ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز: تحسين لائق ڪردار

سائين پروفيسر لياقت عزيز سولنگي گهڻ رُخي شخصيت هو ۽ هن ۾ قدرتي طور تمام گهڻيون خوبيون ھيون. هن سان نيازمندي 1988ع کان ھئي، پر ساڻس ويجھڙائي 1991ع کان ٿي، جڏهن آئون گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار مقرر ٿيس. پروفيسر لياقت عزيز صاحب منھنجي نظر ۾ جدوجهد جو اُھڃاڻ ھو. ھو بُردبار، بي ڊپو ۽ صاحب ِڪردار شخص ھو. سندس زندگي پنھنجي ماڻھن جي ڏُکن ۽ اھنجن تي ڪڙھندي ھئي. سائين جو قلم ھميشہ سماج ۾ موجود خرابين تي وڄ جيان ڪڙڪندو ھو. هن پنھنجي سبجيڪٽ يعني پوليٽيڪل سائنس تي وڏي مھارت سان اٺ تدريسي ڪتاب لکيا، جيڪي ڪاليج کان يونيورسٽيءَ تائين جي تدريسي ڪورس تي رکيل آهن. سائين لياقت عزيز نہ صرف صاحبِ علم ھو، پر صاحبِ قلم پڻ ھو، سندس قلم سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن سان بہ خُوب نڀايو، تہ وري سماج جي عڪاسي بہ ڪئي. سائين جا لکيل ڪالم روزاني عوامي آواز، خبرون، خادم وطن ۽ ڪاوش ۾ اھم جاءِ والاريندا ھئا. سندس لکڻيون سنڌ، ملڪ ۽ عالمي سياسي ۽ سماجي حالتن جو بيرحمي سان ڇيد ڪندڙ آھن، سندس ويھه سال اڳ لکيل ڪالم ڄڻ تہ اڄڪلھه جي حالتن تي لکيل محسوس ٿيندا آهن. پروفيسر لياقت عزيز جي زندگي ننڍي هوندي کان ئي جدوجهد سان واڳيل رھي، اسڪول جي شاگردي واري عمر ۾ ٽنڊي محمد خان جي ميونسپل اسڪول کي ھاءِ اسڪول جو درجو ڏيارڻ، فوجي شگر ملز ٽنڊو محمد خان ۾ مقامي ماڻھن کي روزگار ڏيارڻ، ٽنڊو محمد خان جي فوجي شگر ملز، ٽالپر ٽيڪسٽائل ملز ٽنڊو محمد خان، پن جي ٻيڙي ٻاڌارن ۽ ٽانگا يونين جو بنياد وجهڻ ۽ انھن کي پاڪستان ورڪرز فيڊريشن جو حصو بنائڻ (جيڪا ڪميونسٽ پارٽي جي شاخ ھئي)، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپرائڻ تان جيل وڃڻ وارا عمل سندس تاريخي جدجهد جو حصو آهن. پروفيسر لياقت عزيز صاحب 15 فيبروري 1973ع تي ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ سنڌ جي سڀ کان وڌيڪ متحرڪ تنظيم سنڌ ليڪچرارس ايسوسيئيشن جو بنياد وڌو (جيڪا پوءِ سپلا جي شڪل ۾ آئي). جنرل ضياء الحق جي مارشل لا 1979ع ۾ ھڪ آرڊر نمبر MLO-55 جاري ڪيو ويو، جنھن تحت سنڌ جي آفيسرن کي فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن ۾ حاضر ٿيڻو هو، لياقت عزيز صاحب ان خلاف جدوجهد ڪئي، جنھن جدوجهد جي نتيجي ۾ سالياني رپورٽن جي بنياد تي سڀني کي نوڪرين تي بحال رکيو ويو. 9 فيبروري 1984ع تي ملڪ ۾ شاگرد يونين تي پابندي لڳائي وئي، ان کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ استاد تنظيمن تي پابندي جا سانباھا ڪيا ويا ھئا، لياقت عزيز پنھنجي دوستن سان گڏ سڄي ملڪ جي مختلف استاد تنظيمن کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ ”ٽيچرس متحدہ محاذ پاڪستان“ جوڙيو. سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي ڪروڌ ۽ استاد تنظيمن کي متحرڪ رکڻ لاءِ پرائمري، سيڪنڊري ۽ ڪاليجي استادن کي گڏ ڪري موري کان ڪراچي تائين ”لانگ مارچ“ ڪيائين. 1988ع ۽ 1989ع ۾ لساني ھنگامن ۾ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ نسيم نگر قاسم آباد ۾ هڪ وڏي ڪئمپ قائم ڪئي وئي, جنھن جو سائين لياقت عزيز روحِ روان ھو ۽ ڏتڙيل ماڻهن کي عارضي طور آباد ڪرڻ لاءِ هو ھر ممڪن قدم کڻندو رھيو. 1991ع ۾ سنڌ جي نمائندہ ادبي اداري ”سنڌي ادبي بورڊ“ بچايو تحريڪ ھلي پاڻ ان جو سرگرم اڳواڻ هو. 1992ع ۾ شاھبندر واقعي ۾ بيگناھہ نوجوان ماريا ويا تہ پروفيسرلياقت عزيز پھريون شخص ھو, جنھن پريس بيان وسيلي ان عمل جي مذمت ڪندي, ان کي سختي سان ننديو. 1992ع ۾ مھراڻ يونيورسٽي ۾ ٻن شاگردن جي قتل تي پوري سنڌ ۾ ڳڻتي واري صورتحال بعد ان واقعي ۾ ملوث ذميوارن جي تعين لاءِ سنڌي ادبي سنگت پاران قائم ڪيل ”قومي جرگا ڪميٽي“ جا پاڻ انتھائي سرگرم ميمبر ھئا. ان جرگي کانپوءِ ڪنھن بہ شاگرد تنظيم اھڙي اڳرائي نہ ڪئي. 1994ع ۾ استادن جي مسئلن جي حل لاءِ سپلا پاران تحريڪ ھلائي هڪ ڏينھن سي آءِ اي سينٽر حيدرآباد ۽ ٽي ڏينھن سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد رھي، سنڌ حڪومت کان ڪاليجي استادن لاءِ ”نان اٽريڪٽو الائونس“ منظور ڪرايو. 2000ع ۾ جنرل مشرف جي مارشل لا ۾ حڪم جاري ڪيو ويو تہ سنڌ ۾ 43000 ملازمن کي ڪڍيو ويندو تہ لياقت عزيز صاحب ھڪدم ”سنڌ ايمپلائيز الائنس“ ٺاھي ان حڪم جي مخالفت ۾ جلسا جلوس ڪرائي ان حڪم تي عمل روڪرايو. 2005ع ۾ سنڌ جي گورنر عشرت العباد سنڌي شاگردن لاءِ ”اردو سليس“ سنڌي استادن بجاءِ اردو مضمون وارن استادن پاران پڙھائڻ جو حڪم صادر ڪيو تہ سائين لياقت عزيز ”سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع“ مطابق ”آسان سنڌي“ لاڳو ڪرڻ جي جدوجهد ڪئي، جنھن جو خاتمو ايم ڪيو ايم جي سربراھہ الطاف حسين جي پريس بيان تہ ”اسان سنڌي آھيون ۽ سنڌي پڙهنداسين“ تي ٿيو. پروفيسر لياقت عزيز جي آخري ڀرپور جدوجهد صدر جنرل پرويز مشرف، وفاقي وزير تعليم جنرل جاويد اشرف قاضي، وزير اعلي سنڌ ارباب غلام رحيم ۽ وزير تعليم سنڌ ڊاڪٽر حميدہ کھوڙو طرفان سنڌ جي تعليم کاتي ۾ ڪم ڪندڙ تنظيمن تي پابندي جي ھئي جيڪا 13 ڊسمبر 2007ع تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ مان پابندي ختم ڪرڻ تي پوري ٿي. مجموعي طور پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو علمي، ادبي، سياسي، سماجي ڪردار تحسين لائق رھيو. پروفيسر لياقت عزيز سولنگي پھريون ماڻهو هو، جيڪو ڪميونسٽ پارٽي جي سينٽرل ڪميٽي جي اجلاس مان ان ڳالھه تي بائيڪاٽ ڪري نڪتو تہ ڪميونسٽ پارٽي، سنڌ جي قومي سوال تي چٽو موقف نٿي رکي. جڏهن مشرف جي دور ۾ ڏسڻا وائسڻا ماڻھو ڪالا باغ ڊيم جي حمايت جو راڳ ڳائڻ لڳا تہ پروفيسر لياقت عزيز پنھنجن دوستن سان گڏجي ڪالا باغ خلاف جدوجهد لاءِ حڪمت عمليون جوڙڻ ۾ مصروف رھيو. هن چاھيو پئي تہ سنڌ جي ماڻھن ۾ شعور اچي، هن جي خواهش هئي تہ نئين نسل کي ڪو سنئون دڳ ملي. لياقت عزيز، سنڌ جي ادارن جي مالڪي جو رکوال هو، هُو هڪڙي پوري نسل کي پڙهڻ لکڻ سان سلھاڙي ويو. توڙي جو لياقت عزيز تقرير جي فن جو ڪو گهڻو ماھر نہ هو، پر هو ڳالھين جي ميز تان هميشہ ڪاميابي سان اُٿندو هو. هن جي قلم مان نڪتل لفظن کي مان ملندو هو. هو ڪرنٽ اشوز تي رواني ۽ بھادري سان لکندو هو، سندس اُھي لکڻيون ئي اسانجو وڏو سرمايو آهن، جن لکڻين کي سندس فرزند ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي سھيڙي، ڇپائي، ڪتابي صورت ۾ هميشہ هميشہ لاءِ محفوظ ڪيو آھي. يقينن اهو ڊاڪٽر جمال ناصر جو فرض هو، پر اهو ڪم ڪنھن شاندار ڪارنامي کان گهٽ ناھي. ھي ڪتاب ان ڳالھه جي شاهدي آھي تہ پروفيسر لياقت عزيز اسان کان وڇڙيو ضرور آھي، پر وسريو قطعي بہ ناھي، هُو پنھنجي لکڻين جي صورت ۾ هميشہ اسان سان گڏ رهندو. سندس لکڻين جي سھيڙ ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌرو ڪرڻ تي ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جس لھڻن. شال سندن ھي پورھيو سنڌ جي شعور لاءِ ڪا مانائتي موٽ جھڙي لھر بڻجي ۽ قبوليت ماڻي.

پروفيسر يعقوب چانڊيو
