شاعري

اڌورا اڌما

حسين سرور خوبصورت احساسن ۽ جذبن جو شاعر ھيو جيڪو جوانيءَ ۾ ئي اسان کان وڇڙي ويو. اسان جڏهن هن جي شاعري پڙهون ٿا تہ هوُ اسان جي اکين ۾ زندهه آهي. سندس شاعري پڙهندي محسوس ٿيندو تہ هي انھن نوجوان شاعرن مان آهي جن ڪڏهن بہ سياسي جدوجھد ۾ هلندي، سنڌ جي سونھن ورونھن ۽ آزادي لاءِ خواب ڏسندي عام نعرن جو سھارو نہ ورتو. حسين سرور پنھنجي شاعريءَ ۾ سماجي حقيقت نگاري ۾ رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

  • 4.5/5.0
  • 30
  • 8
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • حسين سرور
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اڌورا اڌما

حسين سرور جي شاعري، مختصر تاثر

حسين سرور جي شاعري، مختصر تاثر
جان خاصخيلي

توڙي جو مون فيس بوڪ تي حسين سرور جي ٿوري شاعري پڙهي هئي پر هن سان ڪا روبرو ملاقات ۽ ساڻس مڪمل تعارف نه ٿي سگهيو هو. منهنجي خواهش هئي ته هالا جي هن شاعر سان ملاقات ضرور ٿيندي ۽ اسان هن کان زباني سندس شاعري ٻڌنداسين ۽ سندس انداز کي ڏسنداسين ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ سماج جي ڪهڙن داستانن تي گلڪاري ڪئي آهي. هالا شهر جي جنڊي، ڪاشي ۽ اجرڪ جي ڦلڙين سميت دستڪاري واري ڪم کي هن ڪيئن ڏٺو ۽ ان ۾ هن پنهنجي لفظن جا رنگ ڀريا آهن. پر اها خواهش پوري نه ٿي سگهي. 

گذريل سال سندس وئي پڄاڻا دوستن هن شاعر جو مختصر تعارف ڪرايو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ منهنجي دوست حبيب سنائي مونکي سندس پاران سهيڙيل هن جي شاعريءَ جو ڪتاب موڪليو ته آئون هن جي خوبصورت شاعري ۾ جماليات، محبت، سماج ۽ مصوري واري تصور کي محسوس ڪري سگهان. مونکي لڳو ته هن جي شاعري به ائين آهي جيئن جهنگ ۾ مينهن مُند کان پوءِ پاڻمرادو ڦٽل گل ڦل هوندا آهن جيڪي هر ماڻهوءَ کي ڏاڍو وڻندا آهن. ڪجهه غزلن ۽ نظمن ۾ لڳو ته اهي اهڙا مٽيءَ جا رانديڪا آهن جن تي شاعر کي اڃا محنت ڪرڻي هئي.  

هن وٽ به خيال آهن جيڪي جماليات، منظرڪشي، ماحوليات ۽ مصوري واري تصوير جوڙين ٿا.

” تو ڪڏھن پکين جا ٽھڪ ٻڌا آهن  
يا وڻن جي اڪيلائي 
محسوس ڪئي اٿئي؟ 
۽ ڪڏھن 
بارش ۾ ڪچن گهرن جا لڙڪ 
ڏٺا اٿئي؟

بارش ۾ ڪچن گهرن جي لڙڪن کي محسوس ڪرڻ به ڄڻ ته هڪڙي مصوري آهي جنهن کي هن سيکڙاٽ مصور پنهنجي ليکي رنگ ڀريا آهن جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو.


هن جو هڪڙو ٻيو خيال آهي


”ڪنهن کي ويٺو ساري ڪوئي،

نيَر پيو ٿو هاري ڪوئي.

سپنن جون ڪي ٻيڙيون ٺاهي،

نيڻن ۾ پيو تاري ڪوئي.“

هن جي پرورش به شايد اهڙي ماحول ۾ ٿي هئي جتي ٻارن جون اڪثر خواهشون غربت جي بار ۾ دٻجي رهجي وينديون آهن ۽ هو وڏي ٿيڻ واري پنڌ تي هوندو آهي. ان ڪري هن کي به اهڙا موقعا نه مليا جو هوُ ايترو مشاهدو ڪري پنهنجي شاعري ۾ رنگ ڀري سگهي ها. هن پنهنجي چوڌاري نهاريو ته رڳو کيس اڪيلائي ۽ غربت ۾ عشق کي ماڻڻ واري منزل ڏسڻ ۾ آئي، محبوب جي چنچلتا، چوماسي جي برسات ۾ غريب جي جهڳي ٽمڻ جا منظر ۽ ڪيترا سوال نظر آيا. 

”محبت جنس آ تو لئه، 
بڻيل تون پيار جو تاجر. 
اياڻو عشق هو منھنجو، 
۽ تنهنجي سونهن آ شاطر“.

محبت کي مارڪيٽ ۾ نيلام ٿيندڙ جنس چوڻ کيس جُڳائي ٿو. هي پنهنجي زندگي جي ان موڙ تي هو جيڪو انساني رشتن ۽ شين کي ائين ئي ڏسي سگهي ٿو.  ان ئي تناظر ۾ هي پنهنجي ٻئي غزل ۾ اظهار ڪندي چوي ٿو؛ 

”اسان آهيون هٿين خالي، 
مهانگو تون وکر آهين . 
گلن جهڙو سڄو آهين، 
رڳي دل جو پٿر آهين“.

اهڙا ڪيترا غزل آهن جن کي پڙهندي لڳو ته هن جي پنهنجي پاڻ سان گفتگو آهي جنهن ۾ هن جي محبت، ڏک ۽ اداسيون محسوس ڪري سگهجن ٿيون. 

”منھنجي ننڊ، 
سپنن جا ڪچا ٻار، 
ڪيرائيندي ٿي رهي، 
۽ آئون انهن کي، 
دفنائيندو ٿو رهان“

جيڪڏهن اسان سندس شاعري ۾ موجوده سياسي، سماجي ۽ اقتصادي مسئلن، فطرت جي مشاهدي ۽ مصوري کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته هن وٽ به پنهنجا خيال رانديڪا آهن، ڪي ڪوجها ته ڪي موچارا، جيڪي هن زندگي جي فرصت ۾ ٺاهيا هئا. 

شاعر جي تنھائي 
لفظن جا ٻار ڄڻيندي آ، 
ڪي ڪوجھا، 
ته ڪي موچارا 
ڪي ڪجھ وقت الِء جيئرا رھندا آھن، 
ته ڪن کي موت ئي ناھي ايندو.

اها الڳ ڳالهه آهي ته هن کي اڃا سندس پنهنجي هنرمندن جي بستي هالا شهر جي ڀرسان درياءَ جي وهڪرن ۽ ترندڙ ٻيڙين وارن منظرن کي پنهنجي شاعري ۾ وڌيڪ سمائڻو هو. سياست جا پنڌ ۽ پيچرا ڪڇڻا هئا. اڃا هن کي موکي جومڌُ پنهنجي شاعري ۾ اوتڻو هو. اڃا هن کي دنيا جي مصوري جي شاهڪارن، شاهه عبد اللطيف ڀٽائي ۽ شيخ اياز کي سمجهڻو هو جن جي شاعري پڙهندي لڳندو آهي ته هنن عظيم شاعرن پنهنجي شاعريءَ ۾ مصوري جا شاهڪار جوڙيا آهن. 

شاعر پنهنجي تخليقن ۾ مستقبل جون جهلڪون نقش ڪندا آهن ۽ تاريخ نويس ان جي بنياد تي ان دور جي حالتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. اسان هن وقت صرف تصور ڪري سگهون ٿا ته اسان جو هي نوجوان شاعر به ان موڙ تي هو جتي کيس پنهنجي اندر مان نڪري فطرت جا رنگ ڀرڻا هئا. 

سندس تعارف موجب حسين سرور 26 سيپٽمبر 1978 تي هالا نوان شهر ۾ ڄائو ۽ 8 جنوري 2021 تي سندس زندگيءَ جو اڌ ٽڙيل گُل ڪومائجي ڇڻي پيو. يقيني طور تي اها عمر سندس اڏامڻ ۽ پختگي ڏانهن سفر واري هئي جتان هن جي هڪڙي ٻي شروعات ٿيڻي هئي جنهن مان محسوس ڪري سگهجي ها ته هُن جي تخليقي اڏام ڪيتري آهي. هوُ ڪيترو مٿي وڃي سگهيو ٿي. 

ڪيترائي شاعر پنهنجي اوائلي زندگيءَ ۾ بلڪل ڦوهه جواني ۾ هن دنيا مان هليا ويا پر اهي سڀ پنهنجي شاعريءَ ۾ زندهه آهن. گهڻو ڪري انهن جي شاعري به عشقيا هئي. ان عمر جي شاعرن لاءِ مشهور آهي ته کين عشق جي بيماري لڳل هوندي آهي. 

هن وقت سندس ٽڙ پکڙ شاعري جو ڪتاب به اسان جي هٿن ۾ آهي ۽ اسان جڏهن هن جي شاعري پڙهون ٿا ته هوُ اسان جي اکين ۾ زندهه آهي. مونکي سندس شاعري پڙهندي محسوس ٿيو ته هي انهن نوجوان شاعرن مان آهي جن ڪڏهن به سياسي جدوجهد ۾ هلندي، سنڌ جي سونهن ورونهن ۽ آزادي لاءِ خواب ڏسندي عام نعرن جو سهارو نه ورتو ۽ صرف پاڻ سان گفتگو ڪئي آهي. ڇاڪاڻ ته هن جڏهن شاعريءَ ۾ اڏامڻ چاهيو ته سياسي جدوجهد جا اڪثر مورچا ۽ اهڃاڻ يا ته بلڪل مٽجي چڪا هئا يا تڏا ويڙهه جاري هئي ۽ پوئتي رڳو ڌنڌليون ڪهاڻيون رهجي ويون. بلڪل پراڻين تصويرن وانگر انهن جا اصل رنگ اڏامي ويا هئا. 

ان رهجي ويل اهڃاڻن ۾ ائين ٿو لڳي ڄڻ ته سنڌ جي هاڻوڪي شاعري ۾ ان فرق جي سنهي لڪير به مٽجي وئي آهي جيڪا درٻاري ۽ آزاد خيالي کي واضح ڪري ٿي. ڇاڪاڻ ته سماجي حالتون ۽ پيداواري طريقا به تبديل ٿي ويا آهن جن انساني روايتي زندگيءَ تي وڏا اثر ڇڏيا آهن.  

حسين سرور پنهنجي شاعري ۾ سماجي حقيقت نگاري ۾ رنگ ڀرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هڪڙو سادو خيال آهي، فطري حسناڪين کان خالي پر هن جو پنهنجو رانديڪو آهي. دل ئي دل ۾ احتجاج آهي. 

”او سنڌي تنهنجي حال مٿان، 
مان روئان يا حيران ٿيان. 
تو پاڻيَء جي هڪ واري تان، 
آ پنهنجو سنڌي ڀاُء ڪُٺو“

هن تيز رفتار مواصلات واري دور ۾ غربت ۽ معاشي مسئلن کيس اڪيلو ڪري ڇڏيو هو. کيس مهلت نه ملي ته هوُ انهن مسئلن مان آجو ٿي نڪري ها جتي هن جا همعصر شاعر پهچڻ جي جستجو ڪري رهيا آهن. ان ڪري هن جي شاعري پڙهندي لڳو ته هوُ سياسي جدوجهد واري ميدان بدران پنهنجي اندر جي دريءَ مان دنيا کي ڏسي رهيو هو. 

بهرحال، اسان جو هي دوست شاعر به انهن پکين جي وڳر ۾ شامل هو جيڪي شاعراڻي افق تي معمول جي اڏام تي هئا پر اوچتو هن جا پر سندس ساٿ نه ڏئي سگهيا ۽ هي پنهنجي تخليقي اڏام واري رستي تان ٿڙي هوائن ۾ وکري ويو. آئون سندس ئي لفظن ۾ کيس ياد ڪريان ٿو: 

”ڪنارن تي بيٺا رهيا سون اسان ۽، 
تصور اسان جو پرينءَ ڀر هليو ويو. 
جڏهن شهر جانا مٽيو ذوق پنهنجو، 
ٻه ٽي لڙڪ هاري سُخنور هليو ويو“.