ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

سھيڙيندڙ پاران

جيئن تہ 30 سيپٽمبر ۽ پھرين آڪٽوبر جا ڏينھن سنڌ لاءِ ڪاري باب جي حيثيت رکن ٿا، جن ڏينھن ۾ بيگناھہ انسانن جي رت سان هولي کيڏي وئي. سنڌ ڪيترائي سال روئيندي رھي، ان جي نتيجي ۾ ڪي ڦَٽ ڄڻ تہ اڄ بہ تازا آهن، ائين ئي 30 سيپٽمبر ۽ پھرين آڪٽوبر جا ڏينھن منھنجي وجود لاءِ بہ بدترين ڏينھن بڻيل آهن، جڏهن منھنجو والد اسانکان هميشہ لاءِ جُدا ٿي، نہ کُٽندڙ ڏُک ڏئي ويو. منھنجو والد پروفيسر لياقت عزيز منھنجي آئيڊيل شخصيت هو، جنھن پنھنجي سموري عُمر ايمانداري سان ۽ انتھائي سادگي سان گُذاري. هُو نوڪري جي مجبوري سبب حيدرآباد ۾ رهندو هو، موڪل واري ڏينھن پنھنجي شھر ٽنڊي محمد خان ايندو هو. اسانجي پڙھائي، بعد ۾ نوڪري ۽ گهرو مصروفيتن سبب ساڻس ڪي ڊگهيون يادون، بحث مباحثا، سندس علمي سرگرميون ۽ ادبي زندگيءَ اسان لاءِ ڪنھن قدر لِڪل باب مثل رھي. سندس زندگيءَ جا اخري پنج سال مسلسل، سي بہ سندس شديد بيماري ۾ ساڻس گڏ گُذارڻ ۽ وس آھر خدمت ڪرڻ جو موقعو ملي سگهيو. پروفيسر لياقت عزيز جي وڇوڙي پُڄاڻان 30 سيپٽمبر 2019ع تي سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان پاران سندس پھرين ورسي ملھائي وئي، ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي متحرڪ ادبي ڪارڪن اعظم ڀٽي پنھنجي تقرير ۾ اھا گهر ڪئي هئي تہ پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي ٽڙيل پکڙيل لکڻين کي سھيڙي ڇپائڻ گهرجي. مون ان موقعي تي اعلان ڪيو هو تہ پروفيسر جي لکڻين کي سھيڙي ڪتاب ضرور ڇپرائي پڌرو ڪبو. ان سلسلي ۾ اعظم ڀٽي جي رهنمائي ۾ اسان ڪوششون شروع ڪري ڏنيون. ان دوران منھنجي ڌيءُ موتيا، جنھن بابا جي بيماريءَ وارو آخري عرصو سندس خدمت ۾ گُذاريو، اُن مونکي ٻُڌايو تہ بابا پنھنجي حياتيءَ ۾ پنھنجا ڪالم روشني پبليڪيشن واري علي نواز گهانگهري کي ڏنا هئا، پر بابا جي طبعيت خراب ٿيڻ ڪري اهو ڪم تڪميل تائين نہ پھچي سگهيو. آئون، اعظم ڀٽي ۽ اعجاز جسڪاڻي گڏجي علي نواز گهانگهري سان ملياسين، جنھن سان ڪتاب جي ڇپائي بابت ڳالھہ ٻولھہ ٿي، پر مٿان ڪرونا جي وبا اچي وئي، ڪافي وقت بہ گُذري چُڪو هو، ٻيھر علي نواز گهانگهري صاحب سان ملياسين، جنھن چيو تہ ڪرونا ۽ ان جي بعد واري صورتحال جي پيشِ نظر اسان ڪتابن جي ڇپائي جو ڪم بند ڪري ڇڏيو آھي. خير گهانگهري صاحب اسانکي مواد واپس ڪيو. جيڪو مواد مليو ۽ ان کانسواءِ ٻيو کوڙ سارو ٽڙيل پکڙيل مواد گڏ ڪرڻ جي ذميداري اعظم ڀٽي پنھنجي سِر تي وسائي. مواد متعلق توڙي ڪتاب جي ڇپائي جي باري ۾ منھنجون، اعجاز جسڪاڻي ۽ اعظم ڀٽي جون ڪوششون جاري رھيون، نيٺ وس ۽ وت آھر هڻي وڃِي هنڌ ڪري، مسودو تيار ڪيوسين. جيڪو ساحل پرنـٽرس جي سرواڻ مور ساگر جي سھڪار سان ڪتابي صورت ۾ اوھانجي هٿن ۾ آھي. هونئن پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو نالو علم، ادب ۽ سياست توڙي سماجيات جي حوالي سان ڪنھن لاءِ نہ نئون ناھي. هُو هڪ بھترين تعليمدان هو، جنھن وٽ تعليم جي حصول لاءِ سوديبازي جو ڪو بہ وکر نہ هو، هُو هڪ اهڙو اديب هو، جنھن وٽ قلم، هٿيار مثل هو، هُو اهڙو سياستڪار هو، جنھن جو ھر رستو مسلسل جدوجهد جو عڪس هو. هُن جو ايمان هو تہ ”جتي بہ ظلم ۽ ناحق آھي، بُک ۽ بيروزگاري آھي، معاشي اڻبرابري، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ آھي، قومي ۽ انساني حقن جي لتاڙ آھي. اھا جنگ جاري رهندي.“ ڪيڏي نہ اُميد آھي، ڪيڏو نہ اُتساھہ آھي، ڪيڏو تہ همت ۽ حوصلو آھي، انھن لفظن ۾. ان اُميد، اُتساھہ، همت ۽ حوصلي جي ضرورت ھر دور ۾ پئي رھي آھي. سالن پُڄاڻان بہ سنڌي سماج لاءِ اڏوھي بڻيل اھي حالتون اڄ بہ ساڳيون لڳن ٿيون. بس وقت جا ڪانٽا هڪٻئي مٿان چڙهندا ٿا رهن. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جڏهن کان شعور سنڀاليو قلم ۽ ڪاغذ سان سندس ناتو اڻٽُٽ رھيو. سندس لکڻين جو محور سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي عوام، سنڌي پورھيت، مظلوم ۽ پيڙھيل طبقو، انھن سان سلھاڙيل نجي، ذاتي، تعليمي، سياسي ۽ سماجي مسئلا، رياست، جمھوريت، آمريت، بيڪار حڪومتي ڍانچا، بُک، بدحالي، مھنگائي، بيروزگاري، عالمي صورتحال جي پيش نظر لاتعداد مونجهارا ۽ مشڪلاتون، ڌاڙيل ڪلچر، آزاديءَ، غلامي، خاص طور سنڌ جي تعليم، تعليمي تباھي واري صورتحال، ان جو حل ۽ ان لاءِ ضابطہ اخلاق سميت انيڪ موضوع آهن، جن تي هُن وڏي بھادريءَ ۽ جرئتمنديءَ سان قلم آزمائي ڪئي. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي پنھنجي ذات ۾ هڪ انجمن هو، هُو هڪ تنظيم هو، هڪ تحريڪ هو، جنھن جا عڪس اڄ بہ سنڌي سماج ۾ موجود آهن. هُو نہ رڳو هڪ متحرڪ ڪردار هو پر هڪ اهڙو دانشور هو، جنھن جتي بہ جيڪو ڪجهہ ڏٺو ٿي، جتي بہ سندس من ۾ مانڌاڻ مچي ٿي، هن قلم کي سگهارو هٿيار بنائي، پنھنجو آواز بُلند ڪيو ٿي. سندس لکڻين جو انگ توڙي جو تمام ڪثير تعداد ۾ نہ بہ هجي، پر هُن جيڪو ڪجهہ بہ لکيو سو انتھائي معياري ۽ ڪارائتو لکيو. 1993ع ۾ سندس لکڻين جو پھريون مجموعو نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران “قومي غدار ۽ حساب ڪتاب” جي نالي سان شايع ٿيو هو. جيڪو ٿوري وقت ۾ هٿوهٿ وڪامي، هن وقت ناياب بڻجي ويو آھي. توڙي جو سندس اھي لکڻيون محفوظ بڻيل آهن، جن کي ٻيھر پڌرو ڪرڻ جي ضرورت پڻ آھي. ان کي عملي جامون پھرائڻ جي بہ ڪوشش ٻيھر ڪبي. ان کانپوءِ بہ سندس کوڙ ساريون لکڻيون سنڌ جي ساڃاھہ جي نظر مان گذرنديون رھيون آهن، جيڪي ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ روزاني اخبارن، رسالن توڙي مختلف ڪتابن جي زينت پڻ بڻيون. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي سان لاڳاپيل حلقن توڙي علم ۽ ادب سان چاھہ رکندڙن جو هميشہ اهو اصرار رھيو تہ انھن ٽڙل پکڙيل لکڻين کي سھيڙي، گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپايو وڃي. جنھن سھيڙ جي حوالي سان تمام گهڻين مشڪلاتن مان پار پئي، هن منزل تي پھتا آھيون. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جون ٽڙيل پکڙيل لکڻيون جتان بہ هٿ اچي سگهيون انھن کي هن ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري رھيا آھيون. ٿي سگهي ٿو تہ اڃا بہ ڪي لکڻيون اسانجي نظرن کان رهجي ويون هجن. ان لاءِ پڙهندڙن کي نماڻي گذارش آھي تہ هن ڪتاب جي مطالعي سان گڏ رهجي ويل لکڻين توڙي پنھنجي اصلاحي راين بابت اسانکي ضرور آگاھہ ڪن تہ جيئن مستقبل ۾ انھن سمورين لکڻين جي ڪنھن گڏيل سھيڙ ۾ ڪا عملي شڪل جُڙي سگهي. هن ڪتاب ۾ جيڪي بہ لکڻيون شامل آهن، سي ويھين صديءَ جي پڇاڙي ۽ ايڪويھين صديءَ جي شروعاتي ٻن ڏھاڪن ۾ مختلف وقتن تي لکيون ويون هُيون. انھن لکڻين کي پڙهڻ سان اڪثر اهو خيال جنم وٺي ٿو تہ ڄڻ اڄ بہ اھا ئي ساڳي صورتحال برقرار آھي. تنھنڪري اھي لکڻيون ھر دور جي عڪاسي محسوس ٿين ٿيون. ڀلي کڻي ليکڪن جا دور الڳ الڳ هجن پر ڪي ليکڪ ھر دور جا نمائندہ ثابت ٿيندا آهن، جن جي تخليق کي پائندگي مليل هوندي آھي. اهڙا ئي عڪس هن مجموعي ۾ بہ شامل آهن. موجودہ دور ۾ ڪتاب ڇپائڻ بہ هڪ وڏو ڪٺن ڪم آھي، وري جي لکڻيون ٽڙيل پکڙيل هجن، انھن کي چُونڊي گڏ ڪري، هڪ هنڌ سھيڙڻ وارو ڪم ان کان وڌيڪ ڪٺن آھي. ان سموري ڪم ۾جن دوستن مون سان ڀرپور سھڪار ۽ ساٿ نڀايو، انھن جي محبتن کي قطعي بہ وساري نٿو سگهان. خاص طور سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جي مرڪزي خزانچي اعظم ڀٽي، انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊي محمد خان چيپٽر جي صدر اعجاز علي جسڪاڻي جي لمحي لمحي جي مڪمل سھڪار ۽ ساٿ منھنجي تمام گهڻين مشڪلاتن کي آسان بنايو. ان حوالي سان سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊي محمد خان ۽ انجمن ترقي پسند مصنفين ٽنڊي محمد خان چيپٽر جي سمورن ساڃاھہ وند دوستن جي همت افزائي مونکي تمام گهڻو ڏڍ، حوصلو ۽ همت ارپي. توڙي جو پروفيسر لياقت عزيز سولنگي منھنجو والد آھي، ان نسبت سان مون تي وڌيڪ فرض عائد ٿئي ٿو پر مٿين دوستن جيڪو ڀرپور تعاون ڪيو، سو ثابت ڪري ٿو تہ اھي نہ رڳو سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جا عاشق آهن پر اھي پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جا ادبي وارث پڻ آهن. جن کيس ھر سال ياد ڪرڻ جي روايت کي مضبوط بنياد فراهم ڪيا آهن. آئون انتھائي مشڪور آھيان مانواري چاچا سائين قادر بخش طالباڻي صاحب جو، جنھن انتھائي پيرسنيءَ ۽ علالت باوجود نہ رڳو مڪمل طور اُتساھيو پر مھاڳ بہ لکي ڏنو، جيڪو بہ هڪ تاريخي دستاويز آھي. آئون دلي طور ٿورائتو آھيان محترم منظور ٿھيم جو، جنھن هن ڪتاب بابت پنھنجي مُفيد راءِ لکي ڏني. آئون دلي طور نيڪ تمنائن سان ٿورائتو آھيان محترم اعظم ڀٽي جو، جنھن هن مجموعي جي سھيڙ، ڪمپوزنگ، ايڊيٽنگ، پُروفنگ سميت سمورن مرحلن ۾ نہ رڳو تحسين لائق ڪردار ادا ڪيو پر پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي زندگيءَ بابت هڪ بھترين تعارفي خاڪو پڻ لکيو. مونکي دلي طور قدر آھي سائين اعجاز علي جسڪاڻي جي ھر قدم جو، جنھن لمحي بہ لمحي هن سموري ڪم کي پنھنجو فرض سمجهي ھر هنڌ اسان سان مڪمل ساٿ، سھڪار ۽ رهنمائي وارو ڪردر ادا ڪيو. هن موقعي تي آئون پروفيسر يعقوب چانڊيي جي ڪردار کي قطعي بہ وساري نٿو سگهان، جيڪو بابا پُڄاڻان نہ رڳو ھر وقت رابطي ۾ رھي اُتساھيندو رھيو پر پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جي علمي ۽ ادبي مشاھير وارو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو پيو اچي. بيڪ ٽائيٽل تي هُن پنھنجو ڀرپور حوصلو ۽ پيار ونڊيو آھي. شايد انھن ڄاڻايل هٿن جي مشقت کانسواءِ ھي ڪٺن ڪم منھنجي لاءِ تمام گهڻو مشڪل هو پر دوستن جي ساٿ اهو اُتساھہ ارپيو تہ هٿ هٿ جڏهن مڙي مُٺ بنجي ٿي تہ ڪوبہ ڪم مشڪل ناھي هوندو. آخر ۾ آئون دلي طور ساحل پرنٽرس جي سرواڻ مور ساگر جي مانائتي ڀرم جو متعرف آھيان، جنھن جي ڪاوشن هن ڪتاب کي حتمي شڪل ڏني. اُميد اٿم تہ هن ڪتاب ۾ شامل مواد نئين نسل لاءِ لاڀ جو ڪِرڻو ضرور ثابت ٿيندو. آڱرين تي ڳڻڻ جيترا بہ ڪي ذهن هن مان ڪو لاڀ پِرائي سگهيا تہ اسان پنھنجي ڪوششن کي سڦل ڀائينداسين.


ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي
ٽنڊو محمد خان