ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

رايو: پروفيسر لياقت عزيز سولنگي ھڪ تحريڪ، تنظيم ۽ خيال به

ھن ملڪ ۾ تاريخ کي مسخ ڪري پيش ڪرڻ جي روايت پراڻي آھي. ھڪ طرف پوري دنيا آھي جيڪا پنھنجي تاريخ کي پنھنجو ورثو سمجهي ٿي ۽ ان تي فخر ڪري ٿي، جڏھن تہ ٻئي طرف پاڪستان جا محققين، اڪابرين، جذبہ حُب الوطني ۽ ايمان ۽ تقويٰ سان سرشار نسلي، مذھبي ۽ فرقه پرستي جا واھڙ وھائيندي تاريخ جو چھرو مسخ ڪرڻ بلڪه ميسارڻ جي ڪڍ لڳل آھن. ھي رويا دراصل پنھنجي ذات ۾ بتدريج (سيڊسٽ) يعني پنھنجن ڪمزورين کي ان طرح ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ ھوندو آھي تہ جيئن ان مان ماڻھن جي ھڪ وڏي اڪثريت جون ھمدرديون حاصل ڪري سگهجن ۽ پڙھڻ واري لاءِ ان قسم جو تاثر پيدا ڪن تہ سموري دنيا خاص طرح ھندو، مسلمانن جا دشمن نمبر ون آھن. جنھن لاءِ تاريخ جي ورقن ۾ پنھنجي طرح جا قصا ۽ فرسودہ تصور داخل ڪندا رھن ٿا. ھي اھا ڳالھہ ڪڏھن بہ ٻُڌائڻ لاءِ تيار ناھن تہ حسين بن منصور، عباسي سلطنت جي مخالفت ان ڪري ڪئي تہ انھن مقامي غير مسلم آبادي سان واضع غير اسلامي ۽ غير انساني رويا روا رکيا. ھنن تاريخ کي مسخ ڪندي ايترو چيو تہ حسين بن منصور حلاج ھڪ غير مسلم ڇوڪري جي ڪري جان ڏني. اھڙي طرح ان روايت کي قائم رکندي ھنن پاڪستان جي تاريخ کي مسخ ڪرڻ جي پوري پوري ڪوشش ڪئي آھي. جنھن جو مثال اسانجو تعليمي ۽ تدريسي نظام آھي، جو دنيا ۾ فرسودہ ترين نظام مان ھڪ آھي. جنھن ۾ آرٽ ۽ سائنس ھڪ مذاق کانسواءِ ڪجهه بہ ناھي. ھي مسلمانن جي برڪتن، دور حڪومتن جو تہ فراخدلي سان ذڪر ڪن ٿا پر تحريڪ آزادي، روشن خيال تحريڪن ۾ ٻين جو ڪھڙو ۽ ڪيترو ڪردار ھو ۽ آھي ٻُڌائڻ لاءِ تيار ناھن. نامور محقق ڊاڪٽر ڪي ڪي عزيز جي ڪتاب جو عنوان آھي (مرڊر آف ھسٽري اِن پاڪستان) جيڪو ان ڳالھه جو احاطو ڪري ٿو تہ ڪھڙي طرح پاڪستان جي تاريخ جو چھرو مسخ ڪيو ويو آھي. تاريخ جا اصول ان وقت بيحد تلخ ٿين ٿا، جڏھن اھي زندگيءَ جي حقيقتن جي برعڪس رياستي ثناخورن جي ور چڙھي وڃن ٿا. ھن ملڪ ۾ ڪيترا اھڙا مصنف رھيا آھن، جن حقيقي معنيٰ ۾ زندگي جي حقيقي سوالن کي ايڊريس ڪيو آھي ۽ عوام دوست نيريٽو جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. منھنجي نظر ۾ اھي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻھو ٿيندا انھن ۾ سائين لياقت عزيز سولنگي بہ آھي. سائين لياقت عزيز سولنگي جو شمار انھن ترقي پسند، جمھوريت پسند، سيڪيولر ۽ انقلابي خيالن جي ماڻھن ۾ ٿئي ٿو، جن پنھنجي زماني جي ظلمت ۽ ضياءُ کي چيئلنج ڪيو. ۽ سماج ۾ نوان قدر ۽ نوان سوال متعارف ڪرايا، ضياءُ آمريت جو زمانو پاڪستان جي تاريخ جو بدترين، سياھ ۽ گهپ اونداھي وارو دور ھو. پاڪستان ۽ خاص طرح سنڌ جي تھذيبي فضا بارود، ھٿيارن، ھيروئن ۽ خودرو نسلي ۽ مذھبي گروھن جي ور چڙھي وئي هئي، اھڙي ماحول ۾ سائين لياقت عزيز سولنگي سنڌ جي تھذيبي فضا ۽ تاريخ کي مسخ ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ قلم ذريعي جيڪا ويڙھ وڙھي اھا ھاڻ بہ سماج جي ڪيترن ڪمزور ماڻھن لاءِ اتساھ جو سبب بڻيل آھي. سائين لياقت عزيز سولنگي جي مضمونن جو تفصيل تہ ھن ڪتاب ۾ موجود آھي پر ھنن مضمونن جي خاص ڳالھه تہ اھي پنھنجي تاريخي، سياسي، سماجي، تخليقي ۽ تحقيقي حيثيت پڻ رکن ٿا، تحقيق ۽ ادب ھي ٻہ مختلف رخ آھن، جيڪي ڪنھن بہ انسان جي صحيح تشريح ڪن ٿا، انڪري صحيح معنيٰ ۾ سائين لياقت عزيز سولنگي جي تشريح عوامي جدوجهد جي تاريخ کي مسخ ٿيڻ کان بچائڻ ھو، جنھن لاءِ ھن کي سخت محنت ۽ جدوجهد ڪرڻي پئي ھئي. ھن ملڪ ۾ ان حوالي سان ٻن ماڻھن جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو، سبط حسن ۽ فيض احمد فيض ۽ ٽيون منھنجي نظر ۾ عوامي مسئلن تي تحقيقي ۽ تاريخي ڪم سائين لياقت عزيز سولنگي جو ھو. سائين جيئن تہ پاڻ علم تدريس جو ماڻھو ھو، انڪري بہ ھن جي لکڻين جا موضوع بيحد سنجيدہ ۽ صحافتي تحقيقي۽ ادبي رھيا. جي ڏسجي تہ تاريخ جو جدلياتي تصور ۽ انساني شعور پنھنجي خارجي سبب امڪان ۽ تبديل ٿيندڙ سماجي قدر ۽ ان ۾ موجود نظام پيداوار ۽ ڪلاس جي متضاد سوالن جي نتيجي ۾ جنم وٺن ٿا. جنھن ۾ سائين لياقت عزيز سولنگي جھڙن ماڻھن جو ڪردار نئين امڪانن ۽ سوالن کي پيدا ڪرڻ وارو ھجي ٿو، جتان پوءِ زندگيءَ جا نوان فڪر ۽ نوان نظريا جنم وٺن ٿا. سائين لياقت عزيز سولنگي جو خيال ھو تہ روشن خيالي ۽ انقلابي نظريا طبقاتي جدوجهد واري عمل جي نتيجي ۾ پيدا ٿين ٿا. انڪري سائين جي هن ڪتاب ۾ شامل سمورن مضمونن جو تعلق ھڪ نئين سماج کي تخليق ڪرڻ جي پسمنظر ۾ ھو، سائين ڪنھن بہ نظريي ۽ فرد کي عقيدي پرستي جي اک سان ڏسڻ کان انڪار ڪيو. ۽ هن ڪيترن مضمونن ۾ پنھنجن سياسي رفقائن جي ڪمزورين کي پنھنجن لکڻين ۾ آندو آھي. جي ڏسجي تہ قديم تھذيب ھاڻ تائين ڪيترن خوبين سان گڏ سماجي طور فرسودہ روايتن ۾ پڻ گهيريل ھجي ٿي! جھڙي طرح سنڌي سماج ھاڻ تائين بہ قبائلي، سرداري، جاگيرداري ۽ نسلي متڀيد واري فرسودہ خيالن ۾ جڪڙيل آھي. اھڙي سماج تي ھڪ بھادر انسان جيڪو پنھنجي علم ۽ شعور ڏانھن پڪو پختو يقين رکندو ھجي. اھو ئي ان جي صحيح تشريح ڪري سگهي ٿو ۽ ان متعلق مضبوط دليل بہ ڏئي سگهي ٿو ۽ ھن ماڻھو ائين ڪري ڏيکاريو. ھن جا هن ڪتاب ۾ شامل ڪيترائي مضمون ان متعلق پڻ آھن. اسان جي جمھوري آدرشن ۽ جمھوري تحريڪ ۾ ھڪ وڏو ۽ تخليقي ڪم پروفيسر لياقت عزيز سولنگي جو آھي، جيڪو ھر دور جي ظلمت کي چئلينج ڪندو رھندو ۽ تاريخ جي سچائيءَ جو دفاع ڪندو رھندو.ان کي مسخ ٿيڻ کان بچائيندو رھندو.

منظور ٿھيم