سنڌ، گڊ گورننس ۽ پ پ پ
سنڌ جو عوام 1970ع ھر ڀيري ”شھيدن جي پارٽي“ يعني پ پ پ کي ووٽ ڏيندو هو. گذريل اليڪشن ۾ سنڌ جي عوام پاڻ ملھايو. قومي توڙي سنڌ اسيمبلي ۾ پ پ پ اڪثريت حاصل ڪئي. محترمہ بينظير ڀٽو شھادت کان اڳ عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ جيڪو منشور پيش ڪيو هو، اهو ساڳيو منشور هو، جيڪو شھيد ذوالفقار علي ڀٽو 1970ع جي اليڪشن ۾ پيش ڪيو هو ۽ 1973ع جي آئين ۾ 17 ترميم کي ختم ڪرڻ ۽ آزاد عدليہ جي بحالي لاءِ هن لنڊن ۾ نواز شريف سان ”ميثاق جمھوريت“ جو معاهدو پڻ ڪيو هو. مرڪز ۾ پ پ پ ٻين سان گڏجي مخلوط حڪومت جوڙي. سنڌ- بلوچستان ۾ پڻ مخلوط حڪومت جڙي، سرحد ۾ اسفند يار ولي وارن حڪومت ٺاھي ۽ پنجاب ۾ نواز ليگ ۽ پ پ پ گڏجي حڪومت جوڙي. سنڌ ۾ سيد قائم علي شاھہ کي سنڌ جو وڏو وزير بنايو ويو ۽ کيس تمام گهڻا وزير، مشير ۽ اسپيشل اسسٽنٽ ڏنا ويا. محترمہ بينظير ڀٽو بہ پنھنجي پھرين دور حڪومت ۾ سيد قائم علي شاھہ کي وڏو وزير بنايو هو، پر ”احسن ڪارڪردگي“ کانپوءِ 15 مھينن بعد آفتاب شعبان ميراڻي سنڌ جو وڏو وزير بنايو ويو. ھاڻي بہ سوا سال جي سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کي ڏٺو وڃي تہ سنڌ ۾ نہ گڊ گورننس آھي، نہ قانون جي بالادستي آھي. چوريون، اغوا، ڌاڙا، وڏن شھرن ۾ بيگناھہ انسانن جو قتل عام روز جو معمول بنجي چڪو آھي. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ڏينهون ڏينھن وڌندي وڃي. 1991ع واري پاڻي ٺاھہ تي عمل نہ پيو ٿئي. ناڻي ورڇ ۾ بہ سنڌ سان ناانصافي ٿي رھي آھي. تازو پ پ پ جي مرڪزي ڪميٽي جي هڪ گڏجاڻي آصف علي زرداري جي زير صدارت ٿي گذري، جنھن ۾ سنڌ ڪابينا جي وزيرن ۽ انھن جي کاتن ۾ ڦير ڦار جي لاءِ اشارو ڏنو ويو آھي. سنڌ جي ڪنھن بہ کاتي جي ڪارڪردگي کي جيڪڏهن عوام جي نگاهن کان پرکيو وڃي تہ ھر کاتي ۾ لٽ مار جاري آھي. نوڪريون وڪڻڻ جا الزام لڳي رھيا آهن. ھر ڪو وزير، مشير پنھنجا نوازڻ ۾ پورو آھي، غريب ۽ بي پھچ ماڻهو اڄ بہ پريشان آهن. سنڌ ۾ پ پ پ جا اتحادي ھر وقت پ پ پ کي ”بليڪ ميل“ ڪرڻ لاءِ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جون ڌمڪيون ڏين ٿا. ملڪي منتظمين پرڏيھہ پڌاريل رهنما کي ايلاز ڪن ٿا ۽ هڪ الٽيميٽم ختم ٿئي ٿو تہ وري ٻيو شروع ٿئي ٿو. پنجاب، سرحد، بلوچستان ۾ ”ڪمشنريٽ نظام“ بحال ٿي چڪو آھي، پر سنڌ ۾ اتحادين جي ڌمڪين جي ڪري اڃان روشني جو ڪو بہ ڪرڻو نظر نٿو اچي. سنڌ بجيٽ ۾ وزير مشيرن لاءِ نيون لگزري گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپيا رکيا ويا آهن، وزيرن ۽ مشيرن جي فرنيچرن خريد ڪرڻ لاءِ پڻ ڪروڙين رپيا رکيا ويا آهن، جنھن ۾ هڪ ميز 80 هزار رپين ۾ ايندي ۽ ڪرسي 40 هزار رپين ۾ ايندي. اھي خرچ رھيا تہ حڪومتي خرچن تي ڪيئن ڪنٽرول ٿي سگهندو؟ هن وقت ضرورت ان ڳالھہ جي آھي تہ گورننس کي بھتر بنايو وڃي. عام ماڻهو کي رليف ڏنو وڃي. قانون جي ”رٽ“ قائم ڪئي وڃي. چوريون، ڌاڙا، اغوا جون وارداتون ختم ڪرايون وڃن، پاڻي جي معاهدي تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي، اين ايف سي ايوارڊ گهڻ رخي بنيادن تي ورتو وڃي. سنڌ ۾ نوڪرين لاءِ وٺندڙ ”کليل دڪان“ بند ڪرايا وڃن. ڇا ڪجي؟ ڪنھن کي دانھن ڏجي؟ وڻ کان ڪنھن پڇيو تہ، ”توکي ھي ننڍڙو ڪھاڙو ڪيئن ٿو ڪپي؟“ وڻ جواب ۾ وراڻيو تہ، ”ڪھاڙي اندر جيڪو ڳن آھي، اهو مون مان ئي جڙيل آھي.“ سو اسان سنڌين سان بہ اڄڪلھہ اھا ئي ويڌن آھي.