ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

تعليم، تجربا ۽ امتحان

هن ملڪ ۾ زندگيءَ جي ھر شعبي ۾ تجربا ٿيندا رهن ٿا، انھيءَ ڪري ھر شعبو تجربن جي ور چڙھيل آھي. ان جي نتيجي ۾ نہ ادارا جڙي سگهيا آهن ۽ نہ ئي وري ڪا مستقل پائيدار پاليسي، جيڪا عوام کي لاڀ ڏئي سگهي. ھر ايندڙ حڪمران پنھنجي مفاد ۽ مرضيءَ مطابق ملڪ ۾ سياسي ادارن ۽ اهم شعبن کي هلائڻ جي ڪوشش ڪندو آھي، خاص طور تي جڏهن ملڪ ۾ مارشل لا هوندو آھي، يا غير جمھوري حڪومتون، تہ سڄي ملڪ جو عوام تجربن جي ان آزار ۾ اچي ويندو آھي. هونئن تہ ھر شعبي ۾ تجربن جي طبع آزمائي ٿيندي رھي آھي، پر تعليم جي شعبي تي اهڙي مشق سڀني کان سرس ٿيندي رھي آھي.
دنيا جي ملڪن ۾ سڀ کان پھرين اتي جي تعليمي نظام کي بھتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. جيڪڏهن ڪنھن ملڪ جو تعليمي نظام جٽادار، لاڀ ڏيندڙ ۽ Result oriented approach رکندڙ آھي تہ پوءِ اهو ملڪ دنيا جي ترقي يافتہ ملڪن جي صف ۾ اهم جاءِ والاريندو آھي. قومن جي بقا ۽ تنزل ۾ تعليمي نظام کي اهم حيثيت حاصل هوندي آھي، پر اسان جي ملڪ ۾ اڄ ڏينھن تائين ڪابہ سول يا نان سولين حڪومت ملڪ لاءِ ڪو صحتمند ۽ پائيدار تعليمي نظام جوڙي نہ سگهي آھي. ملڪي سياست ۾ ”سگهاري ڌر“ جي مداخلت ڪري ڪي بہ پائيدار سياسي ادارا جڙي نہ سگهيا آهن ۽ نہ ئي جمھوري روايتون ۽ قدر پنھنجي مستقل جاءِ وٺي سگهيا آهن. 1958 ع ۾ جنرل ايوب خان جي مارشل لا پاڪستان جي تاريخ جي سخت ترين مارشل لا هئي. مارشل لا قانونن ذريعي ملڪ جي ھر شعبي ۾ تبديليون آنديون ويون. تعليم جي شعبي ۾ جيڪي تبديليون آنديون ويون، ان سان سنڌ جي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ رسيو. ورھاڱي کان اڳ سنڌ ۾ سنڌي فائنل جو امتحان رائج هو، ان جو معيار اڄ جي گرئجوئيشن کان بہ وڌيڪ هو. ايوب دور ۾ تعليمي نظام ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ”شريف ڪميشن“ جوڙيو ويو، جنھن جي سفارشن جي روشنيءَ ۾ سنڌي زبان جي تعليم کي پنجين درجي تائين محدود ڪيو ويو، سنڌي فائنل جو امتحان ختم ڪيو ويو، جنھن ۾ شاگرد ستين درجي جو امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ استاد، تپيدار ۽ ڪلرڪ جي نوڪري ماڻيندو هو. ٻئي طرف سنڌي ٻوليءَ کي تعليمي ادارن مان نيڪالي ڏني ويئي. ان نا انصافيءَ خلاف سنڌ جي استادن، اديبن، دانشورن ۽ ساڃھہ وند طبقي ”شريف ڪميشن“ جي سفارشن کي رد ڪري ڇڏيو. ان عوامي جدوجهد جي نتيجي ۾ 14 آڪٽوبر 1962ع تي هڪ آرڊيننس جاري ڪيو ويو تہ، ”حڪومت ھاڻ نئين صورتحال جو نئين سر جائزو ورتو آھي ۽ فيصلو ڪيو آھي تہ سنڌي زبان جي اڳوڻي حيثيت برقرار رکي وڃي، سنڌي زبان تعليمي ادارن ۾ ذريعهءِ تعليم (Medium of instruction) رهندي، جيئن اڳ ۾ هئي. اھي شاگرد، جيڪي سنڌي زبان کي ”ذريعهءِ تعليم“ استعمال ڪن ٿا، تن کي پرائمري جي چوٿين درجي کان اردو لازمي مضمون جي حيثيت ۾ سيکارڻ متعلق صورتحال اڳ وانگر قائم رهندي.“
61-1960ع کان وٺي عمل ۾ ”نئين اسڪيم“ موجب سنڌي، ڇھين ڪلاس کان ٻارھين درجي، يعني انٽر تائين انھن تعليمي ادارن ۾ لازمي مضمون (Compulsory) رھي آھي، جن جو ”ذريعهءِ تعليم“ سنڌي آھي، اھا حيثيت نہ بدلبي. انھيءَ آرڊيننس موجب سنڌي زبان جي تعليم جي اڳوڻي حيثيت هڪ ڀيرو وري بحال ٿي. جنرل ايوب جي ڏينھن ۾ هڪ ٻيو فيصلو بہ ٿيو تہ سنڌي فائنل جي امتحان سان گڏو گڏ ميٽرڪ جي امتحان جو سسٽم پڻ ختم ڪيو ويو. 1962ع کان اڳ ميٽرڪ جو امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي ۽ ان جو معيار بلند هو، پر 1962ع ۾ هڪ آرڊيننس ذريعي تعليمي بورڊ قائم ڪيا ويا. ميٽرڪ جو امتحان ختم ڪري نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي امتحان جو سلسلو شروع ڪيو ويو، جنھن کي ميٽرڪ جي امتحان جو درجو ڏنو ويو ۽ تعليمي بورڊن کي اھا ذميواري حوالي ڪئي ويئي تہ اھي نائين ۽ ڏھين ڪلاس جو امتحان وٺن. اڳ ۾ شاگرد چار درجا سنڌيءَ جا پاس ڪري پھرئين درجي انگريزيءَ ۾ داخل ٿيندو هو، پر ايوب دور ۾ پنجون ڪلاس پاس ڪرڻ کانپوءِ پھرئين ڪلاس انگريزي، يعني ڇھين ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ جو سسٽم رائج ڪيو ويو. ڇھين، ستين ۽ اٺين ڪلاس جا امتحان ”اسڪول انتظاميه“ وٺندي هئي، باقي نائين ۽ ڏھين ڪلاس جو امتحان سيڪنڊري تعليمي بورڊن جي حوالي ڪيو ويو، ۽ ان کي ميٽرڪ سڏڻ بدران ”سيڪنڊري اسڪول سرٽيفڪيٽ“ (ايس ايس سي) جو درجو ڏنو ويو ۽ ميٽرڪ کانپوءِ انٽرميڊيٽ امتحان جو سسٽم رائج ڪيو ويو، جنھن کي ”ھائر سيڪنڊري سرٽيفڪيٽ“ (ايڇ ايس سي) جو نالو ڏنو ويو. ان کانپوءِ شاگردن کي گرئجوئيشن جي ڪورس پڙهڻ لاءِ ”اهل“ قرار ڏنو ويو. نائين ۽ ڏھين ڪلاس جو امتحان ڌار ڌار رکيو ويو. اهڙي طرح ھر سال ٻار نائين ۽ ڏھين ڪلاس جو جدا امتحان ڏئي ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪندا هئا. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سڀ کان پھرين تعليم واري وفاقي وزارت زبيدہ جلال جي حوالي ڪئي ويئي، جيڪا بلوچستان ۾ اين جي او جي حوالي سان مشھور هئي ۽ ان اين جي او تحت پنھنجا تعليمي ادارا هلائيندي هئي. سنڌ ۾ گورنر محمد ميان سومري جي دور ۾ تعليم جي وزارت انيتا غلام علي جي حوالي ڪئي ويئي. بعد ۾ اھا وزارت دولتپور سان تعلق رکندڙ خان محمد ڏاھري جي حوالي ڪئي ويئي. 2002ع جي عام چونڊن کان پوءِ وزارت تعليم، عرفان الله مروت حوالي ڪئي ويئي. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سابق استاد حميدہ کھڙو کي وزير تعليم بڻايو ويو. شوڪت عزيز جي وزير اعظم ٿيڻ کان پوءِ زبيدہ جلال بدران تعليم جھڙو اهم شعبو رٽائرڊ جنرل قاضي جاويد اشرف جي حوالي ڪيو ويو. تعليم جھڙي اهم شعبي ۾ هو نت نوان تجربا ڪري رھيو آھي، جنھن سان ملڪي تعليمي نظام سڌرڻ بدران تباھہ ٿي رھيو آھي. ھر روز تعليمي نظام کي جديد تقاضائن مطابق بنائڻ لاءِ حيرت انگيز ۽ عجيب و غريب فيصلا ڪيا پيا وڃن ۽ اھي فيصلا استادن ۽ ٻارن تي زبردستي مڙھيا پيا وڃن. انھن فيصلن ۾ نائين ۽ ڏھين درجي جي گڏيل امتحان وارو تڪراري فيصلو بہ شامل آھي. هن فيصلي موجب نائين ڪلاس جو امتحان جدا نہ ٿيندو ۽ ٻار ڏهن مضمون بدران ھاڻ چوڏهن مضمون پڙهندا ۽ ٻن سالن کانپوءِ چوڏهن مضمونن جو امتحان گڏ ورتو ويندو. ھاڻ نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي امتحان ۾ ٽوٽل مارڪون 850 بدران 1050 هونديون. هن فيصلي کان اڳ ڪنھن بہ تعليمي ماھر يا ورڪنگ ٽيچر کان راءِ نہ ورتي ويئي. ھي نج نوڪرشاھي جو فيصلو آھي. منھنجي نظر ۾ هن فيصلي پويان پاليسي سازن جو صرف هڪ ئي ”فلسفو“ شامل آھي تہ غريب، بي پھچ ۽ مسڪين ٻارن لاءِ اعليٰ تعليم جا دروازا بند ڪيا وڃن. حڪومت هڪ طرف ”تعليم سڀني لاءِ“ (Education for all ) جو نعرو هڻي ٿي، تہ ٻئي طرف عملي طرح اهڙا قدم کڻي رھي آھي، جو اعليٰ تعليم جا دروازا پورھيتن، ھارين ۽ مسڪينن جي ٻارن تي هميشہ لاءِ بند ٿيندا وڃن. دنيا جي ملڪن ۾ ”سيمسٽر سسٽم“ تيزي سان وڌي ويجهي رھيو آھي، جنھن نظام ۾ ھر ٽئين مھيني امتحان ورتو وڃي ٿو، پر هتي سالياني امتحان واري سرشتي بدران ھاڻ ٻن سالن ۾ امتحان وٺڻ وارو سسٽم رائج ڪيو پيو وڃي. حڪمرانن جي هوڏ جي نتيجي ۾ غريب جو ٻار ھاڻ اٺين ڪلاس جي امتحان کان اڳتي وڌي نہ سگهندو يا تعليم کان محروم رهندو. جيڪڏهن حڪمرانن جي هن تڪراري فيصلي جو ڇيد ڪبو تہ اسان کي ھيٺيون شيون چٽيءَ طرح نظر اينديون:
(1) هڪ امتحان ۾ شاگرد لاءِ 14 پيپرن جو امتحان فطري طرح مشڪل ڪم آھي، ڇاڪاڻ تہ اسان جو مدي خارج امتحاني نظام ”مينوئيل“ بدران ٻارن جي ”ياد داشت“ جي عمارت تي بيٺل آھي. هڪ سال اڳ پڙھيل مضمونن جو ٻئي سال امتحان وٺڻ ”غير فطري“ آھي ۽ ٻار سان سراسر ناانصافي ۽ زيادتي آھي. ٽن ڪلاڪن ۾ صرف ٿيوري جو امتحان وٺڻ تعليم جي فطري گهرجن خلاف آھي. جنھن ٻار جي ”ياد داشت“ سٺي هوندي سو بہ مشڪل سان ٽن ڪلاڪن ۾ سوالن جا جواب لکي سگهندو، پر جنھن ٻار جي ”يادداشت“ ڪمزور هوندي، اهو تہ ٽن ڪلاڪن اندر هڪ سوال جو جواب بہ نہ لکي سگهندو.
(2) استاد اڳ ۾ ذهني پريشانين جو شڪار آھي، اهو ذهني مونجهارن جي ڪري ايتري محنت نٿو ڪري، جيتري هن کي ڪرڻ گهرجي. ڇا اسان جو پريشان حال استاد چوڏهن سبجيڪٽ پڙھائڻ جي قومي معيار تي پورو لهندو يا نه؟ جڏهن تہ پڙھائڻ جو سسٽم پڻ مدي خارج آھي. اڃا اسان کي عالمي تعليمي معيار تائين پھچڻ لاءِ پنجاھہ سال کپن. اسان جي اسڪول سسٽم ۾ جديد تقاضائن مطابق آڊيو يا وڊيو سسٽم رائج نہ ٿي سگهيو آھي، هتي تہ چاڪ ۽ ڊسٽر بہ ڪلاسن لاءِ مشڪل سان ملن ٿا.
(3) ٻن سالن جو امتحان گڏ وٺڻ سان ”ٽيوشن“ جي ڪاروبار ۾ واڌارو ايندو. جن ٻارن جا والدين سرنديءَ وارا هوندا، سي پنھنجي ٻارن کي ٻئي سال ٽيوشن سينٽرن ذريعي اضافي تعليم ڏياري امتحانن ۾ ويھاريندا، پر اھي غريب ٻار ڪيڏانھن ويندا، جن جي پيرن ۾ جتي بہ ناھي، هڪ ويلي جي ماني بہ ميسر ناھي، سي ٽيوشن جي في ڪٿان ڀريندا؟ امتحان جي موجودہ مدي خارج سسٽم ۾ صرف سرنديءَ وارا ٻار پاس ٿيندا. ٽيوشن کان علاوه اھي ڳري رقم خرچ ڪري بہ تعليمي بورڊن جي ”ڪرپٽ بدبودار نظام“ مان پسند جون مارڪون حاصل ڪري وٺندا، پر غريب جا ٻار اهو امتحان پاس نہ ڪري سگهندا!
(4) حڪومت هڪ طرف تہ ”ڪاپي ڪلچر“ کي ختم ڪرڻ لاءِ اعلان ڪري رھي آھي، پر نائين ۽ ڏھين ڪلاس جو امتحان گڏ وٺڻ سان ”ڪاپي ڪلچر” ۾ اضافو ٿيندو. استاد شاگرد کي اھا ترغيب ڏيندو تہ اھي ھر حال ۾ ٽيوشن سينٽرن ۾ اچن. استاد جو اهو ئي رويو آھي، جيڪو سماج مان استاد جو مرتبو گهٽائي ٿو.
تعليم کاتي جي ڪيترن انتظامي عملدارن طرفان اهو چيو وڃي ٿو تہ، ”ٽيوشن جائز آھي.“ گذريل سال ڪراچيءَ جي ايگزيڪٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر (ايجوڪيشن) اهڙو سرڪيولر پڻ تعليمي ادارن ڏانھن موڪليو هو. اهڙن سرڪيولرز مان اھا ڳالھہ ظاھر ٿئي ٿي تہ سرڪاري سطح تي ٽيوشن ڏيڻ جي حوصلي افزائي ٿي رھي آھي. ٽيوشن صرف سرنديءَ وارا ٻار ئي حاصل ڪري سگهن ٿا، جيڪي سڄي سماج جو صرف پنج سيڪڙو آهن، پر پنجانوي سيڪڙو غريبن جا ٻار، جيڪي روح ۽ جسم جي رشتي کي برقرار رکڻ لاءِ پڙھائيءَ سان گڏو گڏ تعليمي ادارن کان پوءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ پورھيو ڪري جيئڻ لاءِ جتن ڪن ٿا، انھن لاءِ ڏاڍو مشڪل هوندو تہ اھي ”ٽيوشن“ جا پيسا ڀرين. حڪومت کي نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي گڏيل امتحان وارو تڪراري فيصلو واپس وٺڻ گهرجي، جيڪو سراسر غريبن تي اعليٰ تعليم جا دروازا بند ڪرڻ جي برابر آھي. ان سان گڏو گڏ مدي خارج نصاب کي بہ بدلائڻ گهرجي، ٻارن کي سکيا ڏيڻ جي عالمي معيار مطابق جديد طريقا اختيار ڪيا وڃن ۽ امتحان جو مدي خارج نظام بدلايو وڃي، اعليٰ تعليم مفت ڪرڻ جو اهتمام ڪيو وڃي.