ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

شھيد نذير عباسي انقلابي جدوجهد جو بھادر اڳواڻ

شھيد نذير عباسي هڪ اهڙي راھہ جو راھي هو، جنھن جي وک وک تي واڳون وات پٽيو بيٺا آهن. هُو هڪ اهڙي منزل جو مسافر هو، جنھن جي قدم قدم تي اُڀا تِکا ڪاوا موجود آهن. هو هڪ عظيم انقلابي ڪارڪن هو. جنھن پنھنجي مقصد ۽ نظريي سان ڪمٽمينٽ خاطر پنھنجي ذاتي زندگيءَ جون سڀ خواهشون قربان ڪري ڇڏيون. سنڌ ڌرتيءَ هميشہ مانجهي مرد پيدا ڪيا آهن. شھيد نذير عباسي انھن مان هڪ هو. انقلابي تحريڪن ۾ اهڙا سرويچ ساٿي صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هُن جي شھادت کي ڪيترائي سال گذري ويا آهن پر اڄ بہ ائين محسوس ٿئي ٿو تہ هُو زندہ آھي. هونئن جيڪي ماڻهو مقصد خاطر جان ڏيندا آهن. اھي مَري اَمر ٿي ويندا آهن. زندگيءَ ۾ مونکي سوين انقلابي ڪارڪن مليا آهن پر مان شھيد نذير عباسي جي شخصيت کي وساري نہ سگهيو آھيان.
اڄ نہ اوطاقن ۾، دونھين ڌُنڌ نہ لاٽ،
ويا ويراڳي نڪري، چت چکائي چاٽ،
ماريس تنھن ماٺ، جيجان جوڳيئڙن جي.
(شاهه)
هن جي شخصيت گهڻ پاسائين هُئي. مون ذاتي طور تي شھيد نذير عباسي جي شخصيت ۾ جيڪي خاصيتون ڏٺيون، انھن کي سنڌ واسين آڏو پيش ڪرڻ پنھنجو قومي فرض سمجهان ٿو تہ جيئن قومي انقلابي جدوجهد جا پانڌيئڙا هُن جي حياتيءَ جي احوال مان ڪجهہ پِرائي سگهن. اڪثر قومي تحريڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۾ خُودي (اناپرستيءَ) ۽ وڏائي جا جراثيم وڏي تعداد ۾ موجود هوندا آهن. هُو پاڻ کي عقلمند ۽ مٿانهون سمجهندا آهن پر شھيد نذير عباسي انھن ڳالھين کان پاڪ هو. هُو هميشہ ساٿين جو احترام ڪندو هو. ڀلي اُھي ساٿي هن کان سينيئر هجن يا جونيئر. ساٿين سان مخاطب ٿيڻ مھل هُن جو ڪنڌ ادب سان جهڪيل هوندو هو. پنھنجو موقف هُو هميشہ سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان رکندو هو. هن جي ڳالھائڻ ۾ نماڻائي ۽ عاجزي هوندي هئي. انقلابي ڄاڻ هوندي بہ هُو پاڻ کي طفلِ مڪتب سمجهندو هو. سيکارڻ بدران سِکڻ هُن جو شيوو هو. قومي انقلابي تحريڪن ۾ ڪم ڪندڙ مالي لحاظ کان هميشہ مونجهارن ۾ رھيا آهن ۽ پريشانين کان گهٻرائجي هُو ٿڪجي ماٺ ڪري ويھي رهندا آهن پر شھيد نذير عباسي لاءِ پئسو ڪا بہ اهميت نہ رکندو هو. هُن جون ضرورتون تمام محدود هُيون، هُو ماني صرف پيٽ ڀرڻ لاءِ کائيندو هو. پوءِ ڀلي رُکي ماني پاڻي جي گلاس سان ڇو نہ کائڻي پئي. هُو ڪپڙا صرف جسم کي ڍڪڻ لاءِ اوڍيندو هو، پوءِ اھي ڪپڙا ڀلي نيلامي ڇو نہ هجن يا انھن کي چَتيون لڳل ڇو نہ هُجن. هُو ساٿين کان پئسي جي طلب صرف اهم ضرورتن جي لحاظ کان ڪندو هو، ظاھري رک رکاءُ ۽ ڏيک ويک کان بلڪل پَري هو. شھيد نذير عباسي قرباني ۽ ايثار جو مجموعو هو. پاڻ کي هميشہ ڏُکيو رکندو هو پر گڏ ڪم ڪندڙ ساٿين جون تڪليفون گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ساٿين جي اڪثريت راءِ جو احترام ڪرڻ ۽ انھن کي پاڻ سان گڏ وٺي هلڻ سندس سياست جو بنيادي محور هو. هُن ڪڏهن بہ پنھنجي راءِ ساٿين تي نہ مڙھي. هُو وقت جو پابند هو، ڪنھن سان بہ هُن جو وقت طئه ٿيل هوندو هو تہ نجي، ذاتي مصروفيتون ترڪ ڪري بہ اُتي پھچندو هو. ڪڏهن بہ خاندان جي ڪنھن فرد يا گهرواريءَ جي بيماري جو بھانو نہ بڻايائين. ڪيتري بہ تڪليف هوندي مون هُن جي مُک تي هميشہ مُرڪ جا موتي ڏٺا ۽ هُن جي چھري تي مايوسي ۽ ٿڪاوٽ جون ريکائون نہ ڏٺيون.
جيسين هُئي جيئري، وِرچي نہ ويٺي،
وڃي ڀونءِ پيٺي، سِڪندي کي سڄڻين.
ڪامريڊ ڄام ساقي جي گرفتاري کانپوءِ پارٽي طرفان هُن تي وڏيون ذميواريون پئجي ويون، جيڪي هُن مرڻ گهڙيءَ تائين خوش اخلاقيءَ ۽ خوشدلي سان نڀايون. هُن ننڍي عُمر ۾ اهو ثابت ڪيو تہ هُو پيڙھيل عوام کي قومي جبر، طبقاتي ڏاڍ کان نجات ڏيارڻ لاءِ پنھنجو سُک چين، تن من قربان ڪري سگهي ٿو.
عاشق آرام، ڪڏهن تان ڪونہ ڪيو،
طعني ڪيا تمام، حبيباڻي ھيڪڙي.
مُلڪ ۾ منصفاڻي سماج اڏڻ لاءِ هُن جي جاکوڙ اسانجي قومي تاريخ جو حصو آھي. جنھن ”ٽارچر ڪيمپ“ ۾ ڏاڍ ۽ جبر بہ کيس جهُڪائي نہ سگهيو. هُن استحصال، ڦُرلُٽ خلاف مظلومن جي تحريڪ کي پنھنجي ريٽي رت جو نذرانو ڏئي وڌيڪ سگهارو ڪيو. اهو وقت پري ناھي جو منھنجي ڏُکن جي ڏيھہ ۾هڪ ڏينھن ضرور سُکن جو سج اُڀرندو. شھيد نذير عباسي کي اڄ خراجِ تحسين پيش ڪرڻ جو بھترين طريقو ھي آھي تہ اسين اڄ اهو وچن ڪريون تہ هُن پنھنجي لال لهُو سان جيڪا سچائيءَ جي لاٽ ٻاري آھي، اُنکي اُجهامڻ نہ ڏينداسين، پوءِ ڀلي اسانکي حياتيءَ تان هٿ ڇو نہ کڻڻو پئي.
جوڳيئڙا جهان ۾، هُئا منجهہ حمام،
ارمان اڳ ٿيا، اوڏا نہ آرام،
ڪيائون قيام، آئون نہ جيئري ان ري.
(شاهه)