ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

ڪانھي ڪا تاريخ ۾ ويڙھہ سواءِ ٻي واهہ!

سنڌ جي سون ورني ڌرتي انيڪ ۽ ڳنڀير مسئلن ۾ وڪوڙجندي پئي وڃي. ھر نئون سج هڪ نئون مسئلو کڻي اُڀري ٿو. هن وقت هڪ اهم مسئلو سنڌين جي اڳيان ڪَر کڻي بيٺو آھي، اهو مسئلو ”ذوالفقار آباد“ جي رٿا آھي، جنھن لاءِ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري چيو آھي تہ، ”ذوالفقار علي ڀٽو شھيد کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ نئون شھر اڏايو پيو وڃي.“ هن رٿا جي حمايت ۾ سرڪار آھي تہ، مخالفت ۾ قوم پرست ۽ وطن دوست پارٽيون آهن. ڪنھن بہ مھذب ملڪ ۾ رٿائون ملڪ جي (خلقِ خدا) کي فائدي ڏيڻ لاءِ ٺهنديون آهن، تہ جيئن ان رٿا مان عوام فائدو حاصل ڪري معاشي دم پٽي، پر هتي ابتو قصو آھي. ملڪ جي عوام جي ڀلائيءَ جي نالي ۾ عوام کي ھاڃو رسائڻ جون رٿائون تيار ڪيون وينديون آهن. ھي رٿا سنڌ جي سامونڊي پٽيءَ جي ساڍن ٽن لکن ايڪڙن تي مشتمل آھي. ان ۾ هن وقت 480 ڳوٺ اچن ٿا ۽ انھن ڳوٺن ۾ ٻہ لک پنجٽيھہ هزار سنڌي رھائش پذير آهن. ان سموري ايراضيءَ جو اٽڪل اڌ حصو زرعي زمين آھي، جنھن ۾ پوک ڪئي وڃي ٿي ۽ باقي حصو غير آباد آھي. 23 نومبر 2010ع تي ان رٿا کي ايڪٽ طور سنڌ اسيمبليءَ مان قانوني شڪل ڏيئي پاس بہ ڪيو ويو آھي. شروعاتي طور تي رٿا جو مينيجنگ ڊائريڪٽر رٽائرڊ ڪامورو ايس بي شاهد کنيو ويو، جيڪو پنجاب صوبي ضلعي جي گجرانوالا شھر جو رهواسي هو ۽ اڳوڻي چيف سيڪريٽري سنڌ فضل الرحمان کي ان ئي گورننگ بورڊ جو صلاحڪار مقرر ڪيو ويو، جن کي لکين رپيا ماهوار پگهار ۽ ٻين سهولتن جي مد ۾ ڏنا ويا. اپريل 2011ع خيبر پختونخواھہ صوبي جي رٽائرڊ گورنر سيد افتخار حسين شاھہ کي ايم ڊي مقرر ڪيو ويو. سندس ماهوار پگهار ڇھہ لک رپيا ۽ ٻيا الائونس ۽ رعايتون پڻ ڏنيون ويون آهن. هن کي ٽن سالن جي مدي لاءِ مقرر ڪيو ويو آھي. ان سان گڏ پنجاب يعني فيصل آباد جي شوڪت علوي کي بہ ان رٿا لاءِ ماهوار ٽي لک رپيا پگهار ۽ وڏا الائونس ۽ ٻين فائدن تي مقرر ڪيو ويو. پر ڪورٽ سڳوري ۾ انصاف لاءِ درخواست داخل ٿي تہ سنڌ حڪومت جي قاعدن موجب صوبائي حڪومت جي ڪنھن بہ عھدي تي صرف سنڌ صوبي جو ڊوميسائيل رکندڙ ماڻهو مقرر ٿي سگهي ٿو. شُوڪت علوي کان وڌيڪ تجربو رکندڙ عبدالشڪور پليجو طرفان سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو. ذوالفقارآباد رٿا جي ايم ڊي کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ حڪم ڏنو تہ شوڪت علوي کي هٽايو وڃي، پر هوشياريءَ سان شوڪت علوي ڪراچي اوڀر جو ڪوڙو ڊوميسائيل وٺي، پنھنجي نوڪري پڪي ڪرائي ڇڏي. ذوالفقار آباد رٿا جي ايم ڊي ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ سيد افتخار حسين تازو اھا ڳالھہ مڃي آھي تہ شوڪت علوي کي ٻيھر ڊائريڪٽر آپريشن طور ڀرتي ڪيو ويو آھي. هن هڪ خط 3 نومبر 2011ع تي خط نمبر ZDA/DD/E and ARecruitment/13.05.2011 سنڌ جي وزير اعلى سيد قائم علي شاھہ کي لکيو هو تہ ان رٿا جي ڀرتي ڪيل شوڪت علوي ولد بشير علوي، سنڌ حڪومت جي ملازمن وارن APT Rules 1974 جي رول نمبر 13 موجب، صوبي ۾ ڀرتيءَ لاءِ لازمي قرار ڏنل ڊوميسائيل نٿو رکي، پر هن کي اهليت جي بنياد تي رکيو وڃي. ٻاھرين ماڻهن لاءِ ڀرتي ٿيڻ لاءِ قاعدا نرم ڪيا وڃن. سروسز ۽ جنرل ايڊمنسٽريشن کان سمري تيار ڪرائي وڏي وزير خود ان جي منظوري ڏني. پ پ پ 2008ع کان وٺي 2013ع تائين سنڌ جي ماڻهن سان جيڪي ڪلور ڪيا، انھن ۾ هڪ اهو بہ شامل آھي تہ جيڪڏهن پڪڙ پڇاڙ ڪبي تہ سڀني کي ڪراچي جو ڊوميسائيل ملي ويندو. سنڌ روينيو بورڊ جو چيئرمين نجيب قريشي (لاهور) ۽ سنڌ بئنڪ جو سربراھہ بلال فيض بہ پنجاب سان تعلق رکن ٿا.
ذوالفقار آباد رٿا جي حمايت ۾ دليل ڏنا وڃن ٿا تہ جديد طرز تي شھر اڏيو ويندو، ان کي هڪ هوائي اڏو، اَٺ بندرگاھہ هوندا، جن تي پنجويھہ هزار ٽن کان وڌيڪ مال بردار جهاز لنگر ڪندا، شھر ۾ نيون پليون ۽ اوور ھيڊ پليون هونديون. آرائشي بنگلا، فليٽ ۽ سرڪاري آفيسون هونديون، تفريحي ماڳ جديد سهولتن سان سينگاريل هوندا. سمنڊ روزانہ ارڙهن ايڪڙ زمين ڳڙڪائي وڃي ٿو. ڏهن- ٻارهن سالن اندر سڄي ضلعي ٺٽي جي زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويندو. ان جي بچاءُ لاءِ سڄي سمنڊ کي جديد طرز تي پڪي ڀت ڏياري ويندي، صنعتي زون قائم ٿيندو، ڪارخانا لڳندا، مقامي ماڻهو روزگار سان لڳندا ۽ ملڪ ۾ خوشحالي ايندي.
رٿا جي مخالفت ۾ سياسي، سماجي پارٽين جو موقف آھي تہ مذڪوره شھر جي شروعات سان ئي ٻاھريان ماڻهو ڀرتي ڪيا ويندا. سنڌين تي الزام تراشي ٿيندي تہ سنڌي جاهل ۽ ڪاهل آهن. پنجاب ۽ عالمي سرمائيدار سيڙپ ڪري صنعتون لڳائي پنھنجين ”نين منڊين“ ۾ واڌارو آڻيندا. ڌارين جي آبادڪاري سبب سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي ويندا. مقامي سنڌي ڳوٺاڻا لڏائي اباڻن ڪکن کان ڪڍي کين پناهگير ۽ نڌڻڪو ٿي ڪٿي ”ڪيمپن“ ۾ رهڻو پوندو. اڄ ان علائقي ۾ زمين جو سرڪاري اگهہ چاليھہ هزار روپيا في ايڪڙ آھي. پر ٻاھريان دلال ”سرمائيدارن جا گماشته“ اھا زمين ڏھہ لک روپيا في ايڪڙ خريد ڪري رھيا آهن. ”ڌارين صنعتڪارن“ ڪيٽي بندر ۾ ڏھہ هزار ايڪڙ زمين خريد ڪئي آھي. اهڙي ريت ڌارين جون ڪالونيون ٺاھي، اصلوڪن ڌرتي ڌڻين کي تڙي ڪڍڻ لاءِ رٿابندي ڪئي پئي وڃي. سنڌ سان ماضيءَ ۾ ڊوهن ۽ ويساھہ گهاتين جا چند مثال ڏيون ٿا. انگريز سرڪار سنڌ ۾ رهندڙ بھادر حُرن خلاف سخت آپريشن ڪيو، جنھن ۾ مُکي ڍنڍ ۽ ٻيلي کي نابود ڪري هزارين ايڪڙ ڪارائتي زمين غير سنڌين حوالي ڪئي وئي. هندستان مان آيل سمورا ماڻهو سنڌين جي ڳاٽي ۾ وڌا ويا. سنڌين پنھنجي مھمانن جي آجيان ڪري کين جيءَ ۾ جايون ڏنيون، جن جي اڪثريت سنڌ جي ثقافت ۽ ٻوليءَ کي اڌ صدي گذرڻ کانپوءِ بہ پنھنجو نہ ڪيو آھي. 1956ع ۾ ”غلام محمد بيراج“ ٺاھيو ويو تہ سنڌ جي ھيٺئين حصي واري زمين کي سيراب ڪري مقامي ماڻهن کي زمينون ڏيئي خوشحال بنايو ويندو، پر ان جي ابتڙ ان بئراج جون زمينون غير سنڌين کي ڏيئي آباد ڪيو ويو، جن ۾ اڪثريت رٽائرڊ سول توڙي فوجي ڪامورن جي هئي! ون يونٽ جي قيدخاني ۾ سنڌ کي قيد ڪيو ويو. سنڌين کي ھر طرح سان ڦريو ۽ لُٽيو ويو. ايوب شاھيءَ جي دور ۾ ”بنيادي جمھوريت“ جو سرشتو آڻي، سنڌ ۾ اڃا وڌيڪ من ماني ڪرڻ جا موقعا هٿ ڪيا ويا. سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ جون سازشون ڪيون ويون ۽ سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي قدم بہ کنيا ويا. مٿين صوبن جي زھريلي پاڻي جي نڪاسي لاءِ سنڌو درياھہ جي ٻنھي ڪپن تي ”سم نالا“ ڪڍيا ويا، جن تازين برساتن سبب هتان جي ڌرتي ڌڻين سان ڪلور ڪيا، اهو اظھر من الشمس آھي. ھاڻي سنڌ جي ڌرتي ڌڻين جي خوشحاليءَ لاءِ ذوالفقار آباد رٿا منظور ڪري ڪم جي شروعات ڪئي وئي آھي. سوال اهو اڀري ٿو تہ سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ لاءِ سڀ جاڙون ڪيون پيون وڃن، انھيءَ جو اثر سنڌ جي پنج ڪروڙ عوام تي پوندو. ان ڪري سنڌين کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
سنڌي ماڻهن وٽ پنھنجي وجود جي بقا لاءِ سواءِ فيصلائتي ۽ ڀرپور جدوجهد جي ٻيو ڪوبہ گس ڪونھي. اھا جدوجهد صرف ۽ صرف ان ضرورت ۾ هلائي ڪاميابيءَ تائين پھچائي سگهجي ٿي، جڏهن سنڌ جون سموريون سياسي ڌريون متحد ٿين. ان لاءِ تيار ٿيڻ کانسواءِ ٻي ڪابہ واھہ نہ آھي.”ڪانھي ڪا تاريخ ۾، ويڙھہ سواءِ ٻي واهه“