ڪالم / مضمون

نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

پروفيسر لياقت عزيز ڏاهو ۽ تمام محنتي استاد هئو  پر سندس شخصيت جو لڪل پھلو نظرياتي سوچ هئي جنھن کي هن قول ۽ فعل ۾ ظاھر ڪيو . پروفيسر لياقت عزيز جي ڪالمن ۾ سنڌ جي سمورن سورن ۽ محنت ڪش ماڻھن جي مظلوميت جي عڪاسي ٿيل آھي. ھن سدائين پنھنجي قلم کي ڌرتيءَ ۽ قوم جي امانت سمجهيو آھي. 

Title Cover of book نڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار

اوشو جي فلسفي جھڙو انسان

اوشو درست چيو آھي تہ انسان ڄمڻ کانپوءِ مسلسل مرندا رهن ٿا ۽ مرڻ جو عمل تڪميل تي تڏهن ئي پھچي ٿو، جڏهن جسم مان روح پرواز ڪري وڃي ٿو. هو ان لاءِ جيڪي دليل ڏئي ٿو، انھن جو اختصار ڪجهہ هن ريت بيھي ٿو: ڪو ماڻهو يونان (پنھنجي گهر) مان ممبئي وڃڻ لاءِ نڪري ٿو تہ ان جو سفر شروع ٿي وڃي ٿو. ان جو ھر قدم ممبئيءَ ڏانھن آھي ۽ ان سفر جو اختتام تڏهن ٿئي ٿو، جڏهن هو ممبئي پھچي وڃي ٿو. اهڙي ريت ڄمڻ کان پوءِ انسان جو موت ڏانھن سفر شروع ٿي وڃي ٿو. مرڻ وارو عمل شروع ٿي وڃي ٿو ۽ مرڻ واري عمل جي انتھا تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن روح گهر ۾ هڪ سرد جسم ۽ سوين سوڳوار اکيون ڇڏي وڃي ٿو. اياز موت کي ڪارو اداس حبشي ٿو سڏي، ڪي ماڻهو اجل جي آجيان ڪندا آهن، ڪن کي موت ماري ويندو آھي ۽ ڪي وري موت کي ماري هميشہ لاءِ امر ٿي ويندا آهن. سنڌ ۾ سوين اهڙا آدرشي انسان رھيا آهن، جن کي موت مات ڏيئي ناھي سگهيو. اھي اڃا بہ ماڻهن جي يادگيرين ۾ زندھہ آهن. مون پنھنجي اڳوڻي ڪالم ۾ ڊاڪٽر شڪور دائود پوٽي جو ذڪر ڪيو هو. سنڌ جي ساڃھہ وند ماڻهن جي ڏاهپ ۽ شعور تي سندس محنت جا نقش اڃا بہ موجود آهن. مون جڏهن اهو ڪالم لکيو هو، تڏهن منھنجي وهم ۽ گمان ۾ ئي نہ هو تہ منھنجي ان ڪالم جي پٺيان ترت ئي مون کي هڪ ٻئي عظيم انسان محمد علي اعجاز جي وڇوڙي جي خبر ملندي. محمد علي اعجاز هڪ عظيم انسان هو. هو انھن عظيم انسانن مان هو، جيڪي ذهن تيار ڪندا آهن، انھن کي پختگي عطا ڪندا آهن ۽ انھن جي تربيت ۽ تعمير ڪندا آهن. پيشي جي لحاظ کان تہ هو هڪ پروفيسر هو، پر اهڙو پرفيڪٽ انسان، جيڪو موت جي خوف ۽ مصلحت توڙي مجبوريءَ کي فتح ڪري چڪو هو، جيڪا ڳالھہ سندس بيباڪ لهجي ۽ پرخلوص عمل مان واضح هئي. هن جي روزمره جي معمول ۽ لغت ۾ ”ناممڪن“ جھڙو لفظ ئي نہ هو. اوشو سان ڀلي ڪنھن جا لک اختلاف هجن، پر اوشو جو فلسفو اهڙو آھي، جيڪو ھر دل ۾ قبوليت ماڻي، اتي جاءِ جوڙي ٿو وٺي. محمد علي اعجاز بہ اوشو جي فلسفي جھڙو انسان هو. سندس مخالف بہ سندس محبت جا معترف آهن. اوشو چوي ٿو: ”هڪ لوھار وڏي هٿوڙي سان لوھہ جي گرم ٽڪري کي سانداڻ تي رکي ڌڪ هڻي رھيو هو. لوھار کان ڪنھن پڇيو، ”اهو ڌنڌو ڪڏهن کان پيو ڪرين؟“ ”ست ئي پيڙھيون ان ئي ڪرت سان لڳل رھيون آهن.“ لوھار وراڻيو.
لوھار کان همراھہ وري پڇيو، ”ڀلا ٻڌاءِ، ھيستائين تو پنھنجي عمر ۾ ان ڌنڌي ۾ گهڻا هٿوڙا ڀڳا آهن؟“ لوھار جواب ڏنو: ”ڪئين هٿوڙا ٽُٽي ويا.“ ”۽ سانداڻ؟“ همراھہ پڇيو. لوھار وراڻيو: ”اھا هڪڙي ئي سانداڻ آھي، جيڪا هلندي اچي.“
سانداڻ سھي ٿي، انڪري برقرار آھي. برداشت ڪري ٿي، انڪري ان کي نڪي لھر نڪي لوڏو، باقي هٿوڙا هڻڻ ٿا، اھي ٽُٽي وڃن ٿا. اهو ئي اصول فرد جي زندگيءَ سان بہ لاڳو ڪري سگهجي ٿو، جيڪو ٻين کي ڏکوئي ٿو، ڏک ڏئي ٿو، اهو فنا ٿي وڃي ٿو. سهپ ۽ برداشت کي ئي بقا آھي. اوشو جي اھا تحرير جڏهن ياد ايندي اٿم تہ مون کي محمد علي اعجاز بہ ان سانداڻ جھڙو شخص لڳندو آھي، جنھن کي مخالفت جا ڪي بہ هٿوڙا ٽوڙي ڀڃي ڀوري نہ سگهيا. هُو اڏول هو ۽ آخر تائين اڏول رھيو.
ڪجهہ ڏينھن اڳ مغرب مھل جيئن ئي گهر پھتس تہ فون جي گهنٽي وڳي. فون اسان جي هڪ ڀيڻ فريدہ مشتاق ڪيو هو، جنھن روئندڙ آواز ۾ چيو تہ: ”لياقت ڀائي! محمد علي اعجازڀائي ڪا آج تين بجه انتقال هوگيا ھي.“ مونکي يقين ئي نہ پيو اچي. محمد علي اعجاز جي گهر جي ايڊريس بہ ڀيڻ فريدہ مشتاق ٻڌائي. ڀيڻ فريدہ مشتاق ڪي ٽي اين جي ماڊل ۽ فنڪار علي حماد جي والدہ آھي. مان تڙ تڪڙ ۾ وضو ڪري رب جو نالو وٺي گهران رڪشا ۾ نڪتس. ”پڇڻا نہ منجهڻا“ جي اصول تي هلندي ان جاءِ تي آيس، جتي تڏي تي دوست اڳ ۾ ويٺل هئا. مون صرف ٿڌو ساھہ ڀريو. لُڙڪن اکين مان وهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون انھن کي روڪي ورتو، ڇاڪاڻ تہ ڪيڏو غم ملي. مان روئندو نہ آھيان. بلڪه غم کي طاقت ۾ بدلائڻ جو قائل آھيان. علي اعجاز جي ڪھڙي تعريف ڪجي؟ هن پنھنجي سڄي ڄمار ۾ ڪنھن کي بہ نہ رنجايو. موت برحق آھي. جيڪو انسان هن دنيا ۾ آيو آھي، انھيءَ کي واپس پنھنجي اصل ماڳ ڏي ورڻو آھي، پر اوچتو وڃڻ وارا هڪڙو اهڙو زخم ڏيئي ويندا آهن، جنھن جو ڪوبہ علاج نہ ٿي سگهندو آھي. محمد علي اعجاز جو وڇوڙو وسري نہ سگهندو. هُو پاٻوھہ جو هڪ ڪڪر هو، جيڪو بنا ڪنھن امتياز ۽ ڪينہ پروريءَ جي سنڌ تي ڏاهپ ۽ ساڃاھہ جو وڏ ڦڙو وسائي هليو ويو. اسان سڀ سندس مقروض آھيون. جنھن نئين نسل کي سُرت، ساڃاھہ جي پھرين ڦرھي پڙھائي. افسوس جو کيس ياد ڪرڻ لاءِ اسان جي هن نئين پيڙھيءَ وٽ وقت ئي ڪونھي. ڏک اهو آھي تہ ھاڻي اھا طلب ۽ تڙپ بہ نہ رھي آھي، جيڪا منزل تائين رسائيءَ لاءِ اتساھي. حقيقت ۾ ماڙيون نٿون ماڙين پر مارن جي مُنجهہ ماريو وجهي. هن وقت جڏهن ”بازار“ ۾ ھر شيءِ تي ”براءِ فروخت“ جو اسٽيڪر نظر اچي ٿو، اتي محمد علي اعجاز جي ڏاهپ ۽ ضمير ھر قيمت کان مٿانهون هو. محمد علي اعجاز جي اصلاح ۽ تنقيد جو انداز بہ ان شخص وارو هوندو هو، جيڪو قتل بہ ڪندو آھي، تڏهن بہ پيار سان. محمد علي اعجاز عملي ماڻهو هو. کيس بي عمل جذباتيت ۽ لفاظيءَ کان چِڙ هوندي هئي. محمد علي اعجاز علم ۽ ڏاهپ جي روشنيءَ سان منور سنڌ جا خواب ڏسندڙ شخص هو. هن آخر تائين پنھنجي نيڻن جي ان آس، تڙپ ۽ اتساھہ کي موت اچڻ نہ ڏنو.