سنڌ جو سياسي ڪلچر ۽ خودپسنديءَ جي خرابي
”مون پڪ سڃاتا پنھنجا هئا،
ڌارين سان گڏ ڌاڙي ۾.“
اسان جي سنڌ جو سياسي ڪلچر بہ عجيب رھيو آھي. سنڌ جي سياست جا عجيب ”نشانمبر“ نظر ايندا. طلسمي سياست، چيلو گروُ سياست، وٺ جواب ڏي جواب سياست، ڪڪڙ ڪوري جي، واھہ واھہ، وڏيري جي. بَڇ، پگهاردار جي ۽ پينشن بردار جي سياست، جي سائين، حاضر سائين واري سرڪاري سياست، مھم جُو، ڇڙواڳي واري سياست، محب شيدي، لائق چانڊيو ٽائيپ اٺائيگير سياست وغيره شامل آهن. جڏهن تہ الميو وري ھي آھي تہ اھي سڀ “ليبل ۽ لقب” لڳائي سنڌ جي حب الوطني جو ٿورو ٿڦيندا وتن. جڏهن بہ سنڌي سنڌ جي وجود کي بچائڻ لاءِ ڪن ”سياسي نڪتن“ تي متفق ٿيا آهن ۽ گڏيل ڪو پليٽ فارم ٺاھيو آھي تہ سرڪاري ۽ درٻاري ڇاڙتن قومي جدوجهد جي راھہ ۾ کڏون کوٽيون آهن. اسان کي اهو وسارڻ نہ گهرجي تہ اقتدار POWER کي پنھنجا ”ديو راڄ ۽ ديوتا“ آهن، جنھن جا پوڄاري لاتعداد آهن. هن ديو راڄ جو پنھنجو ڌرم آھي، جنھن جو نالو ڏاڍائي، قانون، پوءِ نيهن جو نياپو ۽ لوڀ آھي. شروع شروع ۾ ديو راڄ پنھنجو ”دٻدٻو ۽ ڀئو“ استعمال ڪري ماڻهن جي دلين ۾ ڏهڪاءُ ۽ ذهنن ۾ خلفشار پيدا ڪري ماڻهن جو ساھہ مُٺ ۾ ٿو ڪري، پر مھاڏي جي صورت ۾ پنھنجا نينھن نياپا يعني لوڀ ۽ لالچ کان ڪم وٺي قومي تحريڪن ۾ پنھنجا گماشتہ داخل ڪندو آھي، جن جو جيون صرف پيسو ۽ پيسو ڪمائڻ آھي، انھن مار آستينن کي قومي جدوجهد کي ڇيهو رسائڻ لاءِ هوشياري سان حرفت کي استعمال ڪرڻ جي سکيا اهڙي نموني مليل هوندي آھي، جو ظاھري طرح اھي قومي جدوجهد جا ٻانھن ٻيلي ٿي وٺي چڙهتون ۽ چوڪون ڏيندا. تيستائين ڪڙڪا ۽ واڪا ڪندا، جيستائين ”چنڊ ۽ چوکا“ آواز دٻجي گم ٿي وڃن. هڪ دفعو قومي جدوجهد جو همدم ۽ همدرد ٿي قبضو ڪري پنھنجي جفاڪشيءَ جي گهيري ۾ آڻي وڃي ”گهائو گهات“ جي ور چاڙھيندا آهن. بس اھا ئي گهڙي حساس ۽ فيصلا ڪن هوندي آھي. جڏهن قومي جدوجهد جي ڪارڪنن کي ذهن ۽ پير پختا ڪرڻ جي ضرورت هوندي آھي. پر سنڌي مورکائي ۾ ڪوڙي سڪي کي قبول ڪري ،جعلسازي ۾ ڦاسي گڙدولين ۾ اچي ويندا آهن. اهو ئي وقت هوندو آھي جڏهن مٿا مونن ۾ ڏيئي، قومي اتفاق راءِ قائم رکبو آھي ۽ ان کي ڳجهن ۽ ڳوهن کان بچائڻ لاءِ جتن ڪبا آهن، پر ٿيندو ڇا آھي تہ سنڌ دشمن تہ ”جهگٽا ۽ ڇڳا“ ٺاھي پاڻ ۾ صلاح و مشورو ڪندا آهن. اسين قومي دشمن جي نشاندھي ڪرڻ بجاءِ دست وگريبان ٿي هڪ ٻئي جي خلاف ڪوڙا ۽ سچا بھتان ۽ الزام هڻي عوام ۽ ميڊيائي بيانن ذريعي اختلافن کي تنازعي جي حد تائين پھچائي ڇڏيندا آھيون. سڀ کان اول قومي جدوجهد ۾ اتفاق آڻڻ لاءِ کير مان مکيون ڪڍڻيون پونديون. گذريل 66 سالن ۾ جن بدبودار ڪردارن سنڌ کي هٿ وٺي تباھہ ڪيو آھي، انھن سان مفاهمت جي آڙ ۾ ٺاھہ ڪرڻ سنڌ سان سراسر ويساھہ گهاتي آھي. ڏنل چهڪن ۽ زخمن تي لوڻ ٻُرڪڻ برابر آھي. اسان جي دنيا رشتن، ناتن ۽ نالن سان ڳنڍيل آھي، جيئن فراق، وصال ۽ پيار سان، پتنگ اگني ٻرڻ سان، دم غم ۽ زندگيءَ سان، عشق، عقل ۽ بندگيءَ سان، پيشاني ۽ سجدي جو- مامتا جو کير سان، تيئن سياست جو قوم ۽ ڌرتيءَ سان آھي. اسان سنڌي ڪن بہ سياسي نڪتن تي متفق ٿي سنڌ سان پنھنجو رشتو جوڙي جدوجهد ڪريون تہ ڏسنداسين تہ قومي دشمن ڪک ۽ قبر کانسواءِ ٻئي ڪنھن هنڌ لڪي نہ سگهندو. اسان کي وچن ڪرڻو پوندو تہ جيڪو سنڌ جي مفادن کي گروي يا وڪرو ڪندو، ان کي اسان ايترو نڀاڳو ۽ نيچ چونداسين، جيترو لڄن ۽ ننگن جي سوداگر کي چيو ويندو آھي. سنڌي قوم ۾ زرخيز ذهنن، مخلص ڪارڪنن، فرض شناس سرويچن، باضمير رهنمائن جي کوٽ ناھي، پر هڪڙا اسان جا پنھنجا سڄڻ اهڙا بہ آهن، جن کي ڪا لالچ بہ ڪانھي پر سر جي سانگي انھن کي بزدل بنائي ڇڏيو آھي. اھي رياستي جبر ۽ ڏاڍ کان ڊڄي قومي جدوجهد کان الڳ ٿي تماشائي بنيل آهن. منھنجي انھن کي وينتي آھي تہ جڏهن اڄ ڌرتيءَ ماءُ جو وجود خطري ۾ آھي. سنڌي قوم جو نانءُ نشان مٽائڻ واريون قوتون سرگرم عمل ۾ آهن. اھي سڄڻ بہ اڳتي وڌن، پاڻ کي تاريخ جو ڏوھاري ٿيڻ کان بچائين. ننگن ۽ دنگن لاءِ جيستائين سر جو سانگو نہ لاهبو، تيستائين منزل ماڳ تي پھچڻ ناممڪن ۽ مشڪل آھي.
ڀڙڪ وري ڀنڀٽ، ڪئي سال سُتو رهئين.