شاعري

پَهڻَ پيرَ پِٿون ڪَيا

فرزانا شاهين نثر توڙي نظم جي پُختي ليکڪا آهي، سندس ھي ڪتاب ”پهڻ پير پٿون ڪيا“ ان ڪري به مختلف آهي جو هي مجموعو سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنفن واين ۽ بيتن تي آڌاريل آهي. وقت جون ويرون، اهنجن جا اولڙا، پنهنجن جا پيڙاءُ، اهم رشتن جو ناروا سلوڪ، اڄ جي سسئي ۽ سُهڻي سان ٿيندڙ انياءُ، ڌرتي ڌڻين سان ڌوڪا، ڪامڻين سان ڪلور، سکين، سانگين، نياڻين، اياڻين شهرن ۽ ٻهراڙين جي عورتن سان ناانصافيون سندس واين ۽ بيتن جا اهم موضوع آهن.
Title Cover of book پَهڻَ پيرَ پِٿون ڪَيا

پنهنجي پاران: پنڌ احساسن جا

انسان جي اندر جون به عجيب ڪيفيتون ٿين ٿيون. اندر جون ڪيفيتون به موسمن وانگر مختلف احساس ڏين ٿيون. ڪڏهن بهار ته ڪڏهن پن ڇڻ جي موسم جيان ڏک ۽ خوشيءَ جا احساس اُڀرن ٿا ۽ اهي احساس ئي زندگيءَ جي مختلف پيچرن تي وٺي وڃن ٿا ڪٿي احساس روح سان ڳنڍيل آهن ته ڪٿي ڀاوِنائن سان مسلسل جنگ جوٽين ٿا يعني انسان مسلسل ڀوڳنا جي سفر تي پنهنجا پيرَ پِٿون ڪري ٿو. جڏهن پهريون ڀيرو لکڻ شروع ڪيو هو تڏهن به اهو ئي سوچيو هو ته لکڻ جو ڪارج ڪهڙو آهي؟ پاڻ پنهنجي اندر ۾ اُٿل پُٿل انهن سوالن کي شانت ڪرڻ....! يا واهه واهه جي تاڙين تي مَن کي ريجهائڻ....؟ پر اُها واهه واهه جيڪڏهن اندر جي ڪروڌ کي ريجهائي سگهي ها ته بي چَئي مَنَ کي ڪڏهن جو شانتي ملي وڃي ها.... مان پنهنجي اوڻيل پيڙائن جي خولَ کي ڪيئي ڀيرا ٽوڙڻ چاهيو.... پنهنجي خاموش طبع ۾ سمايل ڪيئي درد ۽ کوکلن ٽهڪن جي وچ ۾ پاڻ کي هميشه اڪيلو ئي ڀانيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي باري ۾ سوچيندي آهيان ته مان ايتري Complicated ڇو آهيان هر ماڻهو مون کي سمجهي ڇونه سگهندو آهي...؟ منهنجي شخصيت يا اندر جون ڪي ڪميون آهن جن هميشه مون کي پنهنجي ذات ۾ اڻپورو رکيو آهي. مان انهيءَ ڪيفيت مان گذرندي خبر ناهي ڪيترا خوبصورت رشتا ۽ پيار ڪرڻ وارا ماڻهو منهنجي گرد انهيءَ خول سان مٿو ٽڪرائي ٽڪرائي ڀورا ڀورا ٿي ويا يا مون کي اڪيلو ڇڏي ويا. مان پنهنجي پيچيده طبيعت جي باعث هميشه وڃايو آهي.... ۽ انهيءَ ڪميءَ جو احساس مون کي تنها ڪري ڇڏيندو آهي. منهنجي اندر جا خوف اڄ به ساڳيا آهن جڏهن پهريون ڀيرو لکڻ شروع ڪيو هو تڏهن به اهي ئي خوف ۽ انديشا مون سان گڏ هئا پر لفظن ۾ الائي ڪهڙي طاقت هئي جن بار بار لکڻ تي مجبور ڪيو ۽ مان انهن لفظن جي ڇانوَ ۾ پناهه وٺي پاڻ کي محفوظ سمجهيو... مان لکڻ ۾ ڪيتري به بي باڪ ۽ بهادر آهيان پر اندر ۾ ننڍڙي ٻار جيان خوفزده آهيان. اڄ به سماجي رويا ڊيڄاريندا آهن مردن جي هِن سماج ۾ عورت جو بي باڪ ٿي لکڻ يا ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ واقعي پَهَڻ سان پيرَ پِٿون ڪرڻ جي برابر آهي. عورت جي هر احساس کي صرف عورت سمجهي محسوس ڪيو ويندو آهي ۽ عورت جي هر نظرئي ۾ هُن جو کُٽل وجود ئي نظر ايندو آهي ۽ هن جي تخليقن کي پنهنجي انائن جي الزامن جي ترازوءَ ۾ توري ماپيو ويندو آهي. تخليقن جي انهيءَ نظرئي جي آڌار تي ماپ طور ۽ پرک اسان کي ڪٿي وٺي ويندي....؟
ڪنهن کان ڪيرُ سِکي؟ هرڪو ڏاهو ٿي پيو!

حسد جي ڏوري پيو، ويٺو روز ڇِڪي.
هرڪو ڏاهو ٿي پيو!
ڪيستائين اسان انهيءَ پرک جي آڌار تي پاڻ کي ڏوهي تصور ڪنداسي...؟ اسان جا ساڃاهه وند اديب ڇا صرف اهو ادب تخليق ڪري رهيا آهن...؟ يا تنقيد جا زاويا ۽ پيمانا مقرر ڪن ٿا....؟ ڇا خاموش ٿي ويهي رهجي.... يا ايتري سهپ پاڻ ۾ پيدا ڪجي جو لفظ بارود بڻجي پاڻ ڳالهائن....!
ڪُوڙَ وَرايو واٽَ تي، ڪيئن نه آنءٌ لُڇان؟
عالم ڪنگن جو ٿِيو!
ڪونهي خوف ڪروڌَ جو، پيئي سچ چَوان.
عالم ڪنگن جو ٿِيو!
سچ جي سِٽَ سِٽَ ساهَه سان، لُڇيو روز لِکان،
عالم ڪنگن جو ٿِيو!
مان ان ڳالهه کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندس ته شاعري الهام ٿيندي آهي. شاعري نِجُ ڀوڳنا جو نانءُ آهي ڇوته مان خود ڀوڳنا جي آويءَ ۾ پچندي ذهني پيڙا مان گذرندي شاعريءَ کي تخليق ڪيو آهي.
روهن جو رستو ڊگهو، تنها جيءَ ڪَٽيو.
راهون ساڳيون رُوحَ جون.
پَهڻن جي هِن پنڌ تي، آهي جيءُ ڦَٽيو.
راهون ساڳيون رُوحَ جون.
انهن رستن تي هلندي مون کي محسوس ٿيو آهي ته واقعي ڪجهه پنڌ احساسن جا هوندا آهن ته ڪجهه اُلڪن جا ۽ ڪجهه اوسيئڙن جا ته ڪجهه جيءَ کي جهوريندڙ روين جا ۽ ڪجهه پنڌ روحن جا هوندا آهن جنهن ۾ پير ضرور پِٿون ٿيندا آهن پر روح ڪڏهن به ٿڪبا ناهِن.

منهنجا جيجل ماءُ، پَهَڻَ پيرَ پِٿون ڪيا!
وِکَ وِکَ پاتو راهَه ۾، آيل! مون ايذاءُ.
پَهَڻَ پيرَ پِٿون ڪيا!
اکين سانڍيا حوصلا، ڪونهي ڪو سوداءُ.
پَهَڻَ پيرَ پِٿون ڪيا!
مان به پاڻ سان جهيڙيندي 1987ع کان لِکي رهي آهيان. منهنجي جيوَن جو هر درديلو لمحو هر لڙڪ، هر سپنو منهنجي فطرت جو هر رنگ شاعريءَ ۾ موجود آهي. منهنجي شاعريءَ جو خاص طور موضوع ڌرتي ۽ سرتي رهيو آهي... ڌرتيءَ تي رهندڙ ماروئڙن جا لُڙڪ ۽ ٽهڪ مون لاءِ هميشه اهميت ڀريا رهيا آهن ۽ عورت منهنجي اندر ۾ وسي ٿي ان ڪري عورت جي احساسن کي مون گِهرائيءَ سان محسوس ڪري لکيو آهي. خالص وايُن تي مشتمل منهنجو هي ڪتاب منهنجي اندر جي ڪيفيتن ۽ وارتائن جو اظهار آهي.
آخر مان مانواري محترم امداد حسينيءَ جي دل سان ٿورائتي آهيان جنهن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي منهنجي ڪتاب تي پُر اثر مهاڳ لکيو. محترم ادل سومري ۽ مانواري اياز گل جون کوڙ ساريون مهربانيون جن منهنجي ڪتاب تي خوبصورت تاثر لکيا. مان ٿورائتي آهيان مانواري شاعر آسي زميني ۽ ڀيڻ شبانه عالماڻيءَ جي جن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل لاءِ پنهنجا تاثر لکيا.

ساٿ سلامت سنڌ سلامت

[b] فرزانا شاهين
[/b] بي 133 اسٽريٽ 4 اخوت نگر
ايئرپورٽ روڊ سکر