ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

ڪاليج بئنڪ يا هوٽل

پاڪستان هڪ سياسي تجربہ گاھہ آھي، جتي 59 سالن کان مختلف تجربا ٿيندا رھيا آهن، تجربن ئي تجربن ۾ اڌ ملڪ هٿن مان هليو ويو، پر اسان تجربن مان هٿ نہ ڪڍيو آھي. موجودہ فوجي آمريت جي دور ۾ هڪ جنرل تنوير نقوي ملڪ کي نئون ”سياسي نظام“ ڏنو آھي، جنھن کي جيڪڏهن ”انتظامي نظام“ سڏيون تہ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو. جنرل تنوير نقوي کي ملڪ ۾ نئون انتظامي ڍانچي يا سياسي نظام جوڙڻ جو ”ٽاسڪ“ ڏنو ويو. هن نظام جي خاص ڳالھہ اھا آھي تہ ملڪ جي ”سول بيوروڪريسي“ لاءِ رکيل عھدن جا نالا تبديل ڪيا ويا، جيئن تہ مٿين انتظامي سطح تي وفاقي سيڪريٽري هوندا آهن، انھن کان پوءِ سيڪريٽريٽ جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ ايڊيشنل سيڪريٽري، جوائنٽ سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪشن آفيسر هوندا آهن. اهڙي طرح صوبن ۾ چيف سيڪريٽري، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري، اسپيشل سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، ڊپٽي سيڪريٽري ۽ سيڪشن آفيسر هوندا آهن. برصغير ۾ اهڙا آفيسر ”انڊين سول سروس“ (ICS) جو امتحان پاس ڪري سول سروس اڪيڊمي ۾ تربيت وٺڻ کانپوءِ انھن عھدن تي مقرر ڪيا ويندا هئا. ننڍي کنڊ جي ورھاڱي کانپوءِ پاڪستان پنھنجو هڪ انتظامي ڍانچو جوڙيو، جنھن کي وفاقي سطح تي هلائڻ لاءِ CSP يا CSS ۽ صوبن کي هلائڻ لاءِ PCS جو نالو ڏنو ويو. هن وقت بہ وفاقي سطح تي CSS جو امتحان ڏيڻ لاءِ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن موجود آھي ۽ صوبن ۾ PCS جي امتحان لاءِ صوبائي پبلڪ سروس ڪميشن موجود آھي. سيڪريٽريٽ سطح تي وفاق توڙي صوبن ۾ عھدن ۾ ڪابہ تبديلي نہ آندي ويئي، پر ڊويزنل يا ضلعي سطح تي آفيسرن جي پوسٽن جا نالا تبديل ڪيا ويا، ڪمشنر جو عھدو ختم ڪيو ويو، ضلعن ۾ ڊپٽي ڪمشنرن بدران ڊي سي او (ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر) مقرر ڪيا ويا، انھن جي مدد لاءِ مختلف کاتن لاءِ ايگزيڪٽو ڊسٽرڪٽ آفيسر ۽ ڊسٽرڪٽ آفيسر مقرر ڪيا ويا. سنڌ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس 2000ع تحت ضلعن ۾ ضلعي ناظم، ٽائون ناظم، تعلقي ناظم، يونين ڪائونسل ۽ ڪائونسلرن تي مشتمل هڪ نئون انتظامي ڍانچو جوڙڻ جو اعلان ڪيو ويو. ضلعي حڪومتن کي ضلعي جي حدن اندر 14 گريڊ تائين آفيسر رکڻ ۽ بدلي ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا، باقي مٿين گريڊن جي آفيسرن جي پوسٽنگ جا اختيار صوبائي حڪومت حوالي ڪيا ويا. ستن سالن گذرڻ کانپوءِ هن نظام مان عام ماڻهو کي ڪو لاڀ نہ مليو آھي، پر ھر سطح تي ڪرپشن ۾ واڌ آئي آھي. ماضي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ڊويزنل سطح تي ڪمشنر ۽ ضلعي سطح تي ڊپٽي ڪمشنر هوندا هئا، جيڪي پنھنجي صلاحيتن آھر انتظام کي بھتر بنائڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ۽ عوام جي ٽڪو پئسو دادرسي ٿيندي هئي، ھينئر ڪٿي بہ حڪومت جي “Writ”نظر نٿي اچي. جڏهن کان ضلعي نظامِ حڪومت قائم ٿيو آھي، عوام آزار ۾ مبتلا آھي، ڪٿي بہ امان امان نظر نٿو اچي ۽ نہ ئي ڪو ماڻهن جي دادرسي ٿئي ٿي. ضلعي نظام حڪومت ۾ عوام مٿان جيڪي ”ناظم“ رکيا آهن، تن سڄي خلقِ خدا کي آزاريو آھي. عوام جي خدمت بدران پنھنجا گهر ڀريا آهن، ائين لڳي ٿو تہ ملڪ اندر ضلعي حڪومتن جي روپ ۾ ننڍيون ننڍيون ”خودمختيار رياستون“ قائم ڪيون ويون آهن. ضلعن ۾ رهندڙ مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جي قسمت جو مالڪ ”جاگيردارن، وڏيرن ۽ ڀوتارن“ کي بنايو ويو آھي، جيڪي ڪنھن بہ ”اٿارٽي“ اڳيان ذميوار ناهن، ضلعي ناظم انھن جهنگلي ھاٿين جيان آهن، جن کي قابو ۾ آڻڻ لاءِ ڪو ”مھار“ ناھي ۽ اھي بدمست ٿي عوام کي چيڀاٽي رھيا آهن. ستن سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ جي تعليمي نظام کي رسيو آھي، خاص طور تي ”ڪاليج ايجوڪيشن“ مڪمل طور تي تباھہ ٿي چڪي آھي. ضلعي سطح تي اختيار نہ هئڻ سبب اڄ بہ سوين ڪاليج پرنسپالن کانسواءِ هلي رھيا آهن، سوين گرلز ۽ بوائز ڪاليجن ۾ سائنسي توڙي آرٽس جا استاد موجود ناهن، ستن سالن ۾ نوڪرين تي پابندي هڻڻ ڪري ڪاليجن ۾ پٽيوالن، چوڪيدارن، ليبارٽري اٽينڊنٽ، ليبارٽري اسسٽنٽ، ڪلرڪن، اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ جون ٻن هزارن کان مٿي جايون خالي پيل آهن. موجودہ اُڀرندڙ ڪاليجن جي تعليمي نظام کي آڏو رکي سپلا سڀ کان پھرين اهو مطالبو رکيو تہ ”ڪاليج ايجوڪيشن“ کي ضلعي حڪومتن بدران صوبائي حڪومت جي تحويل ۾ ڏنو وڃي. آخر طويل جدوجهد کان پوءِ سنڌ جي گورنر، لوڪل سيلف گورنمينٽ آرڊيننس 2002ع ۾ هڪ ترميم ڪئي آھي، جنھن تحت ڪاليجن کي 20 جون 2006ع کانپوءِ ضلعي حڪومتن بدران صوبائي حڪومت حوالي ڪيو ويندو. اسان جي سول بيوروڪريسي ۾ گهڻو ڪري اهڙن ڪامورن جي اڪثريت آھي، جيڪي خلقِ خدا کي آزاريندا آيا آهن، صرف آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪامورا موجود آهن، جن کي خوفِ خدا بہ آھي ۽ جن ۾ خلقِ خدمت جو جذبو بہ موجود آھي، اسان هميشہ اهو عرض رکندا آيا آھيون تہ ھي دور ”اسپيشلائزيشن“ جو دور آھي، انڪري تعليم کاتي جو سيڪريٽري ڪنھن اهل، ايماندار ۽ اصول پرست استاد کي بڻايو وڃي تہ جيئن سنڌ جي اُڀرندڙ تعليمي نظام کي بچائي سگهجي. جھڙي طرح هن وقت سنڌ حڪومت جي ”آبپاشي کاتي“ جو سيڪريٽري هڪ انجنيئر آھي ۽ صحت کاتي جو سيڪريٽري هڪ ”ڊاڪٽر“ آھي تہ اهڙي طرح تعليم کاتي جو سيڪريٽري بہ هڪ استاد کي بڻايو وڃي. هڪ استاد ئي تعليم جا پيچيدہ مامرا سلجهائي سگهي ٿو. اخبارن ۾ اهو ٻڌڻ ۾ اچي ٿو تہ موجودہ سيڪريٽري تعليم، جنھن جو تعلق “DHG” گروپ سان آھي، ان بہ جنرل تنوير نقوي جي نقش قدم تي هلندي، ڪاليجن جي انتظام لاءِ جيڪو نئون ڍانچو مرتب ڪيو آھي، اهو کل وٽان آھي، شايد سيڪريٽري تعليم جي نظرن ۾ ھاڻ ڪاليج ايجوڪيشن، فائيو اسٽار هوٽل يا بئنڪ آھي. هن صاحب جيڪو انتظامي ڍانچو چيف سيڪريٽري کي سفارش لاءِ موڪليو آھي، ان مطابق سڄي صوبي جي ڪاليجن جو انتظام هلائڻ لاءِ هڪ ”صوبائي تعليمي مئنيجر“ هوندو، جيڪو 20 گريڊ جو هوندو ۽ ان جو ھيڊ ڪوارٽر ڪراچي ۾ هوندو ۽ باقي ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ”ريجنل تعليمي مئنيجر“ هوندا ۽ انھن جا مدد لاءِ ”ڊپٽي تعليمي مئنيجر“ ۽ ”اسسٽنٽ تعليمي مئنيجر“ هوندا. تعليم هڪ معزز پيشو آھي، ان کي بئنڪ يا هوٽل وانگر ڪاروبار نہ سمجهيو وڃي، ان ڪري ماضي وانگر ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڊائريڪٽوريٽس ڪاليج ايجوڪيشن قائم ڪيون وڃن ۽ انھن ۾ 20 گريڊ جا سينيئر، اهل ۽ اعليٰ تعليم يافتہ ايماندار، سٺي شھرت رکندڙ آفيسر، ڪاليج ڪيڊر مان رکيا وڃن ۽ سندن مدد لاءِ ايڊيشنل ڊائريڪٽر، ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مقرر ڪيا وڃن. ڊائريڪٽر ڪاليجز کي گريڊ 1 کان 11 گريڊ تائين تقرري جا اختيار ڏنا وڃن، ليڪچرارن کي بدلي ڪرڻ جا اختيار ڏنا وڃن تہ جيئن ڪاليجن ۾ استادن جي کوٽ پوري ٿي سگهي ۽ ان کانسواءِ جي. پي فنڊ ايڊوانس جي منظوري ۽ طبي موڪل جي منظوري جا اختيار پڻ ڏنا وڃن. جيڪڏهن ڪو نئون عھدو ”ڊائريڪٽر جنرل“ جو پيدا ڪيو وڃي ٿو تہ بھتر ٿيندو، پر ان جو ھيڊ ڪوارٽر ڪراچي بدران حيدرآباد ۾ رکيو وڃي، جھڙي طرح صحت کاتي يا زراعت يا ايڪسائيز ائنڊ ٽيڪيشن کاتن ۾ آھي، انھن جي ڊائريڪٽر جنرل جون آفيسون حيدرآباد ۾ آهن.
باقي جيڪڏهن سيڪريٽري تعليم ان ڳالھہ تي بضد آھي تہ صرف ھر سطح تي تعليم جا ”مئنيجر“ مقرر ڪيا وڃن تہ سيڪريٽري تعليم جي عھدي جو نالو بدلائي ”چيف آپريٽر“ يا ”صدر تعليم“ رکيو وڃي، ايڊيشنل سيڪريٽرين کي ”نائب صدر“ ڪوٺيو وڃي، ڊپٽي سيڪريٽرين کي ”مددگار مئنيجر“ سڏيو وڃي، پرنسپالن کي ”ڪاليج مئنيجر“، استادن کي ”سيڪنڊ آفيسر“ ۽ شاگردن کي ”گراهڪ“ يا “Clint” سڏيو وڃي تہ ماشاءَ الله، سيڪريٽري تعليم جي ڪارڪردگي کي چار چنڊ لڳي ويندا، کيس تاريخ ۾ هميشہ هميشہ لاءِ ياد رکيو ويندو. سيڪريٽري تعليم جي ويجهو ”تعليم“ صرف ڪمائي جو ذريعو آھي تہ پوءِ پرائيويٽ تعليمي ادارن جيان سرڪاري تعليمي ادارن کي پڻ ”تجارت“ جو ذريعو سمجهيو وڃي ۽ سرڪار کي انھيءَ دعويٰ تان هٿ کڻڻ گهرجي تہ سرڪار غريبن لاءِ ميٽرڪ تائين تعليم مفت ڪرڻ گهري ٿي، اعليٰ تعليم بہ سستي ڪرڻ گهري ٿي ۽ تعليم لاءِ سرڪار جيڪو ھي نعرو هنيو آھي تہ “Education for all” ان کي “Education for few” سمجهڻ گهرجي. هونئن بہ تعليم کاتي طرفان اسڪالرشپ ڏيڻ يا ڪتاب مفت ورھائڻ وارا اعلان ڪيا وڃن ٿا، اھي هڪ موالي جي ٻٽاڪ کان وڌيڪ ڪابہ حيثيت نٿا رکن، جيڪڏهن سنڌ سرڪار سنڌ ۽ سنڌين سان مخلص آھي تہ تعليم کاتو سنڌ سان درد رکندڙ ايماندار، اهل استاد حوالي ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ هڪ استاد آڏو تعليم هڪ مقدس فرض آھي، ڪمائيءَ جو ذريعو ناھي. جتي سرڪار ٻيا تجربا ڪيا آهن، اتي هڪ استاد کي سيڪريٽري تعليم جي عھدي تي رکي تجربو ڪري ڏسي. مون کي پڪ ھي تہ سرڪار هن تجربي مان مايوس نہ ٿيندي.