تعليم، استاد ۽ شاگرد
اسان جي آڏو ڪيترا سوال ڪَرُ کڻي اُڀا ٿين ٿا، تہ تعليم کي ڇا ٿي ويو آھي؟ اڄ جو استاد پنھنجو قومي ڪردار ڇو وساري ويٺو آھي؟ شاگرد قومي لاتعلقيءَ جو ڇو شڪار آهن؟ علم جي عظمت ۽ تعليم جي افاديت کان انڪار نہ آھي، ڇاڪاڻ تہ استاد ۽ شاگرد متصادم معاشري ۾ باهمي رشتو جوڙي سگهن ٿا ۽ تهذيب جي ترقيءَ ۾ ڀاڱي ڀائي ۽ ڀت ڀائي ٿيڻ جو اهل بنائين ٿا. تعليم، ترقيءَ جو ”عام مختار نامو“ ۽ علم، قومي سگهہ جو مروج سڪو آھي. تعليم حاصل ڪرڻ جو ماحول آزاد هجي، ان ۾ امن ۽ آزاديءَ جي دولت ايتري تہ عام ۽ عالمگير هجي، جو ان کي وات واکاڻڻ جي ضرورت نہ پوي ۽ ان جي پذيرائي ائين ٿيندي رھي، جيئن بھار جي موسم ۾ سڳنڌ ۽ سرھاڻ جي ۽ جنھن جو اثر روح تائين پھچي مسيحائيءَ جو ڪم ڏئي، ذهن کي سڪون ۽ اکين کي تراوت بخشي. پر پنھنجو حال اهو آھي تہ ڀونءَ تي ڀئو، پاپيءَ جو پاڇو، ارھيون اکيون، فتنہ انگيزي ۽ خونريزي، تضاد ۽ فساد، لوڪ لوٺين جون چوياريون، روھہ رُلين جون ٻاريون متل آهن. ان سان گڏو گڏ صبح و شام رنج و الم، سرعام اغوا ۽ قتل عام روز مره جو معمول آهن. هڪ طرف بڇ تي ڀونڪڻ وارا، سازشن جا سڪيلڌا، هٿپال شھري شودا آهن، تہ ٻئي طرف قيمت چُڪايل ۽ ٽڪلي لڳايل نقلي فرضي قومپرست، دلبي ۽ پٽ کوھہ ۾ رُڌل چڪر چال ۽ جهمر پائي لاڳ وٺڻ وارا نام نھاد دانشور۽ ديدہ ور، ڌنڌي ڀائي ڪامورا ۽ سياسي جل ڦٽاڪا آهن ۽ انھن سڀني جا اھي سرپرست بڻيل آهن، جيڪي اصل ۾ قذاق آهن. اهڙي انڌير نگريءَ ۾ ستم زدہ سنڌي مونن ۾ مُنھن پائي اُڻ تڻ ۾ چُپ چَپ ۽ لڪ ڇپ بہ ڦٽيلن ۽ ڦريلن جي درد جو ورد ڪندا ٿا رهن ۽ آزاديءَ جي تصور ۽ تصوير جي ٻن متضاد روپن جون تعديون ۽ چٿرون سهندا ٿا رهن. رهزن نما رهبرن مڙي ملي، هن جنت نما وادي کي خوشين کان خالي چادر، تر پلڪون ۽ خشڪ نظرون، آليون اکيون ۽ آهون ڏنيون آهن. اهڙي ماحول ۾ درس و تدريس جي ڳالھہ ڪرڻ، تعليمي تباھيءَ جو ذڪر ڪرڻ اجايو ناھي. اسانکي پنھنجي اندر جي آئيني ۾ جهاتي پائي ڏسڻ گهرجي، جتي اسان جي تباھيءَ ۾ غيرن ۽ کير کرين جو هٿ آھي، اُتي اسانجي پنھنجن بہ وسان ڪين گهٽايو آھي، اسانکي بہ آئيني ۾ عڪس ڏسڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ خود شناسي علم جي انتھا ۽ پاڻ سڃاڻڻ ڄاڻ جو ڇيھہ آهن. اچو تہ جتن جي جاڙ، اهل ڪرم جي ناقدري، ماضيءَ جي اعمالن، حال جي احوالن ۽ سالن جي ملال جو پوتا ميل جوڙيون، جن اسانجي گريبان چاڪ، بندہ بدنام، بي زبان انسان ۽ ادارن کي ويران ڪيو. آئون علم سياسيات جو هڪ رواجي ۽ روايتي قسم جو طالب علم آھيان، علم جي سکڻ ۽ سيکارڻ دوران ”سياسي نظرين“ جا کوڙ سارا ”ازم“ پڙھيم ۽ پڙھايم پر ڄامشورو ڪيمپس تي هڪڙي نئين ۽ انوکي ازم جو راڄ ٻڌم ۽ ڏٺم، جو آھي”داٻو ازم“. جنھن جو مطلب آھي تہ ”تاحيات“ شاگرد ۽ دائمي ليڊر ۽ انھن جا ساٿاري ادارن جي سربراهن کان ”دادا ٽيڪس“ وصول ڪرڻ ۽ داخلائون حاصل ڪرڻ، ھاسٽل جي ڪمرن جي الاٽمينٽ ڪرائڻ، شاگرد تنظيمن لاءِ ڪمرن، فرنيچر، ٽيليفون تي قبضو ڪرڻ، استادن کان من پسند مارڪون ۽ گريڊ وٺڻ، ڪينٽين تي مفت کاڌ پيت، ماھانہ رقم وصول ڪرڻ، ۽ انھن سڀني حاصلات لاءِ دڙڪا ۽ ڌمڪيون ڏيڻ، طاقت ۽ تشدد جو مظاھرو ڪرڻ، بندوق ۽ بارود جي نمائش ڪرڻ کي ڪيمپس جا رهواسي ”داٻو ازم“ جو نالو ڏين ٿا. اهڙي طرح ڪن شاگردن گرم گفتار ۽ تلخ ڪلاميءَ کي حياتِ جرئت سمجهيو آھي، تہ ٻين وري گوليءَ کي ٻولي سمجهيو آھي. سو هڪڙي ٻئي کان سرسي ۽ گوءِ کڻڻ لاءِ ”هت لڄائين لوڪ کي ۽ هُت ڍيلين ڍٽ“، باقي شاگرد برادريءَ جي اڪثريت باس زدہ ۽ يرغمال آھي. مون جڏهن قومي جرگا ڪاميٽيءَ جي رڪن جي حيثيت سان سائين پروفيسر عمر ميمڻ مرحوم، سانئڻ نور الهديٰ شاھہ، يوسف لغاري ايڊووڪيٽ ۽ تاج جويو سان گڏ ڪيمپس جي ماحول جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي تہ معلوم ٿيو تہ ادارن جون ايمبولينس سميت ٻيون گاڏيون ڦرڻ، چورايل گاڏيون ٿمائڻ، پيشہ ور ڏوھارين کي لڪائڻ ۽ هٿيار رکڻ نہ واقعو آھي ۽ نہ ئي واردات پر رواج آھي. انتظاميہ کان معلوم ٿيو تہ ڪنھن بہ گناھہ ۽ ڏوھہ جو پيرو کڻو تہ ھاسٽلن جي مخصوص ڪمرن تائين پھچي وڃبو. صدمي جي اھا ڳالھہ آھي تہ ھاسٽلون، جيڪي غريب طبقي جي شاگردن کي تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مدد ميسر ڪرڻ لاءِ مختلف طبقن جي سماجي معاشي پس منظر مان آيل نوجوانن لاءِ پرجهہ ۽ پروڙ، ميل ۽ ميلاپ جا مرڪز ۽ تربيت گاھہ بنجڻ، نظرياتي نرسريون ۽ عالم ۽ عقل جا يار پيدا ڪرڻ لاءِ ٺاھيون ويون ھيون، سي ڪن چند خود سر ۽ خود پسند ڇڙواڳن جي ڪري مرڳو ئي ڪارنھن جو ٽڪو بنجي ويون. تعليم، انتظاميہ ۽ اخلاق لاءِ درد سر بنجي ويون. اسين ڪچي گهڙي جي آس تي دريا پار ڪرڻ جي آس لڳايو ويٺا هئاسين. ملڪي سياست ڏسو، جنھن ۾ وڏن جو عمل دخل آھي، ان جو بنياد پنجن مڪروھہ حرڪتن تي ٻڌل آھي، يعني داداگيري، پيدا گيري، اٺائيگري، سوداگيري ۽ دهشت گردي. جنھن جو حاصل مطلب اهو ٿو نڪري تہ ”جو ڏاڍو سو گابو.“ جيڪڏهن سڄي سماج ۾ جاري ساري ”سڪو“ زورا زوري هجي، تہ نوجوانن جو ذهن ۽ زبان ڪيئن پاڻ بچائي. ڀتين تي نعرا هجن ”وطن يا ڪفن“، ”حقوق يا موت“، ”امن هو يا جنگ، قائد ڪي سنگ“ وغيره تہ ڇو نہ نوجوان زوم ۾ اچي. ھر گهٽي ۽ رستي تي هنن جي ڪنن ۾ اهڙا گانا، جن جا لفظ هجن ”تو پريمي مين پريمي، ڦر ڪيا ڊيڊي ڪيا ممي“ ۽ مٿان نالي واري مصرع هجي ”چما چما“، تہ پوءِ اثر تہ اهڙو ئي پوندو، ۽ جي وري انھن سان شامل ٿي وڃن نشي جا واپاري، موت جا سوداگر ۽ گهاٽ گهاتو سياستدان، تہ پوءِ ويچارو نوجوان باھہ ۽ ڪڙاھيءَ جي ٻہ مُنھين بلا جي وچ ۾ ڦاٿل آھي ۽ فضا ۾ ڪوڙن ۽ افواهن جي گردش ايتري هجي، جيتري سانوڻ جي گُهٽ ۾ رات جو بتيءَ تي جيت، تہ نوجوان سکي تہ ڪنھن کان ۽ ڪٿي؟ هو ڪري تہ ڇا ڪري؟ اعتراض، احتجاج، بغاوت يا شڪست تسليم ڪري پيش پوي؟ اتي وڏن جو فرض آھي تہ اڳتي وڌن ۽ صحتمند ماحول مھيا ڪن. اڄڪلھہ تعليم ڏيڻ ۽ وٺڻ جهاد آھي، جنھن ۾ اهنج ۽ اهنڊ بيشمار آهن، پر پاڻ سان وڌيڪ ويڌن آھي. ٻين مشڪلاتن سان گڏ والدين جي لاپرواھي، نوجوانن جي ارڏائي، سياسي پاراتن ۽ پِٽن ۽ سرڪاري ڪاڍوڙن گڏجي تعليم کي اهڙو تہ ڪاپاري ڌڪ هنيو آھي، جو يقين ڪريو تہ ڪنھن قاتل جي خنجر بہ ايترو گهرو گهاءُ نہ ڪيو هوندو. البتہ ڪجهہ مھينن کان ڪجهہ نوجوانن اهو محسوس ڪندي ڪجهہ صحتمند سرگرمين جو آغاز ڪيو آھي، جن ۾ شاگردن لاءِ تربيتي ڪيمپون، امن ۽ علم لاءِ ڊوڙون پائي واجهائڻ، بُڪ فيئر، ڪئيز ڪامپيٽيشن، سيمينار وغيره. پر مايوسيءَ جي انھي ڪاري ڪُن ۾ مونکي هڪڙي اميد جي هلڪي لاٽ نظر اچي ٿي، اھا روشني آھي استاد. مونکي احساس آھي تہ منھنجي انھيءَ آس تي استاد شديد احتجاج ۽ بلند آواز اعتراض ڪندا. احتجاج جي صحت تي شڪ نہ آھي، ڇاڪاڻ تہ هن امير ۽ غريب، شهزور ۽ ڪمزور، مرشد ۽ مريد، ذاتين ۽ قبيلن، طبقن ۽ تاڪين جي متصادم معاشري ۾ جتي دهشتگرد ۽ دادا گير دادلا، پيداگير ۽ اٺائيگير لاڏلا، ڏوھي ۽ ڊوھي محرم ۽ محترم هجن، تہ استاد، جيڪو اڳيئي معاشي ويچارگي ۽ سياسي تياڳيءَ جو شڪار آھي، تنھنکي ان لاءِ ”هُوڪارڻ“ ائين آھي ڄڻ باھہ جي اوڙاھہ ۾ برف اڇلائجي. سو هو ڏسي وائسي نانگ جي ٻر ۾ هٿ وجهي جيءَ کي جوکم ڇو رسائي؟ پر فرض ڪريو تہ ڪي ڌرتيءَ جا لال اُڀري ٿا اچن، تہ اھي بہ سوال ڪندا تہ ڇا ھي قابيل ساڳي ڪک جي ڄائي ھابيل جي رت جا پياسا نہ رهندا؟ سوال اوکو، جواب مشڪل آھي پر جي ويڄ بہ وهلور ويندا تہ پوءِ درسگاهن ۾ تعليم جي ڪفن ۽ دفن، قبرن ۽ قبن جو اهتمام ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ اهڙي صورتحال ڪنھن کي نہ وڻندي ۽ مون جيڪا آس استاد ۾ رکي آھي سا انھيءَ اڻ وڻندڙ منظر جي حوالي سان آھي. استاد تعليم ۽ ادارن جا فطري رکوالا ۽ ھر عمر ۽ جنس جي شاگردن جا نگهبان آهن، اھي خدائي خدمتگار ۽ سماج لاءِ دائمي بچاءُ فوج جا ڪارڪن آهن. انھن لاءِ اُجورو اُجرت کان افضل آھي. استاد سماج جي سوچ جو سردار آھي، ان کي اھي ذميواريون پوريون ڪرڻيون آهن. مھاتما گانڌيءَ جو قول آھي تہ One can forego right but one can not forego duty استاد ڪيئن پنھنجي قومي فرض ۾ ڪوتاھي ڪري سگهي ٿو! ڪيئن هو ڪاڻيارو ٿيندو، پنھنجي قوم ۾! ڇو لوٺيو ٿيندو لوڪ ۾! ھرگز نہ ٿيڻ گهرجيس، ڇاڪاڻ تہ ان کي ڄاڻ آھي تہ ڏياچ کي ڏيھہ جو ڏاتار، تند، ڪنڌ ۽ ڪٽار جي سنگم ڪيو، ڇاڪاڻ تہ تاريخ جي هڪ حصي کي سچ جي سَند صليب عطا ڪئي. سو استادن کي صرف اُلڪا ڇڏڻا ۽ وهم گمان وسارڻا آهن. سچ لاءِ ويڙھاند خُدا کي بہ پسند آھي. هڪ دفعو استاد تعليم جا مربي ۽ شاگردن جا مددگار ۽ رهنما ٿي تہ ڏسن! هڪ دفعو اھي سچ ۽ ڪچ جو فرق تہ سيکارين، تہ هو ڏسندا تہ ڪيئن ٿا هنن جا شاگرد ٻاھرين واڳن ۽ واگهن سان ويڙھہ کائي پنھنجن ادارن جو تقدس ۽ ڀرم قائم ڪن. استاد شاگردن کي اهو احساس ڏيارين تہ پاڻ هن مقدس ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان جڙيا آھيون ۽ ھاڻ هن مٽيءَ جي مان رکڻ لاءِ ڌرتيءَ جي ماڻهن ۽ ادارن کي بچائجي، تہ مون کي يقين آھي اھي ئي اسان جا شاگرد سازشي مٿيرن ۽ ڏڦيرن کي راھہ فرار اختيار ڪرڻ تي مجبور ڪندا. استاد هڪ ڀيرو هن ڌرتيءَ لاءِ ابنِ مريم تہ بنجي ڏسن، تہ انھن جي مسيحائي هن سڄي ڪوڙھہ کي ڪيئن نہ صاف ٿي ڪري. استاد شاگردن کي جيءَ ۾ جاءِ ڏين، تہ هنن جو مشاهدو ٿيندو تہ ترار ڪيڏي بہ تکي هجي، پنھنجي مياڻ کي نہ ڪپيندي. عظيم چيني رهنما مائوزي تنگ چيو آھي تہ:
” Once the young grasp the truth, they are invincible“