ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

انتظامي ادارن جي ناڪاميءَ جو ذميوار ڪير آھي؟

آمريڪي ميگزين ”فارين پاليسي ائنڊ فنڊ فار پيس“ نالي هڪ آمريڪي تنظيم تازو دنيا ۾ جن ”ناڪام رياستن“ جي فھرست شايع ڪئي آھي، ان ۾ پاڪستان کي ”نائين نمبر“ تي رکيو ويو آھي، جڏهن تہ سوڊان کي ”دنيا جي ناڪام ترين رياست“ قرار ڏنو ويو آھي. پھرين ڏهن نمبرن تي جن رياستن کي رکيو ويو آھي، انھن ۾ سوڊان، ڪانگو، آئيوري ڪوسٽ، عراق، زمبابوي، چاڊ، صوماليہ، ھيٽي، پاڪستان ۽ افغانستان شامل آهن.
گذريل سال ناڪام رياستن جي لسٽ ۾ پاڪستان 34 ھين نمبر تي هو. صرف هڪ سال ۾ ان عالمي اداري جي نظر ۾ پاڪستان جي پوزيشن ايتري تہ ڪمزور ٿي ويئي آھي، جو ان کي نائين نمبر تي رکيو ويو آھي. هن رپورٽ ۾ پاڪستان کي جن سببن جي ڪري ”ناڪام رياست“ قرار ڏنو ويو آھي، سي ھيٺيان آهن: (1) پاڪستان جي حڪومت اڃا تائين سرحد صوبي جي قبائلي علائقن ۾ هلندڙ مزاحمت کي ختم نہ ڪري سگهي آھي ۽ ھر روز هن آپريشن ۾ سوِلين توڙي نان سوِلين ماڻهو موت جو شڪار ٿيندا رهن ٿا. گذريل سال 8 آڪٽوبر تي ڪشمير ۽ صوبي سرحد ۾ آيل ڀيانڪ زلزلي سبب هزارين خاندان بي گهر ٿي ويا. هن قدرتي آفت کي منھن ڏيڻ لاءِ پاڪستان ۾ ڪنھن بہ موثر سرڪاري اداري جو وجود نہ هو. پاڪستاني حڪومت متاثر ٿيل مظلوم ماڻهن کي ٻيھر آباد ڪرڻ لاءِ ڪي بہ منظم ۽ ٺوس قدم نہ کڻي سگهي آھي.
(2) پاڪستان ۾ رهندڙ قومن ۾ شديد قسم جي بيچيني وڌي وڻ ٿي چڪي آھي. پاڪستاني وفاق ۾ شامل وحدتون موجودہ پاڪستاني رياست مان مطمئن ناهن، ان ڪري نسلي ۽ قومي ڇڪتاڻ ڏينهون ڏينھن وڌي رھي آھي. رپورٽ مطابق، پاڪستاني رياست هن وقت پنھنجي مشڪل ۽ پيچيدہ دور مان گذري رھي آھي. ڪيترن ئي علائقن تي پاڪستاني رياست جو ڪنٽرول نہ رھيو آھي. عوام جي اڪثريت موجودہ حڪومت کي جائز تصور نٿي ڪري. اجتماعي فيصلن ۾ عوام جو عمل دخل نہ آھي. حڪومت عوام کي بنيادي سهولتون ميسر نہ ڪري سگهي آھي. 58 سالن ۾ پاڪستان جي رياست ماڻهن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي بہ مھيا نہ ڪري سگهي آھي، جيڪو انساني زندگيءَ جي جياپي لاءِ بيحد ضروري آھي.
جيڪي ٻيون خرابيون بيان ڪيون ويون آهن، انھن ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن وارو ذڪر پڻ آھي. ڪرپشن ھر کاتي ۾ ماضيءَ کان ڏهوڻ تي وڌي آھي. ڪرپشن کي روڪڻ لاءِ ذميوار ادارا ڪو موثر ڪردار ادا نہ ڪري سگهيا آهن. ڪرپشن جي الزام ھيٺ آيل سياستدانن جي اڪثريت حڪومت ۾ شامل آھي. ٽيڪسن جي وصوليءَ جو نظام بہ گهڻي ڀاڱي ناڪام ٿي چڪو آھي. پاڪستان ۾ صرف ھيٺين طبقي کان ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو، پر ”وڏيون مڇيون“ پورو ٽيڪس ادا نٿيون ڪن. ٻھراڙين ۾ پاڻيءَ جي کوٽ سبب ماڻهو مجبور ٿي شھرن ڏانھن لڏ پلاڻ ڪري رھيا آهن ۽ حڪومت انھن کي مناسب روزگار مھيا نہ ڪري سگهي آھي. ملڪ جو معاشي نظام صرف سرمائيدارن جي فائدي لاءِ آھي، ان ڪري امير ڏينهون ڏينھن امير تر ۽ غريب ڏينهون ڏينھن غريب تر ٿي رھيو آھي. ناڪام معاشي نظام جي ڪري پاڪستان جي سول سوسائٽي تي منفي اثرا پئجي رھيا آهن. سماج مان امن ۽ آشتي ختم ٿي ويئي آھي. قابل ۽ اهل ماڻهو ملڪ مان لڏي رھيا آهن، جيڪا هڪ خطرناڪ ڳالھہ آھي. سماج ۾ ماحولياتي گدلاڻ عروج تي آھي. هوا، پاڻي، روشني سڀ ماحولياتي گدلاڻ مان متاثر ٿي رھيا آهن. جنھن شيءِ زندہ ماڻهن مان جيئڻ جو اتساھہ ختم ڪيو آھي، اھا راڪيٽ رفتار مھانگائي آھي. پيٽرول، ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ تمام گهڻو اضافو ڪيو ويو آھي. واپڊا بہ بجلي جا اگهہ وڌائڻ جي موڊ ۾ آھي، انڪري سڄي ملڪ ۾ لو شيڊنگ جو آزار آھي. پيٽرول جو اگهہ تہ ڄاڻي واڻي وڌايو ويو آھي، عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جون قيمتون ڪري رھيون آهن. سعودي عرب تازو پيٽرول جي قيمتن ۾ 30 سيڪڙو ڪمي آندي آھي، اسان وٽ پيٽرول جي کپت جو وڏو حصو سعودي عرب مان درآمد ٿئي ٿو، پر هتي پيٽرول جون قيمتون وڌي رھيون آهن. ايران جي سرحد ويجهي هجڻ ڪري ڪوئيٽه ۾ 10 رپين کان 12 رپين تائين پيٽرول ملي رھيو آھي. پوءِ پاڪستان جي عوام کي 58 رپين ۾ ڇو وڪرو ڪيو پيو وڃي؟ جڏهن تہ هندستان ۾ پيٽروليم جي پيداوار تي 10 سيڪڙو ٽيڪس گهٽايو ويو آھي. پاڪستان جي پيٽرول جي ضرورت سعودي عرب، ايران ۽ خليجي عرب ملڪ پوري ڪري رھيا آهن. عوام کي پيٽرول جي اگهن ۾ رعايت ڏيڻ بدران ملڪي ۽ غير ملڪي پيٽروليم ڪمپنين کي فائدو پھچايو پيو وڃي. ھاڻ تہ ٽرانسپورٽ ۽ ريلوي جي ڀاڙن ۾ بہ اضافو ڪيو ويو آھي. عام ماڻهوءَ کان سفري سهولتون کسيون ويون آهن. شايد ھاڻ ماڻهو وري سواريءَ لاءِ اٺ، گهوڙا ۽ گڏھہ استعمال ڪن. کنڊ جون قيمتون هٿرادو طور تي وڌايون ويون آهن. حڪومت ۾ شامل چند سرمائيدارن کي فائدو پھچائڻ لاءِ ٻن مھينن اندر کنڊ جو اگهہ 27 رپين مان 42 رپين تائين پھچايو ويو. ايوب خان جي دور ۾ صرف چار آنا في ڪلو کنڊ ۾ اضافو ڪيو ويو هو تہ سڄي ملڪ جو عوام رستن تي اچي ويو هو. پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽيءَ کنڊ جو اگهہ وڌائڻ جو ذميوار حڪومت ۾ شامل وزيرن ۽ مشيرن کي قرار ڏنو آھي، جن جا کنڊ جا ڪارخانا آهن، شروع شروع ۾ حڪومت نيب کي حڪم ڏنو تہ کنڊ جي اگهہ ۾ اضافي جي تحقيقات ڪرائي وڃي، بعد ۾ ”پراسرار“ نموني اهو حڪم واپس ورتو ويو. موجودہ حڪومت عوام کي اهو باور ڪرائي ٿي، اسان جو ملڪ ترقي ڪري رھيو آھي، اسان ڪشڪول ڀڃي ڇڏيو آھي. اسان وٽ 13 ارب ڊالر جا پرڏيھي ناڻي جا ذخيرا موجود آهن ۽ ھر پاڪستاني ماڻهوءَ جي آمدني ساليانہ 800 ڊالر آھي. ڇا اسان اهو پڇي سگهون ٿا تہ عوام جي في ڪس آمدنيءَ جي اضافي وارن انگن اکرن ۾ ڌاڙيل، چور، رهزن، رشوت خور، ڪرپٽ سول ۽ نان سويلين عملدارن جي آمدني بہ شامل آھي؟
9/11 کانپوءِ پاڪستانين تمام گهڻو پرڏيھي ناڻو پاڪستان موڪليو آھي، جيڪي کربين ڊالر ٿين ٿا. اھا رقم ڪيڏانھن ويئي؟ گذريل سالن ۾ پبلڪ سيڪٽر ۾ هڪ بہ يونيورسٽي نہ کولي ويئي، نہ ھائر ايجوڪيشن لاءِ تعليمي ادارا کوليا ويا. جيڪي پوليٽيڪنيڪل ڪاليج هئا، انھن جي اڪثريت بند ٿي ويئي آھي ۽ ھاڻ انھن ۾ ناظمن ۽ نائب ناظمن جون آفيسون قائم ٿي چڪيون آهن. ٻھراڙين ۾ جيڪي اسڪول کليا هئا، اھي اڄ اوطاقون آهن. سنڌ ۾ 6900 اسڪول بند پيا آهن، انھن جي هلائڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪو بہ منصوبو ناھي. سنڌ ۾ 12 هزار کان وڌيڪ اسڪول عمارتن جي بغير هلي رھيا آهن، انھن جي عمارتن جوڙڻ لاءِ تعليم کاتي وٽ ڪا اسڪيم ناھي. عوام کي تعليم ۽ صحت جون سهولتون پھچائڻ حڪومت جي اولين ذميواري آھي، پر حڪومت تعليمي ادارن ۽ اسپتالن مان جان ڇڏائڻ چاھي ٿي، انڪري نجڪاريءَ لاءِ روز نت نوان منصوبا جوڙيا پيا وڃن. سنڌ جي زراعت تباھہ ٿي چڪي آھي، فصل تہ ڇا، پر ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي بہ نٿو ملي. ھاڻ تہ بجليءَ جي اگهہ ۾ اضافي جون خبرون بہ اچي رھيون آهن. انڊيا ۾ جڏهن سرڪار ھارين ۾ مفت زمينون ورھايون، تہ انھن کي پاڻي ۽ بجلي بہ مفت فراهم ڪئي ۽ اهو سلسلو اڄ ڏينھن تائين جاري آھي، جنھن ڪري ڀارت ۾ جيڪو فروٽ ۽ ڀاڄيون پيدا ٿين ٿيون، اھي گهٽ لاڳت سبب سستيون آهن. ملڪ ۾ موجودہ سياسي بحران جو اهم سبب عوام کي بنيادي سهولتون مھيا نہ ڪرڻ آھي. حڪومت عوام جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت لاءِ ڪي ٺوس ۽ منظم قدم نہ کنيا آهن، ان ڪري جيستائين حڪمران پنھنجي آئيني فرضن کان انحراف ڪندا رهندا، تيستائين بحرانن ۾ ڪميءَ جو ڪو امڪان پيدا ٿي نہ سگهندو.