روشنيءَ جو بدن
هٿ سان جهيڻو ڪري،
پوري ماحول جو، گندو چهرو ڪري،
روشنيءَ جو بدن آهي چچريو ويو،
سنڌ جي سونهنَ کي،
باز وانگر جَهٽي،
ڇيهون ڇيهون ڪري ٿو بگاڙيو وڃي،
ڀونءِ جو بخملي ۽ ڀلارو بدن،
بي ڌڙڪ هرڪو راڪاس رهڙي پيو،
ماسُ منهنجي مهربان ماتا سندو،
هي بگهڙ گڏجي روڙي ٿا کائن پيا،
گل مروڙيا وڃن باغ ڀيليا وڃن،
چاهتن جا چٽا، رنگ ميرا ڪري،
موسمن جا هتي،
سِرَ ٿا لاٿا وڃن،
ظلم ناحق سندا،
تيز خنجر هڻي،
آجپي جون اکيون ڀي ڪڍيون ٿيون وڃن،
هيروشيما جئان، ناگاساڪيءَ جئان،
سنڌ مسلسل اِهي گهاءَ سهندي رهي،
سنڌ ٻرندي رهي،
سنڌ سڙندي رهي،
سامراجي جٿا، ڄڻ ڇتا ڪي ڪُتا،
روز انسانيت کي،
ڇيڇاڙن پيا،
منهنجا ڌرتي ڌڻي، ڳاڙها ڳڀرو جوان،
روز وحشين هٿان،
پنهنجن گهرڙن اڳيان،
بس کنڀيا ٿا وڃن،
گُم ڪيا ٿا وڃن،
ڪنهن نه ڪنهن ماڳ تي،
در جي چائنٺ اڳيان،
پُر تشدد ٿيل،
جسم ٻيرا ٿيل،
تيز ڌارا سان هڙئي ڪپيل ۽ وڍيل،
لاش جي صورتن ۾،
ڏنا ٿا وڃن،
حق جو آواز اينءِ ٿو دٻايو وڃي،
داٻي دهشت جو دوزخ مچايو وڃي،
قومي تحريڪ جا رستا روڪي هڙئي،
قوم کي ٿو جبر سان ڪَنبايو وڃي.