري تي پهتو آهيان،
جتي زندگيءَ جو ٽيون حصو سج،
لَهي ويو آهي.