ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

سرڪار، ملڪي خزانو ۽ غريب عوام

پاڪستان ۾ حڪومت چاھي سولين هجي يا نان سولين، سالياني بجيٽ پيش ڪرڻ وقت اھا دعوى ضرور ڪندي آھي ته”ھيءَ بجيٽ عوامي بجيٽ آھي، جنھن مان عام ماڻهوءَ کي فائدو پھچندو، غربت دور ٿيندي ۽ ملڪ ۾ خوشحالي ايندي.“ عوام اوجاڳيل اکين سان گذريل 59 سالن کان اهڙا سپنا ڏسندو پيو اچي، پر نہ تہ ملڪ مان غربت گهٽي آھي ۽ نہ ئي خوشحالي آئي آھي. پاڪستان ۾ اڄ بہ جيڪڏهن ڪا شيءِ سستي آھي تہ اھا انساني زندگي ئي آھي. انسان نالي جنس جو اگهہ ايترو تہ ڪريل آھي، جو ڪي ماڻهو جيئڻ تي خودڪشيءَ کي ترجيح ڏيڻ لڳا آهن.
هن سال جي بجيٽ، جنھن جي 21 جون تي قومي اسيمبليءَ جي ايوان بہ منظوري ڏني، 15 کرب روپين جي هئي. هن بجيٽ جي منظوريءَ کان علاوه گذريل سال بجيٽ کان وڌيڪ خرچ ڪيل 2 کرب 31 ارب رپين جي”ضمني بجيٽ“ جي منظوري پڻ ڏني ويئي. گذريل سال جي بجيٽ 10 کرب 98 ارب رپين تي مشتمل هئي. قومي اسيمبليءَ ۾ جيڪا ضمني بجيٽ پيش ڪئي ويئي، ان ۾ ڪجهہ خرچ اهڙا بہ آهن، جن مان محسوس ٿئي ٿو تہ اسان وٽ جمھوريت بجاءِ ”بادشاهت“ آھي. موجودہ وفاقي ڪابينہ جيڪا ملڪي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي ڪابينا آھي ۽ جنھن جا 60 کان وڌيڪ ميمبر آهن، تن جي پگهارن، الائونسن، ٽي اي، ڊي اي لاءِ رکيل رقمن کان 13 ڪروڙ 78 لک رپيا وڌيڪ خرچ ٿيا. وفاقي حڪومت لاءِ ٻاھرين ملڪن مان قيمتي”مرسڊيز“ ڪارون گهرائڻ تي ٽيڪسن ۽ ڊيوٽين جي ادائيگي جي مد ۾ 36 ڪروڙ 60 لک، 37 هزار روپيا وڌيڪ خرچ ڪيا ويا. ان لاءِ حڪومت اهو جواز ڄاڻايو آھي تہ ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جا واقعا وڌڻ سبب ٻاھرين ملڪن مان ايندڙ اهم وفدن ۾ شامل ميمبرن جي حفاظتي اپائن خاطر ”بلٽ پروف“ ڪارون گهرايون ويون آهن. پارليامينٽ جي”ڪشمير ڪميٽي“ جي چيئرمين لاءِ پيجارو خريد ڪرڻ لاءِ 50 لک روپيا وڌيڪ خرچ ڪيا ويا. صدر ۽ وزير اعظم لاءِ هوائي جهازن جي خريداريءَ تي 47 ڪروڙ 74 لک 18 هزار رپين جي وڌيڪ رقم خرچ ڪئي ويئي. صدر جي غير ملڪي دورن لاءِ هڪ سال دوران 10 ڪروڙ رپيا ۽ وزير اعظم جي دورن لاءِ 15 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا. رينجرس کي هنگامن کي منھن ڏيڻ واسطي جديد هٿيارن جي خريداريءَ لاءِ 5 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا. وانا آپريشن جي متاثر ماڻهن کي 21 ڪروڙ 33 لک روپين جو معاوضو ڏنو ويو، جيڪو بہ قانون نافذ ڪندڙ ادارن لاءِ ئي هو.
وزير اعظم جي دعويٰ مطابق هن سال عوام جي فلاح، بهبود ۽ ترقيءَ لاءِ بجيٽ ۾ 45 ارب روپيا رکيا ويا آهن. اھا دعوى بہ ڪئي ويئي آھي تہ ملڪ اندر غربت ۾ گهٽتائي آندي ويندي. شھري علائقن ۾ سرڪاري رپورٽن مطابق، غربت جو سبب نوجوانن کي روزگار نہ ملڻ آھي. سرڪاري رپورٽ ۾ ملڪ ۾ غربت جي شرح 30 سيڪڙو ٻڌائي ويئي آھي. پاڪستان پلاننگ ڪميشن جي دعوى آھي تہ 2011ع تائين غربت صرف 15 سيڪڙو وڃي رهندي. تازو گڏيل قومن جي ترقياتي اداريUNDP جي هڪ رپورٽ شايع ٿي آھي، جنھن ۾ چيو ويو آھي تہ پاڪستان جي آباديءَ جو 44 سيڪڙو عوام غربت جي آخري سطح کان بہ ھيٺ زندگي بسر ڪري رھيو آھي. ملڪ ۾ 80 سيڪڙو بيمارين جو اهم ڪارڻ عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي نہ ملڻ ٻڌايو ويو آھي. وزير اعظم شوڪت عزيز چيو آھي تہ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪرڻ لاءِ يونين ڪائونسل سطح تي فلٽريشن پلانٽ لڳايا ويندا. ان مقصد لاءِ 2007ع جي آخر تائين 7 ارب 80 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ملڪ ۾ 2036 فلٽريشن پلانٽ لڳايا ويندا. حڪومت جي زرمبادله جي ذخيرن ۾ 13 ارب ڊالرن کان وڌيڪ رقم هئڻ جي باوجود ملڪ ۾ مھانگائي ۽ بيروزگاريءَ جا مسئلا سنگين ٿيندا پيا وڃن. مھانگائيءَ عام ماڻهوءَ کي تہ متاثر ڪيو آھي، پر مھانگائيءَ جي نتيجي ۾ سڀ کان گهڻو متاثر پگهاردار طبقو ٿيو آھي. هڪ سروي مطابق کائڻ پيئڻ جي شين جي قيمتن ۾ 200 سيڪڙو اضافو ٿيو آھي، پر سرڪار ملازمن جي پگهارن ۾ صرف 15 سيڪڙو واڌ ڪئي ويئي آھي. ملڪ اندر حڪومت طرفان قيمتن تي ڪو بہ ڪنٽرول ناھي رھيو. ضرورت وارين شين جي قيمتن ۾ ھر مھيني اضافو ٿيندو رھي ٿو، جنھن جو اثر عام ماڻهوءَ تي ئي پوي ٿو، پر سرڪار ڪارخانيدارن، سرمائيدارن ۽ واپارين کي ڪجهہ بہ چوڻ لاءِ تيار نہ آھي، ڇاڪاڻ تہ پارليامينٽ جي ٻنھي ايوانن ۾ اهڙن ماڻهن جي نمائندگي موجود آھي. وفاقي ڪابينا ۾ اهڙا ڪيترا ئي وزير شامل آهن، جيڪي شگرملز ۽ ٻين صنعتن جا مالڪ آهن. هن سال جڏهن کنڊ جي قيمتن ۾ اوچتو اضافو ٿيو ۽ 27 رپين مان کنڊ جو في ڪلو 50 رپين تائين وڪامڻ لڳو، تڏهن حڪومت نيب کي قيمتن جي واڌ لاءِ ذميوار ڌرين خلاف ڪارروائيءَ جا حڪم جاري ڪيا، پر حڪومت ۾ شامل بااثر وزيرن ۽ حڪومتي پارٽي جي ميمبرن جي دٻاءَ بعد حڪومت نيب کي ڏنل اهڙيون هدايتون واپس وٺڻ تي مجبور ٿي. جيڪڏهن موجودہ حڪومت واقعي بہ عوام کي ريليف ڏيڻ چاھي ٿي، تہ کيس هن سال ڪنھن بہ شيءِ جي قيمت موجودہ اگهہ کان نہ وڌائڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي ۽ پنھنجي اهڙي اعلان تي سختيءَ سان عملدرآمد پڻ ڪرائڻ گهرجي، پر ظاھر آھي تہ ائين ٿيڻ ممڪن نہ آھي.
سعودي عربيہ، جتي ”بادشاهت“ آھي ۽ جتي ھر سال سڄيءَ دنيا جا لکين مسلمان عمري ۽ حج جي فرض جي ادائيگي لاءِ وڃن ٿا، اتي بہ گذريل 20 سالن دوران کائڻ پيئڻ جي شين جي اگهن ۾ ڪا بہ واڌ نہ ٿي آھي. اتان جا حڪمران بہ اسان جي حڪمرانن وانگر شاھي محلاتن ۾ رهن ٿا، پر عوام کي مھانگائيءَ کان بچائڻ لاءِ انھن سعودي عربيہ ۾ سخت قسم جا قانون نافذ ڪيا آهن. برطانيہ ۾ گذريل ڇھن سالن ۾ پيٽرول، کير، بيدن، ڪڪڙين، کنڊ ۽ ٻين کائڻ پيئڻ جي شين ۾ ڪو بہ اضافو نہ ٿيو آھي، ڇاڪاڻ تہ هڪ مھذب ملڪ جي سرڪار جي بنيادي فرضن ۾ اھا ڳالھہ شامل هوندي آھي تہ اھا پنھنجي ملڪ جي شھرين جا اهنج دور ڪري. ان کانسواءِ هڪ ويلفيئر اسٽيٽ جو تصور جڙي ئي نٿو سگهي. ستن سالن کان جنرل پرويز مشرف جي سرڪار قائم دائم آھي، جيڪڏهن هن جا ”صلاحڪار“ بھتر هجن ھا تہ اھي ملڪي معيشت کي پنھنجن پيرن تي بيھارڻ ۾ ضرور ڪو ڪردار ادا ڪن ھا. جنرل صاحب ميگا پراجيڪٽ جي ڳالھہ ڪري ٿو، پر ملڪ ۾ ستن سالن دوران اهڙو ڪوبہ ميگا پراجيڪٽ تيار نہ ڪيو ويو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ عوام کي ڪو لاڀ حاصل ٿيو هجي.
پاڻي ۽ بجلي انساني جيئاپي لاءِ بنيادي ضرورتون آهن. ستن سالن ۾ موجودہ حڪومت ماڻهن کي صرف پيئڻ جو صاف پاڻي بہ مھيا ڪري نہ سگهي آھي ۽ نہ ئي ڪو بجليءَ جي درست استعمال توڙي اضافي پيداوار لاءِ ڪي اپاءَ ورتا ويا آهن. اڄ سڄي ملڪ ۾ ”لوڊشيڊنگ“ جو آزار آھي، پر حڪومت جي دعوى آھي تہ ملڪ ۾ ڪا بہ لوڊشيڊنگ نہ آھي. ڪراچي جيڪو پاڪستان جو هن وقت واحد انٽرنيشنل بندرگاھہ آھي، اتان جا رهواسي بجلي ۽ پاڻيءَ جي بحران ڪري سخت پريشان آهن. تازو حڪومت ۾ شامل اتحادي ڌر جي چئن وفاقي وزيرن صدر ۽ وزير اعظم کي گڏيل خط لکيو آھي تہ ”ڪراچيءَ ۾ بجليءَ جي بحران کي حل ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ هن اهم مسئلي تي عوام شديد ردعمل جو اظھار ڪري سگهي ٿو.“ ڪراچيءَ جا شھري جنھن تڪليف ڏيندڙ صورتحال ۾ زندگي گهاري رھيا آهن، اھا ئي صورتحال سنڌ جي باقي شھرن ۽ ٻھراڙين جي پڻ آھي، جتي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي غائب رھي ٿي. بجلي ۽ پاڻيءَ وارو وفاقي وزير لياقت جتوئي اھا دعوى ڪندي ٿڪجي نٿو تہ واپڊا وٽ اضافي بجلي آھي ۽ ملڪ ۾ ڪٿي بہ لوڊشيڊنگ ناھي. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي دور ۾ وفاقي وزير کي اهڙي غلط دعوى نٿي جڳائي. ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت اهڙا ڪيئي شھر آهن، جتي بجليءَ سان گڏ پاڻيءَ جو بحران بہ مستقل شڪل اختيار ڪري چڪو آھي. ماڻهو ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيئڻ جي پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ پريشان رهن ٿا. تازو حيدرآباد جي علائقي اسلام آباد جي رهواسين پاڻيءَ جي کوٽ ڪري ڪراچي ويندڙ عوام ايڪسپريس کي ڪيترن ڪلاڪن تائين روڪي ڇڏيو ۽ ٽرين تي پٿراءُ ڪيو. اھا صورتحال سنڌجي ھر وڏي ننڍي شھر ۾ پيدا ٿيندي نظر اچي ٿي. عوام نہ حڪمرانن مان مطمئن آھي ۽ نہ ئي اپوزيشن جي سياسي پارٽين مان. مھانگائي، بيروزگاري، بک، بدحالي، بيمارين عوام جي اڪثريت کي ”اڌ مئو“ ڪري ڇڏيو آھي. حڪمرانن جي اھا ڪوشش آھي تہ اقتدار تي سندن دائمي قبضو رھي. انھيءَ لاءِ اھي ھر آئيني يا آئين کان مٿانهون قدم کڻڻ لاءِ تيار آهن. اپوزيشن عوام جي اصل مسئلن تي ڪا بہ سگهاري تحريڪ هلائڻ لاءِ تيار ناھي. ٻئي ڌريون اسٽيٽسڪو جون قائل ٿيون لڳن. لڳي ٿو تہ اصل واڳ ڌڻين طرفان حڪومتي پارٽي توڙي اپوزيشن کي ڌار ڌار ايجنڊائون ڏنيون ويون آهن تہ اھي مليل ايجنڊائن جي دائري ۾ رھي، پنھنجو پنھنجو ڪردار ادا ڪن. عوام جيئي يا مري، ڪنھن کي ان سان ڪا بہ همدردي نہ آھي.
موجودہ حڪومت جڏهن اھا دعوى ڪري ٿي تہ ملڪي خزاني ۾ 13 ارب ڊالرن جو ذخيرو موجود آھي، تڏهن وتائي فقير جو هڪ لطيفو ياد اچي ٿو. وتايو هڪ بازار مان گذري رھيو هو تہ مٺائيءَ سان ٿالھہ ڀري ويٺل هڪ حلوائيءَ تي نظر پيس. هن ويجهو وڃي کيس اک ۾ آڱر هنئي. حلوائي ڪاوڙ مان چيو، ”فقير اکيون ڇو ٿو ڪڍين؟“ وتائي عاجزيءَ مان وراڻيو تہ ”ڀائو! مون سمجهيو تہ توھان انڌا آھيو، جو اوھان جي اڳيان مٺائين جا ڍير لڳا پيا آهن ۽ توھان انھن کي هٿ بہ نٿا لڳايو.“ دڪاندار وراڻيو تہ ”فقير جيڪڏهن مٺائي کائيندس تہ منھنجو جڻ ٻچو رلي ويندو.“ وتائي ٺھہ پھہ جواب ڏنس تہ ”مونکي کائڻ ڏي، منھنجو ڀلي جڻ ٻچو رلي.“ سرڪاري خزانو بہ شايد ان مٺائيءَ وانگر آھي، جيڪا عوام جي کائڻ لاءِ نہ آھي. جيڪڏهن پيل اربين ڊالرن جي ذخيري مان سرڪار عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ بہ رقمون خرچ ڪري تہ شايد ماڻهن جي تڪليفن ۾ گهڻيءَ حد تائين گهٽتائي اچي سگهي، پر شايد اھا بہ هڪ حڪمت عملي آھي تہ عوام سدائين سورن ۾ هجي. ان جي نظر حڪومتي ايوانن تي نہ پوي. باقي دنيا کي ٻڌائڻ لاءِ ضروري آھي تہ پاڪستان وٽ اربين ڊالر خزاني ۾ موجود آهن، ڇاڪاڻ تہ سرڪاري معيار موجب ملڪي خوشحالي خزاني جمع ڪرڻ سان تعلق رکي ٿي، غربت جي خاتمي ۽ عوام جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ سان ان جو ڪوبہ تعلق نہ آھي.