شاعري

پَهڻَ پيرَ پِٿون ڪَيا

فرزانا شاهين نثر توڙي نظم جي پُختي ليکڪا آهي، سندس ھي ڪتاب ”پهڻ پير پٿون ڪيا“ ان ڪري به مختلف آهي جو هي مجموعو سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنفن واين ۽ بيتن تي آڌاريل آهي. وقت جون ويرون، اهنجن جا اولڙا، پنهنجن جا پيڙاءُ، اهم رشتن جو ناروا سلوڪ، اڄ جي سسئي ۽ سُهڻي سان ٿيندڙ انياءُ، ڌرتي ڌڻين سان ڌوڪا، ڪامڻين سان ڪلور، سکين، سانگين، نياڻين، اياڻين شهرن ۽ ٻهراڙين جي عورتن سان ناانصافيون سندس واين ۽ بيتن جا اهم موضوع آهن.
Title Cover of book پَهڻَ پيرَ پِٿون ڪَيا

مهاڳ: سورج ٿي گهاريو!

دليون ڊاهي آدمي، محل پيو ٺاهي،
ڪهڙو دور اچي ويو!
فرزانا شاهين جي اِها هڪ وائيءَ جي مصرع ۽ وراڻي آهي، ان ۾ ظاهر آهي ته هُن پنهنجي دور جو چِٽ چِٽيو آهي. ان تي مون کي بلها شاهه جون هي سِٽون هانوَ تي هُري آيون آهن:
مندر ڊاهدي، مسجد ڊاهدي، ڊاهدي جو ڪجهه ڊهندا اي
پر ڪِسي دا دل نا ڊاهِين، رَبُ دِلان وِچ رهندا اي
اهو بلها جو سچ آهي. اُن دور جو درد آهي. اُن دور ۽ هِن دور جو درد ائين مشترڪه آهي، جيئن زندگي مشترڪه آهي. لڳي ته ائين ٿو ته ڪجهه به ته نه بدليو آهي! دليون هر دور ۾ ٽوڙيون ويون آهن! انسانن جي هڏن جي ٽيڪي تي، ماس ۽ رت جي گاري سان محل ماڙيون اَڏيا ويا آهن! ڪڏهن ڌرم ۽ مذهب جي نالي ۾، ته ڪڏهن سياست جي نالي ۾!
منهنجي آڏو فرزانا شاهين جو نئون شعري مجموعو “پهڻ پيرَ پِٿُون ڪيا” آهي، جنهن ۾ بيت ۽ وايون آهن:
ڇا ۾ آهي نجات؟
ڇو تون سوچين ڪونه ٿو!

ڪاڏي خرچ ڪرين پيو، ڏاتر واري ڏات
ڇو تون سوچين ڪونه ٿو!

ويٺي ملندي ڪينڪي، جانيئڙا پرڀات،
ڇو تون سوچين ڪونه ٿو!
شاعري اُها ئي آهي، جيڪا پڙهندڙ / ٻڌندڙ ۾ هڪ سوچ اُڀاري. اهو به ضروري نه آهي ته اُها سوچ، اُها ئي هجي، جيڪا شاعره / شاعر جي آهي. اُها سوچ بلڪل مختلف به ٿي سگهي ٿي. شاعري ڪنهن خاص وقت ۽ ڪيفيت ۾ ٿي وڃي ٿي، عشق وانگي! پڙهندڙ به اُن کي هڪ خاص وقت ۽ ڪيفيت ۾ پڙهي ٿو. انڪري اثر به مختلف ٿئي ٿو، پر شاعريءَ جو اهڙي اثر انگيزيءَ لاءِ لازمي آهي ته اُن ۾ لفاظي نه جي، سطحيت نه هجي، اُن ۾ گهرائي هجي.
فرزانا شاهين جو موڪليل سمورو مواد مون پوري ڌيان سان پڙهيو آهي. سندس ڪلام جو هڪ مکيه ڳڻ اهو آهي ته اُن ۾ نعريبازي نه آهي. ان جو مثال سندس مٿي ڏنل وائي آهي، جنهن جي ٿل ۾ “نجات” / ڇوٽڪاري جي ڳالهه ڪيل آهي، بلڪه ان بابت سوچڻ تي آڀاريو ويو آهي. ان جي پهرين مصرع ۾ “ڏات” جي حوالي سان سوال ڪيو ويو آهي، فرزانا جو اهو سوال هاڻوڪي صورتحال، خاص ڪري ادبي، ۾ انتهائي اهم آهي. اهو سوال نه رڳو هُن جو پنهنجو پاڻ کان آهي، پر پنهنجي پوري همعصر لڏي کان به آهي ته هُو پنهنجي ڏات کي ڪٿي ڪم آڻي رهيو آهي؟ هُن جو انهيءَ فن جو، هُنر جو ڪهڙو مصرف آهي؟ اُن جو ڪو مقصد به آهي يا نه! تازو “سارنگا - امن مشاعري” ۾ به مون ڪجهه اهڙي ئي ڳالهه ڪئي هئي ته “اسان سوال ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن. اسان خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن!” جنهن سماج ۾ سوال نه ٿو ڪيو وڃي، جنهن سماج ۾ خواب نه ٿو ڏٺو وڃي، اُهو بيٺل پاڻيءَ وانگر آهي، سينواريل! انهيءَ سينواريل بيٺل پاڻيءَ (سماج) ۾ هڪ شاعر جو ڪردار ڪهڙو هئڻ جڳائي؟ هڪ ڪَونر وارو! نِرليپ. اَڇو اُجرو، صاف شفاف، چِٽو، پڌرو، نمايان. سينواريل پاڻيءَ (سماج) ۾ ڪونر وانگي، جنهن تي ڏسندڙ جون اکيون کُپي وڃن، جيڪو پري کان ئي ڏسڻ ۾ اچي ۽ ٻن اکين جي نهار جو، مرڪز بڻجي وڃي! ڪَونر، جيڪو پاڙ ته سينواريل پاڻيءَ ۾ هڻي ٿو، پر پنهنجو ڳاٽ اُوچو ۽ ان کان ٻاهر ٿو رکي، تازي هوا ۾ جُهولو ٿو جُهولي، ڪَونر، جيڪو سڄي منظر جي سُونهن جو اهڃاڻ بڻجي ٿو وڃي، ڪَونر جنهن کي چنڊ پنهنجي چانڊاڻ ساڻ ٿو وهنجاري سهنجاري، ته سِج اُن تي پنهنجا سونا ڪِرڻا ٿو گهوري! ۽ ڀوَنر اُن تي ڀيرا ٿو ڏئي ۽ گونجار ٿو ڪري:
ڪَونر پاڙُون پاتار ۾، ڀَونر ڀِري آڪاس،
ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباس، جنهن مُحبتي ميڙيا!
(شاهه سائين)
هاڻي اتي وري به اهو سوال ٿو اُٿي ته: “ڇا شاعر پنهنجو اهڙو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي؟” ان جو جواب فرزانا جي هيءَ سِٽ آهي:
ويٺي ملندي ڪينڪي، جانيئڙا پرڀات،
ڇو تون سوچين ڪونه ٿو!
اتي وري به هڪ سوال ڪري سگهجي ٿو ته “ويٺي پرڀات نه ملندي ته ڇا بيٺي ملندي؟” هينئر جڏهن آئون هي سِٽون لکي رهيو آهيان، تڏهن به ته پرڀات سَموئي آهي! سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ تي پرڀات! پرڀات، جيڪا رات جي پڄاڻيءَ ۽ ڏينهن جي آرنڀ جو اعلان آهي! ڇا، هيءَ اُها ئي پرڀات آهي، جنهن کي ماڻڻ لاءِ. فرزانا اها سِٽ لکي آهي؟ ته ان سوال جو جواب آهي “نه” هيءَ ته اُن ڏينهن جي پرڀات آهي، جنهن لاءِ شاهه سائينءَ چيو آهي ته:
اُڀريو ڏينهن ڏُکن جو، سورن سندو سِجُ!
يا:
هڪ رات پوري ٿي وئي
ٻي رات ٿي ويئي شروع
اُها “پرڀات”، جنهن لاءِ فرزانا جو چوڻ آهي ته “ويٺي ملندي ڪينڪي”، ۽ اهو هُن “جانيئڙا” کي چيو آهي، جڏهن ته اڄڪلهه “جانان” جو شاعريءَ ۾ وڌيڪ فيشن آهي ۽ چڱا ڀلا ان کي “جانان” لکڻ کان به نه ٿا مُڙن! جنهن جي معنيٰ نڪ تي آڱر اُگهڻ وارو عمل آهي (جانا ڀرڻ)! ان سِٽ ۾ جنهن “پرڀات” جي ڳالهه آهي، اُها سچي پچي به رات جي پڄاڻيءَ ۽ ڏينهن جي اچڻ جي اعلان واري پرڀات آهي! جنهن ۾ ڇوٽڪارو آهي، نجات آهي، آزادي آهي، هر ظلم، ڏاڍ، ڏهڪاءُ، انياءُ، انڌير ۽ انڌيري جي پُڄاڻيءَ واري پرڀات! ان پرڀات جون ٻه وکون اڳتي وڌي سواگت ڪرڻو پوندو:
هلي ايندم هوت، ڪجهه آ به اڳڀري ٿيان!
ويٺن تان واري وري ويندي آهي. سکڻي سَڌ سان ڪجهه به وَرڻو سَرڻو ناهي:
نينهن نياپي نه ٿيي، سَڌين سيڻ نه هُونِ،
ڪاريين راتين رَتَ ڦڙا، جان جان نيڻ نه رُون!
(شاهه ڪريم)
يا جيئن شاهه سائينءَ چيو آهي ته:
ڏونگر نه ڏوري، سِڪڻ جون سَڌون ڪري،
ويٺي گهر گهوري، مٿان پرينءَ جندڙو!
سو، ان پرڀات، جيڪا حقيقي ڏينهن جو اعلان آهي، پَسڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوندي:
ڏاتر جي هن ڏيهه ۾، ڏُکندن سان ڏُکندي،
منهنجي ڏات وڌي پئي! (شاهين)
۽ اُن جاکوڙ لاءِ عقل، شعور ۽ ڏاهپ جي گهرج آهي، بي مقصد نعرن ۽ مجهول نظرين بدران هڪ با مقصد ۽ پُر عزم جدوجهد جي ضرورت آهي ۽ اُن لاءِ علم جي اهميت آهي، اُن لاءِ تعليم سڀ کان وڏو محاذ آهي، جيڪو هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، شعر ۽ ادب جي صورتحال به ڪا چڱي نه آهي.
عورت شاعرِ لاءِ ته وڏا مسئلا آهن:
“فرزانا” هر گام تي، عورت ئي الزام
آزادي ڪنهن کي ملي؟
مارئيءَ جي ديس سنڌ ۾، اڄ جي مارئي آزاد نه آهي، جيڪا هر انسان جو جنم سِڌ اڌڪار آهي، سنڌ جي نياڻيءَ، سنڌ جي عورت کي اُهو بنيادي حق حاصل نه آهي، اُها سنڌ، جنهن ۾ نياڻي سياڻي هوندي آهي، نياڻي ست قرآني سڏبي هئي، امان، بابا، پُٽ چئي جنهن سان مخاطب ٿِبو هو، جنهن جي ميڙ آئي خون به بخش ٿي ويندا هئا، اُن جي حالت اڄ جي سنڌ ۾ ڪهڙي آهي؟
آهي نيڻن جي اڳيان، ڪنهن جي ڌيءَ ڪُٺي،
جذبا جاڳي جنگ ٿيا!
“فرزانا” به اُنهيءَ ديس جي شاعرِ آهي. هوءَ اُن جي حالتن تي ڦٿڪي لُڇي ٿي ۽ اُن جي سُورن کي سِٽن ۾ سمائي ٿي:
ڌرتي جڳ جي ماءُ، ڌرتيءَ کي ڀاڱا نه ڪر!
تنهنجو سهندي ڪيترو، ماٺي ٿي انياءُ،
ڌرتيءَ کي ڀاڱا نه ڪر!
“پَهَڻَ پير پِٿُون ڪيا” ۾ وايون ۽ بيت آهن. واين جو ڀاڳو ڪجهه سوايو آهي. “وائي” هڪ سادي سُودي ۽ سُريلي صنف آهي. “فرزانا” وائيءَ جي اُن سُريلي سڀاءُ کي سمجهي ٿي. وائيءَ جي سادي سُودي روپ ۾ ئي ڪا ڳُوڙهي ڳالهه ڪرڻ جُڳائي، ان جو ثبوت سندس هيءَ وائي آهي:
ڏيئا ٻاري ياد جا، جاڳي ٿي جذبات،
ايندو راڻو ڪاڪ ڏي!
ايندو ڏيندو مينڌرو، سُورن کي سڪرات!
ايندو راڻو ڪاڪ ڏي!
آڻيندي “شاهين” اَوَسُ، آزادي پرڀات،
ايندو راڻو ڪاڪ ڏي!
“وائي” ۾ وراڻيءَ جي خاص اهميت آهي ته اُها نه رڳو هر مصرع سان جُڙيل هئڻ گهرجي، پر اُن جي معنيٰ خيزيءَ کي هَٿي پڻ ڏئي. “فرزانا شاهين” راڻو، ڪاڪ، مينڌرو جو ڪردار، ماڳ ۽ اهڃاڻ (Symbols) پنهنجي ڪلاسڪ مان کنيا آهن ۽ انهن کي پنهنجي دؤر سان سلهاڙيو آهي، راڻو مينڌرو ايندو ۽ ڪاڪ جي ٽڪساٽ کي ٽوڙي پنهنجي مقصد جي مومل ماڻيندو. “فرزانا شاهين” آشا واري شاعرِ آهي:
ڳڻتيون ۽ ڳارا، باقي ٿورا ڏينهڙا!
“فرزانا” ويندا وَهي، سُور سڄڻ! سارا،
باقي ٿورا ڏينهڙا!
فرزانا شاهين ٻڌايو ته سندس وايون سُر تي آڌار رکن ٿيون، “سُر” شاعريءَ جو، خاص ڪري سنڌي شاعريءَ جو، بنياد آهي. ان ڏس ۾ سُر جي ڄاڻ جيتري وڌيڪ هوندي، اوترو ئي شاعريءَ ۾ رس چس هوندو. وائي جيئن ته هڪ سُريلي صنف آهي، اُن ڪري اُن جو سٻنڌ به سُر سان آهي. ماترڪ ڇند جو سرشتو جيتوڻيڪ سُر جي سرشتي کان پوءِ جو آهي پرماترڪ ڇند جو سرشتو به سُر مان ئي ڦٽي نڪتو آهي. انڪري هڪ شاعر کي ان ڏس ۾ ڄاڻ هئڻ گهرجي، ساڳئي وقت جنهن صنف ۾ شاعر جي دلچسپي آهي، اُن جو اڀياس پڻ هئڻ جڳائي. ان ريت ٻوليءَ جي ڄاڻ به پرائي سگهجي ٿي - ۽ ان لاءِ به اڀياس ۽ عوام سان رابطو لازمي آهي ۽ اِن ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته عورتاڻي سماج ۾ ئي ٻوليءَ جو نجپڻو به قائم رهيو آهي. اُن مان ڀرپور لاڀ پرائڻ گهرجي. فرزانا شاهين وٽ ٻوليءَ جو اهو ميٺاج سِٽن ۾ اوتجي آيو آهي:
“فرزانا” ٻولي مِٺي، آهي ڪنهن جي وو؟
مون کي ڪير سڏي پيو!؟
“نيڻَ آسائتا” وانگر “پَهڻَ پيرَ پِٿُون ڪيا” عنوان به معنيٰ خيز آهي:
هانءُ وِرهه جي واٽ تي، ڦُٽي ٿيو ڦاڪُون،
پهڻن پنڌ پُڄي نه ٿو!
“سارنگ آيو سرتِيُون” وراڻي واري وائيءَ جي هيءَ مصرع پڙهي، مون کي ڪراچيءَ جي رستن تان، جمڙائوءَ جي ٽاپ تان ۽ سينٽرل لائبريري سنڌ يونيورسٽيءَ آڏو وڍيل وڻ ياد اچي ويا:
وڻ وڻ ويٺو ٿو پَسي، پکيئڙن جو پيارُ،
سارنگ آيو سرتِيُون!
ظاهر آهي “فرزانا” ان منظر کي پنهنجي نظر سان ڏٺو ۽ پينٽ ڪيو آهي ۽ مون ان کي ٻي ڪيفيت ۾ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي. فرزانا انهن وڻن ۽ پکيئڙن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي موجود آهن ۽ اها مصرع پڙهي مون کي اُهي وڻ ياد اچي ويا، جيڪي ڪڏهن موجود هئا! جيڪي وڍجي ويا، پنهنجي ڇانوَ ۽ پکين جي لاتين سميت! شاعريءَ جو اهو به ڪمال آهي ته اُها توهان کي اُهي ڏيک به ڏيکاري ٿي جيڪي ڪڏهوڪو ميسارجي چڪا آهن!
جمود موت آهي، تحرڪ زندگي آهي. “هل ته پهچين موت کي!” وارو مَتو هر شاعر وٽ هئڻ جڳائي، فرزانا وٽ به آهي:
ڇا ٿو سوچين وائڙا، ڏورڻ منجهه حيات،
پيرن کي ساهيون نه ڏي!

جيئڻ لئه ڪر جستجو، ڪو دم ڪاري رات،
پيرن کي ساهيون نه ڏي!
فرزانا شاهين، جنهن سفر تي نڪتي آهي، اُهو پيڙائين پَٿ تي، پٿُون پيرن سان پنڌ آهي ۽ اُهو سفر هُن کي اڪيلي سر طئي ڪرڻو آهي. ان سفر ۾، جن مرحلن مان هوءَ اُڪري ٿي، اميد ته انهن کي لفظن جي روپ ۾ پني تي لکندي رهندي، نوان گيت ڳائيندي رهندي:

جهومي پئي وايو منڊل، گيت نئون ڪو ڳاءِ،
ڦيٿو ڦريو وقت جو! (شاهين)

[b] امداد حسيني
[/b] ڪراچي سنڌ
20/12/2016